تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪراچي لاءِ ڳجھي ڊيل آخر ڇو ؟

پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ٻن سالن کان سنڌ حڪومت خلاف جيڪوجارحاڻو رويو پئي رکيو آهي ان مان ائين پئي لڳو ته هُو ڪنهن به حوالي سان سنڌ حڪومت کي نه قبوليندا، جيستائين سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هوندي، ۽ ائين آهي به! وزيراعظم عمران خان جڏهن به قوم کي خطاب ڪيو يا ميڊيا سان ڳالهايو ته سندس اِها ئي شڪايت هوندي هئي ته سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ناهي اتي اسان جا حڪم نٿا هلن! ائين ڄڻ کيس وفاقي حڪومت ڏيڻ وقت ڪو وڏو آسرو مليل هو ته سنڌ ۾ به اوهان جي حڪومت هوندي، جنهن تي عمل نه ٿي سگھيو هجي ۽ پنهنجي اهڙي ڪاوڙ جو اظهار سنڌ حڪومت خلاف مهم هلائي ڪري رهي آهي، هن ڪجھه وفاقي وزيرن کي ٽاسڪ ڏنو ته اُهي سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين ۽ انهن ڪابه ڪسر نه ڇڏي.
خير! لاڳيتو ڌمڪائڻ، آئين مان مداخلت جا رستا ڳولڻ ڪڏهن گورنر راڄ ته وري ڪڏهن وفاقي حڪومت جي سڌي مداخلت جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون، ايتري تائين جو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به اهڙا ريمارڪس ڏيڻ لڳو، ڄڻ باقي سموري پاڪستان ۾ سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي سمورا صوبا بهترين ڪم ڪري رهيا آهن اتان جي روڊن کي کير سان ڌوتو وڃي ٿو، برسات جو پاڻي اتي بيهندو ئي ناهي، اتان جا روڊ رستا شيشا لڳا پيا آهن ! بس سموري خرابي سنڌ ۾ آهي ۽ وفاق کي مداخلت جو چيو وڃي ته اوهان ملڪ کي سنواري ڇڏيو، هاڻ سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي کي سنڀاليو ۽ سنواريو. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي سربراھه جو اهڙو بيان سنڌين لاءِ ڪو سٺو پيغام ناهي. افسوس اهو آهي ته اڳيون چيف جسٽس ثاقب نثار ڪالا باغ ڊيم سميت سمورن تڪراري ڊيمن لاءِ سرگرم ٿي ويو ۽ فنڊ جوڙيائين ۽ موجوده چيف جسٽس وري ڪراچي جي حوالي سان به ريمارڪس پيو ڏئي جن تي ٻيو ته ٺهيو پر قانون سان لاڳاپيل ماڻهن کي به اعتراض آهي. اسين عدالت جو ۽ اعليٰ عدالت جي هن منصب جو احترام ڪيون ٿا پر! سنڌ تي جيڪڏهن وار ڪيو ويندو ته اُهو قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ شهيد ڀٽي کي عدالت پاران ڏنل ڦاهي به قبول نه ڪيو آهي ۽ ان کي عدالتي قتل قرار ڏنو ۽ وقت ثابت به ڪيو آهي ته اهو فيصلو بيگناھه جو قتل هو.
سنڌ جي عوام جي ردعمل کان ته سڀ واقف آهن، جڏهن سنڌ جو عوام غلط کي غلط چوندو آهي ته ان کي ثابت به ڪري ڏيکاريندو آهي. ڪراچي بابت جيڪي نوان تجربا ڪيا پيا وڃن اُهي ساڳيا پراڻا خيال آهن. ايم ڪيو ايم هر حوالي سان نفرت واري سياست ۽ سنڌ دشمني واري سوچ تان هڪ انچ به نه هٽي آهي. پي ٽي آءِ به ان جو تسلسل آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ ڌاري آبادي سمجھي ٿي ته اُهي پنهنجي ناجائز اڪثريت ظاهر ڪري سنڌ کان ڪراچي ڌار ڪرائي ويندا، اِها هنن جي خام خيالي آهي هُو به سمجھن ٿا ته اِهو ڪم ايڏو سولو ناهي! ان پروپيگنڊا جي آڙ ۾ اصل ۾ هنن کي ڪراچي اندر اختيار گھربل آهن ته جيئن پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نه ڪجھه حڪم هلائڻ جا موقعا ملي پون. پر اهي حڪم به خالي نه پر مال سان گڏ هجن. سو هاڻي بهانو نالن، گٽرن جو، درد ڪراچي جي عوام جو پر اصل ۾ پيٽ ۾ سور ئي ٻيو آهي ۽ سور ظاهر به ٿيو  16آگسٽ جي رات جيڪا گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي اُها سڄي ڦاٽ کي ڦاڙي بيهي رهي.
ڪراچي بابت هڪ ايڊوائيزري ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير، ٻه وزير، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ 3 وفاقي وزير ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا شامل هوندا. سنڌ حڪومت پنهنجا اختيار ڪاميٽي حوالي ڪندي ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي. معنيٰ ته انهن جي اڳواڻي، رهنمائي نه ڪندي، هُو پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندا. ڳالھه ايسيتائين ته ٺيڪ آهي ڪاميٽي جوڙي مسئلن کي ڏسجي ۽ حل ڪجي پر! هڪ صوبائي حڪومت هوندي اختيار ڪاميٽي کي ڏيڻ اِها ڪهڙي دانشمندي آهي؟ اصل ۾ دانشمندي اها آهي ته پ پ پ وارن به گوڏا کوڙي ورتا آهن ۽ وفاقي حڪومت سان ڊيل ڪري ورتي آهي. اِها ڊيل ڳجھي به رکي وئي آهي تنهن هوندي به ميڊيا کان ڳجھي نه رهي آهي. ڪراچي کي ڪاميٽي جي ذريعي هلائڻ جو مقصد سنڌ ۾ حڪومت کان محروم پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي سطح تائين اختيار ڏيڻ يا حڪومت ڏيڻ آهي. ڏسجي ته اِها به ڪراچي خلاف سازش جي ڪڙي آهي. پنهنجي رٿا کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وفاق جي چال بازي آهي. هن ڪاميٽي ۾ حڪومتي ڌر جون صرف ٻه پارٽيون شامل آهن، جڏهن ته فنڪشنل ليگ سميت ٻين ڌرين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته ڪراچي اندر ڪم ڪندڙ سمورين سياسي ڌرين کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي ها، هي صرف پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، پ پ پ ۽ وفاقي اداري اين ڊي ايم اي جو اتحاد آهي .جيتوڻيڪ هن ڪاميٽي سان سنڌ حڪومت مٿان ڪجھه دٻاءُ گھٽيو ضرور هوندو پر! مٿي  ۾ سور وڌيڪ پوڻ جو خدشو آهي. ڪراچي جا مسئلا مستقل طور حل ٿيڻ جو هي حل ناهي نه وري حل به ٿي سگھن ٿا. وقتي طور ڪجھه مسئلا حل ڪيا ويندا پر اهو ڪم جٽادار نه هوندو. رڳو هر ڌر پنهنجي پنهنجي ڪم جي تعريف ڪندي رهندي.
ڏسجي ته سنڌ حڪومت پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. ڪهڙي ضرورت هئي ڊيل ڪرڻ جي؟ ڪراچي بابت سندن موقف سخت ۽ واضح هئڻ گھرجي ها. ڪراچي جي انهن ادارن کي فعال ڪرڻ ۽ اختيار ڏيڻ گھرجن ها جيڪي سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن. ڪاميٽي جوڙڻ ۽ انهن کي اختيار ڏيڻ پ پ پ جي نااهلي ۽ شڪست آهي. جيڪا سنڌ جي حڪومت پنهنجي گادي واري هنڌ جا اختيار ڏئي هٿيار ڦٽا ٿي ڪري ته پوءِ ان مان ڪهڙي اُميد رکي سگھجي ٿي. ان کان بهتر آهي ته سنڌ حڪومت پاڻمرادو گھر هلي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *