تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪراچي سان ٿيندڙ سياسي راند

ڪجھه وقت کان ڪراچي تي ھڪ وڏي سياسي ويڙھه ھلي رھي آھي، جيڪا پي ٽي آءِ، ايم ڪيم ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ھلندڙ آھي. جنھن ۾ سنڌ حڪومت تقريبن پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪري سنڌ جي راڄڌاني وفاق ۽ سدائين جيان سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪندڙ ايم ڪيو ايم سان مراد علي شاھه صاحب ۽  وزير تعليم اسلام آباد پھچي ڪراچي جو سوڌو ڪري چڪي آھي. 
ھن سياسي ملھه جي گھرائي ۾ وڃڻ سان اصل سياسي ويڙھ سمجھه ۾ اچي ويندي. جيئن ته سيپٽمبر ۾ لوڪل گورنمينٽ جو مدو پورو ٿي رھيو آھي ۽ ان کانپوءِ معاملاته ايڊمنسٽريٽرس حوالي ڪيا ويندا ۽ قانوني طور اھو حق سنڌ حڪومت وٽ آھي ته ھو پنھنجا ايڊمنسٽريٽرس مقرر ڪري سگھي ٿي . ھاڻي جيڪڏھن ايئن ٿئي ٿو ته يقينن ايم ڪيو ايم لاءِ ايندڙ لوڪل اليڪشن ۾ ماحول تنگ ٿيندو جنھن سان ھو پنھنجا گھربل ٽارگيٽس حاصل نه ڪري سگھندي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ لاءِ ايم ڪيو ايم کي راضي رکڻ جيئن جو تئين ضروري آھي ڇو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ناراض ٿي ٿئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت لوڏن ۾ ھوندي جو سندن سادي اڪثريت به خطري ۾ ھوندي . ايم ڪيم ايم پاران وفاقي حڪومت تي اھو پريشر وڌو پيو وڃي ۽ کيس الڳ ٿيڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن ته ڪراچي کي حاصل ڪرڻ ۽ سنڌين کي سندن راڄڌاني ۾ ننڌڻڪو ۽ بيوس ڪيو وڃي، نتيجي ۾ عمراني حڪومت به ايم ڪيو ايم جي ڌر بڻيل آھي. ميڊيا جي ھن مھل جي مليل خبرن مطابق ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر بھتر بڻائڻ لاءِ ھڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي آھي جنھن ۾ پ پ جا ٽي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جا ٽي ميمبر شامل آھن. سياسي انجنيئرنگ(Political Engineering) سان جوڙيل ھن ڪاميٽي پٺيان ايم ڪيو ايم جا ڪھڙا مفاد ٿي سگھن ٿا؟ اھو سمجھڻ لازم آھي. 
1.ايم ڪيو ايم شروع کان ان ڪوشش ۾ آھي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري ھڪ جدا صوبو ٺاھجي. 
2.سنڌ حڪومت جا پاورس گھٽائي ڪراچي ۾ پنھنجي من ماني ڪجي.
 3.سنڌ ۽ سنڌين کي حيدرآباد تائين محدود ڪجي.
4.ڪراچي ۾ بھارين،  برمين  افغانين ۽ ٻين ڌارين جي صورت ۾ ڌاري آبادڪاري کي ھٿي وٺرائي سنڌين کي پنھنجي گادي واري شھر ۾ کي اقليت ۾ تبديل ڪجي.
5.ڪراچي جي تعليمي ادارن تي مڪمل قبضو ڪري ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ، جنھن سان جيڪو نقصان ٿيندو ان جو پورائو ناممڪن ھوندو. 
6.ڪراچي جي فيڪٽرين تي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن جو غلبو ھوندو ڪيترائي سنڌي پورھيت تڙيا ويندا ڇاڪاڻ جو اھا ڪميٽي شروعات آھي مٿئين سمورن ڪمن جي ڪرڻ لاءِ جيڪا ايم ڪيو ايم سالن کان سازشون سٽي رھي آھي ان جي تڪميل اھا ڪميٽي ھوندي. 
آئيني ۽ قانوني طور تي ان قسم جي ڪميٽي جو ڪٿي به ڪو کر پير نٿو لڳي، سنڌ حڪومت پاران 19آگسٽ 2013ع تي پاس ڪرايل لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت سنڌ حڪومت پنھنجا پاورس ڪنھن به حادثاتي ڪميٽي سان ونڊي نٿي سگھي. پر سنڌ حڪومت عوامي مينڊيٽ جو تقدس پامال ڪري وفاق کان ڪنھن اين آر او وٺڻ جي چڪر ۾ڪراچي کپائي ڏني ۽ ھاڻي ويٺي ھر روز نوان ناٽڪي دليل پئي ڏئي .  عام سمجھه جي ڳالھه ھي به آھي ته ڇا جيڪي مسئلا ڪراچي کي درپيش آھن اھي ملڪ جي ٻين گادي جي شھرن سان ناھن؟
ڇا لاھور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سڀني مسئلن کان آجا آھن؟ مسعلا اتي به ضرور آھن شايد ڪراچي کان وڌيڪ پر ڪراچي ۾ سندن جيڪي غليظ مفاد آھن ان ڪري اھيو راڳ آلاپيو پيو وڃي. 
ٻئي پاسي ساڳئي وقت گورنر راڄ جو به رينگٽ به ايم ڪيو ايم ۽پي ٽي آءِ کنيو اچي ھنن کي سمجھڻ کپي ته آئين ۾ ان لاءِ به بھتر قانون سازي (Legislation) ٿيل آھي جو آرٽيڪل 105 مطابق . 
Governor to act on  accordance of Chief Minister. 
جيتوڻڪ گورنر وفاق جو نمائندو ھجي ٿو پر ان کي صوبائي حڪومت جي صلاح مصلحت تحت ھلڻو ھجي ٿو. وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت ڪنھن به صورت ۾ قانوني جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري سگھي ڇاڪاڻ جو آرٽيڪل 5 مطابق … 
Obedience to the constitution is inviolable obligation of every citizen. 
مطلب ته قانون جي تابعداري ۽ وفاداري پاڪستان جي هر شهري لاءِ لازم آھي. 
جيڪڏھن ڪو قانوني وايوليشن(Violation) ڪري ٿو ته انجي سزا  به آرٽيڪل 6 ۾ ٻڌايل آھي. 
جنھن مطابقPunishment for high treason
يعني آئيني خلاف ورزي قومي غداري آھي. انڪري اسين سمجھون ٿا ته ڪراچي خلاف سازش مطلب ملڪ سان غداري ٿيندي. 
مٿئين سڄي بحث مان اھا خبر پوي ٿي ته جيڪا من گھڙت ڪميٽي جوڙي وئي آھي اھا بلڪل غير قانوني آھي ان کي جيڪي اختيار ھوندا، اھي به غير قانوني ھوندا. انڪري پ پ عوامي مينڊيٽ عيوض جيڪو لولي پاپ سنڌ کي ڏئي پئي سنڌ ان کي بخوبي سمجھي ٿي ۽ پ پ جيڪا مٿئين سطح تي ڪراچي جي ڊيل ڪري وري ڪارڪنن کان مظاھرا پئي ڪرائي سنڌ ان کي به سمجھي ٿي. پي ٽي آءِ جيڪڏنھن مسئلن کي نبيرڻ لاءِ ايترو ئي سنجيده آھي ته بجائي صوبائي حدن ۾ مداخلت جي ملڪي صورتحال کي بھتر بڻائي عوام کي ڪو رليف ڏئي ۽ جيڪي واعدا عوام سان ڪيا ھئا ان جي تڪميل لاءِ سنجيده ٿي ڪم ڪري جيڪو ملڪ ۽ عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 
مٿي واضح ٿي چڪو آھي ته ان قسم جي سازش غير قانوني آھي ھاڻ اھو عوام تي آھي ته ايندڙ بلدياتي توڙي جنرل اليڪشن ۾ سنڌ جو عوام پ پ ۽ پي ٽي آءِ لاءِ ڪھڙو فيصلو ٿي ڪري. پ پ جي سنڌي عوام سان ڪيل  جٺ شايد لطيف سائين جي ھنن سٽن ۾ سمجھه اچي ته… 
      اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *