تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڪراچي مسئلو ڇو بڻيل آهي؟

ڪراچي جو مسئلو انهي ڪري حل ٿيندي نظر نه ٿو اچي جو ڪجهه ڌريون انهي کي سنڌ جي گادي جو هنڌ ذهني ۽ دلي طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن،ڪراچي کي سدائين پنهنجي هٿ وس هيٺ رکڻ لاءِ ڪڏهن مذهبي جماعتن ته ڪڏهن لساني جماعتن پنهنجي وڳوڙي سياست جو شڪار ڪيو.اڄ به ڪجهه ڌريون مسئلن جي آڙ وٺي ان شهر کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا ان کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. اها ڪوشش يا سازش اڄ جي ناهي پر پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي وفاقي حڪومت اچڻ کانپوءِ انهن ڪوششن يا ان لاءِ بيانن ۾ تيزي اچي وئي آهي جو ويٺي ويٺي اهڙا بيان جاري ٿيندا رهن ٿا. ڪڏهن شهر ۾ لساني سياست ڪندڙ پارٽين جا اڳواڻ، ته ڪڏهن واپاري اڳواڻ، ته ڪڏهن وفاقي حڪومت جي چونڊيل ميمبرن ۽ گورنر جهڙي اهم عهدي تي ويٺل ماڻهو کان وٺي قانون جي وفاقي وزير تائين اهڙا بيان ڏئي ٿا ڇڏين ۽ ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ يا الڳ ڪرڻ جهڙي بدنيتي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي آڙ يا بهانو اهو ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي آهي.
جيڪي ڌريون اهڙي قسم جون ڳالهيون يا مطالبا ڪنديون رهن ٿيون ته کين اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ٻه الڳ الڳ شيون آهن، انتظامي مسئلن جي ڪري سنڌ جي وحت تي وار يا ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو سوچيندڙ يا ڳالهيون ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ته سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جو جواز ڄاڻائي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ڳالهه سنڌ جي ماڻهن کان هضم ڪرائي وٺبي يا انهي تي مزاحمت نه ٿيندي. مڃون ٿا ته پ پ جي حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جو ڪيتو سڄي سنڌ ڀوڳي رهي آهي ،ڪرپشن کان وٺي انتظامي نااهلي هر هنڌ نظر اچي رهي آهي،عوام پيئڻ جي پاڻي کان وٺي صحت ،تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي انهي جو شڪار ته صوبي جي هر شهر جو ماڻهو آهي ته پوءِ مسئلن جي آڙ ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه يا مطالبو بدنيتي ناهي ته ٻيو ڇا آهي.اسان کي ته لڳي ٿو اها مهم خود پ پ حڪومت لاءِ فائديمند ٿي رهي آهي جو ان جي آڙ ۾ پ پ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي کي ڍڪ ملي رهيو آهي جيڪي ماڻهو پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي کان ناراض آهن اهي به ڪراچي کي الڳ ڪرڻ يا وفاق حوالي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي پ پ حڪومت جي بيڊ گورننس تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪن ٿا. ڇا اهي مسئلا رڳو ڪراچي تائين محدود آهن ملڪ جا ٻيا شهر انهن انتظامي مسئلن کان پاڪ آهن ؟ هتي به انتظامي نااهلي ۽ خراب حڪمراني سبب ماڻهو مصيبت ۾ ورتل آهن هڪڙا پاسا ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وارا پاڻي کوٽ سبب سڪي رهيا آهن پر انهي جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته پنهنجي ماضي جي منشا کي پورو ڪرڻ لاءِ انهي انتظامي مسئلن جي آڙ وٺي هڪڙي صوبي جي وحدت سان هٿ چراند ڪئي وڃي.وفاق جي ننڍن صوبن سان نارروا سلوڪ سبب اڳ ئي وفاق ۽ ننڍن صوبن ۾ هڪڙيون بدگمانيون پيدا ٿيل آهن جنهن ڪري ناڻي ورڇ کان وٺي پاڻي جي ورڇ تائين کوڙ مسئلا بحث هيٺ آهن،پاڪستان هڪڙي فيڊريشن آهي جنهن کي هڪڙي آئين تحت هلايو پيو وڃي جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جا اختيار ۽ حدون واضح نموني درج آهن جيڪڏهن ڪير پنهنجي مخصوص مفادن خاطر اهي حدون لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڪنهن به ريت وفاق جو خيرخواهه ناهي. سنڌ اهو صوبو آهي جنهن هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ هن ملڪ جي آزادي جي ڏينهن آهي جنهن جي ٺهڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي انهي ڪراچي شهر ۾ ئي قرارداد پاس ڪئي هئي پر اڄ ڪجهه مت جا موڙهيا انهي ڪراچي تي ئي حملو ڪرڻ جون وفاقي حڪومت کي صلاحون ڏئي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي ڀلي کڻي پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي کان شڪايتون هجن انهن جا سياسي اختلاف هجن پر پ پ حڪومت ۽ سنڌ کي ساڳي ڳالهه نه سمجهڻ گهرجي ڇو ته سنڌ هڪ وحدت جو نالو آهي ۽ ڪراچي ان جي گادي جو هنڌ آهي انهي تي حملي جي ڪوشش يا ان کي وفاق جي ذريعي هلائڻ جي ڪوشش سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به ريت قبول نه ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *