تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪراچي کي مفلوج بڻائيندڙ برسات

چوماسي جي ڇهين وسڪاري ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، هونئن ته برساتون رحمت هونديون آهن پر مون سون جي ڇهين اسپيل سنڌ واسين لاءِ زحمت بڻجي اڌ صدي جا رڪارڊ ٽوڙيندي ڪراچي ۽ ٻين ضلعن کي درياءَ بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن فجر کان ڪراچي ۾ شروع ٿيل برسات 11 ڪلاڪن تائين جاري رهي پر ان برسات ۾ تيزي صبح جو 11 وڳي کان شروع ٿيندي ئي ڪراچي شهر سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، هر علائقي ۾ چيلهه جيڏو پاڻي جمع ٿي ويو، ڪراچي جا اهم ۽ سڄي سنڌ جو ڪاروهنوار هلائيندڙ علائقا سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي، گورنر هائوس، سي ايم هائوس به وڏي ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳا جڏهن ته انهن علائقن سميت ٻين سرڪاري عمارتن ۾ اندر به پاڻي داخل ٿ ويو ۽ انهن عمارتن ڏانهن ايندڙ مکيه شاهراهن تي به پاڻي گوڏي جيڏو بيٺل رهيو.
سرڪاري عمارتن سان گڏوگڏ ڪراچي جي تجارتي ۽ مرڪزي شاهراهن تي به پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين جون گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن تي بيهجي ويون جنهن سبب تجارتي مرڪزن، سرڪاري آفيسن توڙي خانگي آفيسن مان موڪل ڪري نڪتل عملو ڦاٿل رهيو،شهرين جون گاڏيون بند ٿيڻ سبب اهي 5 کان 10 ڪلوميٽرن تائين پنڌ موٽر سائيڪلون ڪاهي پنهنجن منزلن ڏانهن روانا ٿيڻ جي ڪوشش ۾ نظر آيا. اتي ئي روڊن تي پاڻي بيهڻ سان ٻه تلوار کان3 تلوار ويندڙ مين ڪي پي ٽي انڊر پاس پاڻي سان ڀرجڻ ڪري ان کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، پنجاب چورنگي، ڪينٽ انڊر پاس ۽ شهر جا ٻيا انڊر پاس برساتي پاڻي ڀرجڻ سبب مڪمل طور تي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا جيڪي ڪالهه رات تائين به بند هيا،انهن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. ڪراچي جي ڊفينس ۾ به گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيو ۽ روڊن تي 4، 4 فٽن تائين پاڻي موجود هو، 11 ڪلاڪن جي مسلسل برسات کانپوءِ سنڌ حڪومت ميدان تي آئي، وڏو وزير مراد علي شاهه شهر جي دوري تي نڪتو مين روڊن تان ته پاڻي نيڪال ڪيو ويو پر ڪراچي جي هيٺاهين وارن علائقن، ملير، سچل ڳوٺ، يوسف ڳوٺ، سرجاڻي،ڪورنگي، اورنگي مان پاڻي هن وقت تائين نيڪال ناهي ڪيو ويو
جنهن سبب اتان جا رهواسي سخت اذيت ۾ مبتلا آهن،ان سان گڏوگڏ سڄي شهر ۾ مواصلاتي نظام به درهم برهم ٿي ويو ،موبائيل نيٽ ورڪ ،انٽرنيٽ ۽ پي ٽي سي ايل سروس سخت متاثر ٿيڻ سبب ماڻهو هڪٻئي سان رابطو ڪرڻ کان قاصر رهيا ۽ جيڪو جتي ڦاٿل هيو پنهنجي مٽ مائٽ ۽ دوستن کي به ٻڌائي نه پئي سگهيو جيڪڏهن ايئن چئجي ته ٻه ڏينهن اڳ زندگي ڪراچي ۾ مڪمل مفلوج هئي ته غلط نه ٿيندو.انهي کانسواءِ چوماسي جي ڇهين وسڪاري جتي ڪراچي شهر جي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪيو آهي اتي ئي ڪراچي واسين کي به سخت نقصان رسايو آهي، برسات ايڏي مقدار ۾ وسڻ سبب ماڻهن جي گهرن ۾ڪاهي پئي جنهن سبب گهرن ۾ پيل سامان، فرنيچر، اليڪٽرانڪ شيون پاڻي ۾ ترنديون رهيون ۽ اهي مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون جنهن سبب ڪروڙين اربين رپين جي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيتريون ئي قيمتي جانيون به هن برسات جي نذر ٿي ويون آهن ، يقينن ان نقصان جي ازالي جي ذميواري سنڌ سرڪار جي آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام سنڌ حڪومت کي ووٽ ڏنا انهن کي اقتدار ۾ آندوآهي ته انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ٿي سگهي پر جڏهن برساتن جي موسميات کاتي پهريائين اڳڪٿي ڪئي هئي ته اها سنڌ سرڪار جي ذميواري هئي ته انهن جي نقصان کان بچاءُ لاءِ قدم کڻي ها پر برسات انهن اڳڪٿين کان به وڌيڪ پئي جنهن ڪيترن سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ايئن پئي لڳو ڄڻ حڪومت ۽ انتظاميا به انهي برسات آڏو بي وس بڻجي وئي هئي.
برسات سبب صورتحال ايتري خراب ٿي وئي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحبان جون گاڏيون به هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ بند ٿي ويون ۽ جج صاحبان پنهنجون گاڏيون ان پاڻي ۾ ڇڏي پروٽوڪول وارين پوليس موبائلن ۾ ويهي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو روڊن جي ڇا صورتحال هوندي، ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن جي رهواسين ڪهڙي تڪليفن کي منهن ڏنو هوندو ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڪيتري مقدار ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيو هوندو ۽ جن جي گهرن ۾ پاڻي جمع ٿيو هوندو انهن پنهنجي رات ڪيئن گذاري هوندي ۽ گهڻن هنڌن تان ته ٻيو ڏينهن گذرڻ باوجود اهو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو هو. هن برسات ڪراچي جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ تمام گهڻي تباهي آندي آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا وڃن ٿا، بارش سبب متاثر ٿيندڙن لاءِ سنڌ سرڪار ڪهڙا قدم کڻي ٿي . ڇاڪاڻ جو چوماسي جو ڇهون اسپيل عوام لاءِ رحمت بدران زحمت بڻجي وسيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *