تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو مذاق ڪيستائين جاري رهندو؟

هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن به ڪراچي ۾ ڪو مسئلو ڪر کڻندو آهي ته وفاق جون حڪومتون توڙي پاڻ کي ڪراچي جي وارث سڏائيندڙ ايم ڪيو ايم به اهڙا سوشا ڇڏي سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف پهچائينديون رهيون آهن ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جو رد عمل سامهون ايندو آهي ته معافي تلافي ڪري خاموش ٿي وينديون آهن. هن ڀيري جڏهن خميس کان ٻيهر برسات جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي ته وري اهڙو شوشو ڇڏيو پيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو به چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي يتيم ۽ نابالغ آئين جَي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق جَي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اُهي ڳالهيون پاڻي جَي ڦوٽَي وانگر آهن، جيڪِي وقت سان گڏ ختم ٿي وينديون، وڏي وزير جو بيان پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ جنهن آرٽيڪل جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان ۾ ڪٿي به ائين ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪا هنگامي صورتحال ٿئي ته اهو علائقو وفاق حوالي ڪيو وڃي، آرٽيڪل 149 جي شق 4 موجب جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته وفاق ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ وفاق کي هدايت ڏئي سگهي ٿي ان جو مطلب اهو ئي ٿئي ٿو ته ڪرڻو صوبي کي ئي پوندو ۽ عملداري به صوبي وٽ ئي رهندي ٻي صورت ۾ آئين جي ان شق ۾ ترميم ڪرڻي پوندي جيڪا موجودا حڪومت لاءِ ڪنهن به ممڪن ناهي جيڪڏهن ان جي ڪا ٻي تشريح ڪرڻي آهي تڏهن به ڪارگر ثابت نه ٿيندي پر جيئن ته ماضي ۾ به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي خوهش رکندڙ اهڙا سبب ڄاڻائيندا رهيا آهن انڪري هن ڀيري انهن کي ڪراچي جا گٽر نالا ياد اچي ويا آهن. اها حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ گٽر نالا صاف هجڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيل برسات کانپوءِ جيڪا حالت انهن گٽر نالن جي ڏٺي وئي اها ڪنهن به طرح ٺيڪ نه هئي هاڻي ٻيهر جڏهن خميس کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ موسميات کاتي موجب پنجن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اها برسات شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي انڪري سنڌ حڪومت جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته هو ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪري ۽ فوري طور شهر جا گٽر نالا صاف ڪرائڻ واري عمل ۾ پاڪ فوج ۽ ايف ڊبليو او جي عملي سان ڀرپور سهڪار ڪري ۽ ان عمل جي نه رڳو نگراني ڪري پر ان ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ملائي.
ڪراچي سنڌ جي دل ۽ ملڪ جو وڏو معاشي حب آهي ان کي هر طرح جي آفت کان بچائڻ گهرجي پر هر ڀيري ان تي سياست ڪري ان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. بنيادي طور ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ڀلي ان کي ڪراچي مان ووٽ نه مليا آهن پر صوبي جي عملداري سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڻ کان الڳ ڪندي ۽ ان جي مسئلن کي اهميت نه ڏيندي ته پوءِ انهن ڌرين کي سبب ڄاڻائڻ جو موقعو ملندو جيئن ٻن وفاقي وزيرن فوڊ سڪيورٽي جي وزير سيد فخر امام ۽ سڌسماءَ جي وزير شبلي فراز اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجا معاملا ٺيڪ نه ڪيا ته پوءِ گورنر راڄ آئيني عمل آهي، وفاقي وزيرن جو اهو بيان به سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻ جو چتاءُ آهي. ساڳي طرح ڪراچي تي سياست ڪندڙن کي به گهرجي ته اهي پنهجون خواهشون پاڻ وٽ ئي رکن ۽ بار بار ڪراچي کي ڌار ڪرڻ ، الڳ صوبو ٺاهڻ ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا سوشا ڇڏي سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف نه پهچائن ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ يا وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *