تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪراچي ڪميٽي ۽ ڪراچي جا دشمن

پ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم اتحاد ڪراچي جي دشمنن کي برداشت نه ٿيندو“. انهي بيان بعد سمورو ڏينهن” انهي ڳولا ۾ رهيس ته ڪراچي جا دشمن ڳولهيان ڪهڙا آهن. هڻي هڻي دماغ جا ڌاڻا نڪري ويا آهن سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ڪير ڪراچي جو دشمن آ!؟ ايم ڪيو ايم سدائين دعويٰ ڪندي رهي آهي ته پ پ ڪراچي جي تباهي جو ڪارڻ آهي، پ پ جي دانهن لڳي پئي هوندي آهي ته ڪراچي جي لوڪل باڊيز جو اختيار ايم ڪيو ايم وٽ رهيو آهي اهي ڪراچي جي تباهي جا ذميوار آهن. پي ٽي آءِ جي راڳڻي ڪجهه مختلف رهي آهي، انهن کي ڪراچي کان وڌيڪ سموري پ پ دشمني ۾ دلچسپي رهي آهي. هاڻي جيڪي ڪراچي جي تباهي جا هڪ ٻئي کي ذميوار ڳڻائيندا رهيا اهي سڀ گڏجي ڪراچي جي اهنجن جو درمان ڪندا ڏيهه ڏسندو!
حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪالهه تائين انهي ڪراچي جي اختيارن ۾ وفاق جي مداخلت کي سنڌ دشمن سڏيندڙ پ پ ڪا دير ئي نه ڪئي جو وڃي پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان سان اتحاد ڪري، ڪراچي جي ترقي لاءِ مشاورتي ڪميٽي جوڙي ورتي. هاڻي سندن چواڻي ته ڪراچي جي ترقي ۾ گڏجي هٿ ونڊائبو ۽ مشاورتي ڪميٽي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي. خبر ناهي ڪراچي جي ترقياتي ڪمن ۾ رنڊڪون ڪهڙيون آهن ۽ ڪنهن جي طرفان آهن؟ هڪڙي پاسي پ پ جي طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش خلاف 19 آگسٽ تي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جيڪي ريمارڪس ڏيندي رهي اهي جهڙو ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪندا هجن. خبر ناهي ٿئي ڇا پيو، پر جيڪو منظر نامو جڙي رهيو آهي انهي مان لڳي ائين پيو ته ڪراچي جي مسئلن جو درد گهٽ پر هر ڪنهن کي پنهنجي حصي پتي جو سور سوايو آهي. ڪراچي جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ ايم ڪيو ايم مختلف روپن ۽ چهرن ۾ اهو پٽڻو پٽيندي رهندي آهي ته ڪراچي کي ڪجهه ڪونه ٿو ملي سڀ ٻيا کائي ٿا وڃن انهن وٽ ته ڪو ڄڻ اختيار ڪونهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪراچي اردو ڳالهائيندڙن جي ئي هٿ وس هيٺ رهي آهي پوءِ اهو مذهبي چوغي ۾ هجي يا مهاجر جي جامي ۾، متحده لنڊن جي قبضي ۾ هجي يا متحده پاڪستان جي هٿن ۾ ڪهڙو اهڙو دور ٻڌايو جنهن ۾ ڪراچي جو لوڪل باڊيز جو اختيار ڪنهن ٻئي وٽ رهيو آهي. ٻئي طرف پ پ جي طرفان هميشه هڪ اهڙو تاثر پيدا ڪيو پئي ويو آهي ته جهڙو پ پ سنڌ جي دفاع لاءِ هميشه ڪراچي جي اردو آبادي سان ڪو جنگي محاذ تي مد مقابل رهندي آئي آهي. ٻولي واري بل کان وٺي موجوده ڪراچي جي لوڪل باڊيز جي نظام تائين انهن سدائين اهو پئي تاثر ڏنو آهي ته ڪراچي ۾ اجرڪ ٽوپي جي رکوالي پ پ ڪئي آهي نه ته سنڌين کي ڪراچي ۾ ڪو اچڻ ئي ڪونه ڏنو ويندو هو.
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ٽڪراءُ واري سوچ جو فاعدو سياسي طور تي هميشه پ پ ۽ متحده کي ملندو رهيو آهي. حيرت جهڙي ڳاله اها آهي ته متحده ۽ پ پ هڪ ٻئي سان جنهن وقت جهيڙينديون آهن ته پ پ سنڌي قومپرستي جي چيمپئين بڻجي ويندي آهي ۽ متحده اردو ڳالهائيندڙن جي. وري جڏهن اقتدار ۾ گڏجي حصيدار بڻجي ويهندا آهن ته پوءِ انهن کي اهو ياد ئي ڪونه هوندو آهي ته ڪير سنڌي آهي ڪير اردو ڳالهائيندڙ. مطلب ته پاور شيئرنگ ۾ ۽ مال پاڻي جي گڏيل ورڇ وقت انهن کان قومي يا لساني تضاد وسري ويندا آهن. نوبت انهي حد تائين پهچندي آهي جو سنڌ جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ پ پ ٻٽي بلدياتي نظام آڻڻ تائين اڳتي وڌي ويندي آهي. هن وقت به لڳي ائين ٿو ته متحده ۽ پ پ کان ڪجهه ڏينهن پهرين شروع ڪيل جهيڙو نبيري طرف وڌي ويو آهي. ڪراچي جي برساتي نالن جي صفائي جي مامري کان شروع ٿيل جهيڙو ڪراچي جي وفاق حوالي ٿيڻ تائين وڃي پهتو، پر هينئر هڪ ٽئين ڌر جي شراڪت سان انهي جو اختتام وڃي اتي پهتو آهي ته هڪ ڪميٽي جيڪا ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏيل طور ڪم ڪندي ۽ رنڊڪن کي ختم ڪندي. ٽئين ڌر پي ٽي آءِ وفاق ۾ حڪومت هجڻ سبب سنڌ جي اختيارن ۾ شيئر هولڊر ٿيڻ لاءِ جيڪا ٽرڪ استعمال ڪئي انهي ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
لڳي ائين ٿو ته برساتي نالن واري مامري کان جنهن طرح وفاقي حڪومت ڪراچي جي اختيارن کي ڇيڙيو هو انهي جي پٺيان پي ٽي آءِ جي ڪراچي ۾ پاور شيئرنگ واري سوچ ڪارفرما هئي جنهن ۾ اها ڪامياب ٿي وئي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن سنڌ جي نمائنده جماعت جڏهن پاڻ اهڙو فيصلو ڪري ته اها سنڌ جي اختيارن ۾ ٻين کي ونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ اتي سنڌ جو ڪارڊ ختم ٿيو ٿو وڃي، پر جي ڪورٽون ۽ وفاقي حڪومت ڪا اهڙي راءِ ڏين ته سنڌ جي حڪومت ڪراچي جي اندر ڪارڪردگي ۾ ناڪام وئي آهي ته پوءِ اها سڏبي سنڌ جي اختيارن ۾ مداخلت! هن وقت جهڙي طرح پ پ پويان پير ڪري وفاقي حڪومت ۽ متحده کي گڏ کڻي ڪراچي جي اختيارن ۾ حصي پتي جو سٽاءَ ڪيو آهي، انهي مان لڳي ٿو ته پ پ پنهنجي ڪمزورين ۽ نااهلين سبب ڪراچي جي اختيارن ۾ وفاق جي مداخلت کي جائز بنائڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهي آهي. اها ته فتوا اڳواٽ ئي جاري ڪئي وئي آهي ته پ پ، متحده ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد ڪراچي جي دشمنن کي برداشت ڪونه ٿيندو. سو جيڪي ماڻهو انهي پاور شيئرنگ ۾ انهن تي تنقيد ڪندا سي ڪراچي جا ٿيا دشمن ۽ هي سڀ ڪراچي جا خير خواهه آهن. مونکي ائين ٿو لڳي ته “مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي” وارو قصو آهي. هي سڀ اهي آهن جن ڪراچي کي هر وقت پئي نپوڙيو آهي. هاڻي وري ٽين جماعت به انهي مان حصي وٺڻ لاءِ راهه هموار ڪري وئي آهي. پ پ کي اقتدار گهرجي انهي لاءِ ڪهڙا به اتحاد الحاق ۽ ڪميٽيون جوڙي سگهن ٿا. ماضي ۾ انهي اقتدار خاطر ئي پ پ ٻٽي بلدياتي نظام جو بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو، شديد عوامي ردعمل بعد اهو کين واپس وٺڻو پئجي ويو. هاڻي وري هڪ نئين ٽڪساٽ سان وفاق کي سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ رستو فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن جا اڳتي هلي وڌيڪ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اڄ انهن کي ڪن ڪميٽين ۾ کنيو ويو آهي، سڀاڻي اهي وري انهي مان ئي رستو ڪڍندا ته ڪراچي جو اختيار ئي وفاق حوالي ڪيو، اهي انهي کي بهتر هلائي سگهن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *