تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ڪراچي ڪو لولو ناهي جو ڪانءُ کسي ويندو!

مڃون ٿا ته فروغ نسيم مناسب ڳالهه نه ڪئي، ايم ڪيو ايم وارا ڪراچيءَ کي الڳ ڏسڻ گهرندا آهن، وارو ملندي ئي اهڙي ڳالهه ڪندا رهندا آهن، هيءَ ڪا نئين ڳالهه ناهي، هنن جون تقريرون موجود آهن، پريس ڪانفرنسون رڪارڊ تي رکيون آهن، رڪارڊ تي اسان جو ردعمل به بيانيو بڻيو رکيو پيو آهي. پر هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ڇا اها اسان جو اهڙو رد عمل لهڻي؟ فروغ نسيم جي حيثيت ڪهڙي آ، هن جي اهميت ڇاهي، هو پارٽي جو اڳواڻ به ڪانهي، راءِ به هن ذاتي حيثيت ۾ رکي آهي، هن جي راءِ اسٽريٽجڪ ڪاميٽي جي تجويز به نه بڻي آهي، ڪاميٽيءَ ان ڳالهه کي اڃان پنهنجين سفارشن ۾ شامل نه ڪيو آهي. ڳالهه وزيراعظم تائين نه پهتي آهي، قبوليت جي سنَدَ به نه ملي اٿس، اهڙي ڪابه شيءِ نه ٿي آهي جيڪا اسان کي پنهنجن ڪمن کان سيڙائي، احتجاج سان لڳائي ڇڏي. اهڙيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، ڪرڻ وارا ڪندا آهن، پاڻهي ڦڪا ٿيندا آهن، هٿ ڪجهه نه ايندو اٿن. منهنجي به گهڻو ئي دل چاهيو ته لئيءَ مان لٺ ڀڃي الاتوهار وارن ۾ شامل ٿي وڃان، ڳالهه کي اهڙي نموني کنيو ويو آهي جو جذباتي رد عمل نه رکڻ وارو ڪانئر ٿو ليکيو وڃي، پر وزير قانون جي ڪيل ڳالهه تي غور ڪرڻ سان اهو پارو نٿو چڙهي جيڪو ان حوالي سان هڪٻئي جي ريس تي چڙهي ٿو. ڳالهه آئين جي هڪ آرٽيڪل جي حوالي سان ڪيل آهي، اهو آرٽيڪل جيڪو آئين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وڌو هو ۽ اهو آرٽيڪل 149 صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ واري 18هين ترميم ۾ به باقي رکيو ويو، تنهن جي معنيٰ ته اهڙو ڪو خراب آرٽيڪل به نه هو، ته پوءِ ان جي ايپليڪيشن ڪيئن بُري ٿي؟ اهو ڪن ماڻهن جي موڊ تي ته ناهي جو ڪڏهن ان کي برو سمجهن ته برو آهي، چڱو چون ته چڱو آهي!!آرٽيڪل 149 (4) نه مارشل هڻڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، نه گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت ٿو ٻڌائي، نه صوبائي حڪومت کي هيڏي هوڏي ٿو ڪري، رڳو خط لکي صورتحال بابت پُڇا ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، جيڪڏهن وفاق کي ايترو حق به ناهي ته سندس اهو حق 18هين ترميم ۾ اُڏاري ڇڏجي ها، برقرار رکڻ وارن کي هاڻي اعتراض ڪرڻ نٿو ٺهي، جيڪڏهن صوبن جا آئيني حق ۽ اختيار آهن ته وفاق جا به آهن، استحقاق باهمي آهي، هڪ طرفو ته ناهي، باقي جيڪڏهن ان حوالي سان ڪو وڌاءُ ٿو ڪري ته اها ان جي بدنيتي هوندي، اهڙي ڪنهن جي به نه هلندي، آئين جي تشريح عدالت ڪندي، ايتري دلجاءِ ڪري سگهجي ٿي. ڪراچيءَ کي ڪسٽڊي ۾ وٺڻ ۽ کسڻ جهڙيون ڳالهيون ڪن جون ڊاڙون ٿي سگهن ٿيون، حقيقت نه!
اسان کي پنهنجي انداز ۽ مزاج تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇا ڳالهه، ڇا ڳالهه جي ڳر! سنڌ جي حڪومت ٿي ته مقدس ٿي وئي ڇا؟ پڇاڻي کان بالاتر ۽ حساب ڪتاب کان آجي ٿي وئي ڇا؟ اختيار آئين کان ئي وٺندي، ذميواريون به آئيني طرح ادا ٿينديون، ورجن آئي لينڊ ته ڪونهي جو ڪنهن ملڪ جو قانون اپلاءِ نه ٿئي!! هڪ وڏي ۾ وڏو شهر آ، هوندي سوندي به ان جا مسئلا حل نٿا ٿين، شهري حڪومت کان به نٿا ٿين، صوبائي حڪومت به لاچار ڏيکاري، هر ڪو نابري واري بيهي رهي، اهڙي حال ۾ مرڪزي حڪومت ڪجهه ته پڇندي، پڇڻ ڏوهه ٿي پيو ڇا؟ آرٽيڪل 149 به ته پڇڻ، سمجهڻ، صلاح ڏيڻ، هدايتون ڏيڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، کسڻ، ڌاڙو هڻڻ جي ته ڳالهه ئي ان ۾ ڪونهي ته پوءِ الزامن ۾ اهڙا لفظ ڪيئن ٿا اچن؟ آئين کان ٻاهر جڏهن قدم کڄي تڏهن چئجي، امڪانن جي بنياد تي قيامت کڙي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
هي هڪ مُلڪ آهي، ان جي مرڪزي حڪومت آهي، اها اگر صوبائي حڪومت سان ڪنهن مسئلي تي لکپڙهه ڪندي ته ان ۾ ڇاهي؟ هو جي چوي ته ڪراچي جي مسئلن کي ڏسو، عوام جا اهنج دور ڪريو، ايتري ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي بُرائي آهي؟ ڪراچي ڪو ٻار جي هٿ ۾ ماني ڳڀو ته ڪونهي جو ڪانءُ کسي ويندو! اسان جي يارن ۽ اسان پارن اچي جو ڳالهه کي ورتو آهي سڀ ڪم وسري ويا آهن. ايڏو حساس ٿيڻ اسان جي ذهني صحت تي شڪ پيدا ڪندو، هن دنيا ۾ رهون ٿا، دنيا کان ٻاهر ناهيون، نازڪ ٿينداسين ته نه چئي سگهنداسين، ٽاڪوڻا ٿينداسين ته ٽٽي پونداسين. دنيا اسان جي دل تي نٿي هلي، ماڻهو اسان جي موڊ تي ته نه هلندا، هر ڪو پنهنجي ڳالهه ڪندو آ، هر ڪنهن کي ڪرڻ ڏجي، جواب ڏجي پنهنجو موقف پيش ڪجي، قائل ڪجي، ڪانئر کي ڪوڙو ڪجي، سياسي سطح تي سياست وارا، آئيني طور آئين جا ماهر اهو سڀ ڪري سگهن ٿا، اسيمبليون به فورم آهن، اتي موقف جي معنيٰ هوندي آهي، مڃتا به ٿيندي آهي.
پر ٿئي ڇا ٿو، ڪنهن واتان ڪجهه چيو ناهي، اسان جو گوڙ گهمسان، زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏينداسين، جيئن رات جي وقت ڳوٺ ۾ چور چور ٿيندي آ ته هر ڪو گهران لٺ باٺو کڻي نڪرندو آهي، ايئن نڪري ٿا پئون، سوشل ميڊيا تي “ورلڊ وار” ويٺا وڙهون، گار جي ڳهي ٿو پوي، اختلافي ڳالهه ڪرڻ واري جي ڀيڻ ماءُ هڪ ٿا ڪري ڇڏيون، ماڻهن جا وات بند ڪرائڻا آهن، جواب ناهي ڏيڻو، ڪوڙو ناهي ڪرڻو، رد ناهي ڪرڻو، پنهنجو سچ پيش ناهي ڪرڻو، وڏيري کان وٺي وقت جي حڪومت جون سڀ بيواجبيون سهي وڃون باقي جيڪو نه وڻي ان جو اختلاف به نه سهون.اهڙيون مُڙسيون ٻيءَ ٽينءَ ڪندا آهيون، ڪي اتفاق سان ور چڙهي ويندا آهن، ڪي ڄاڻي واڻي چيڙائيندا آهن، چڙي ويندا آهيون، جڏهن تڏهن دنگل ٿيندا آهن، گورنر راڄ جي افواهه تي ايئن ڪيوسين، فارورڊ بلاڪ جي شوشي تي شور ڪيوسين، 18هين ترميم جي ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪرڻ وارن کي ذليل ڪري رکيوسين، اڄڪلهه فضول ڳالهه ڪرڻ تي فروغ نسيم جي زبان ڪاڪڙي کان ڇڪي رهيا آهيون.
اسان سان اختلاف لفظن ۾ ڪونه ڪري عمل ۾ ڀلي ڀيل ڪري ڇڏي، وسيلا ڦري يا فنڊ ڦٻائي ڇڏي، حق ماري يا حق کائي، ڪجهه به نه چونداسين، هر نقصان ڪري پر پنهنجو سڏائي، ڪجهه چئونس ته پوءِ چئو، ڀلي مفاهمت ڪري ڌارين کي اتحادي بڻائي، اسان جو کڻي هنن کي کارائي، کائڻ وارا به کائي وڃن چونداسين پنهنجو نصيب ٿا کائن، باقي جي اهڙي يا ڪنهن به ڳالهه تي ٻين مهڻو ڏنو يا سوال اٿاريو ته خار کائينداسين، چونداسين تون ڪير ٿيندو آن؟ تنهنجي ته ….. دُون ڀڃي ڇڏينداسين!
اسان کان ٻيو ڪم ٿئي نه ٿئي احتجاج ڏاڍو سٺو ٿيندو آهي، احتجاج پوءِ ڇا تي به هجي، جنهن جي حق ۾ وڃي، حق ۽ ناحق جي چڪر ۾ نه پوندا هون، بس جيڪا ڳالهه نه وڻي ۽ جنهن تي چِڙَ اچي! سدائين جنهن جي مخالفت ڪنداسين ٿوري ڳالهه تي غصو ٿُڪي ڇڏينداسين، نرم ڳالهايائين ته اسان جو ابو! سڀ بيواجبيون وساري ڇڏينداسين، سارا ناحق نظرانداز ڪري ڇڏينداسين، ان کان وڌيڪ ٻيو سڄڻ نه هوندو، هن جو دشمن اسان جو دشمن! اهڙي موڊ جا شهنشاهه آهيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *