تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪراچي رتوڇاڻ جا شروع کان پيرا کڻڻ جي ضرورت

تازو سينئر صحافي انصار عباسي اها خبر ڏني آهي ته تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ هڪ وفاقي وزير مسلم ليگ نواز جي سينئر قيادت تي وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. انصار عباسي جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ 12 کان وڌيڪ قومي اسيمبلي ميمبر وزيراعظم کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اها ته خبر نه آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪهڙي وفاقي وزير مسلم ليگ نواز جي سينئر قيادت کي اهڙي آڇ ڪئي آهي پر اهو ضرور معلوم آهي ته انهن 12 ميمبرن لاءِ وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ نه رڳو آسان عمل نه آهي پر لڳ ڀڳ ناممڪن ان ڪري به آهي جو اهڙي عمل سان اهي فوري طور تي نااهل ٿي سيٽ وڃائي ويهندا، ڇو ته ميمبرن جي نااهلي جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪلڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، اسپيڪر پي ٽي آءِ جو آهي ان ڪري اهڙن ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس موڪلڻ ۾ ڪا دير ٿئي ان جو امڪان نظر نٿو اچي. مخالف ڌر اهو ته روز چئي رهي آهي ته مائنس عمران نه پر سموري پي ٽي آءِ مائنس ٿيڻ واري آهي پر مخالف ڌر پي ٽي آءِ کي حڪومت مان مائنس ڪرائڻ ۾ آئيني رستو اختيار ڪندي نظر نه اچي رهي آهي. ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انصار عباسي جي جنهن خبر جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ان کي پريس ڪانفرنس ڪري يا ڪو بيان جاري ڪري حڪومت پاران رد نه ڪيو ويو آهي، موجوده حالتن کي ڏسجي ٿو ته انهن حالتن ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون چاهين ٿيون ته اڃان ڪجهه وقت پي ٽي آءِ حڪومت کي ملي جيئن عوام اڳيان هي حڪومت وڌيڪ وائکي ٿئي. مخالف ڌر جون پارٽيون محسوس ڪن ٿيون ته موجوده حالتن ۾ موجوده حڪومت کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرائڻ جو ماحول پيدا ڪندڙ اصل ۾ پي ٽي آءِ کي مڪمل ناڪامي جي ڪناري تي پهچائڻ کان اڳ ريسڪيو ڪرڻ چاهين ٿيون.
ڏسجي ته مخالف ڌر جا اڳواڻ جيڪي اهڙو موقف رکن ٿا انهن جو موقف هڪ لحاظ کان درست به آهي ڇو ته موجوده حالتن ۾ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ حڪومت کي مظلوميت جو ڪارڊ فراهم ڪرڻ برابر ان ڪري ٿيندو ڇو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بعد فوري چونڊ ڪرائڻ جون به حالتون نه آهن اهو ئي سبب آهي ته موجوده حڪمران سمجهي رهيا آهن ته اسان کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن نه آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته مخالف ڌر جون پارٽيون چاهين ٿيون ته حڪمران ڌر ۽ طاقتور ڌريون پاڻ عمران خان جي جاءِ تي محمد ميان سومري، اسد عمر، شاهه محمود قريشي جهڙي ماڻهو کي آڻين ۽ نئين سيٽ اپ بعد سال سوا ۾ ملڪ اندر نئين چونڊ ڪرائي ويندي. ڏسجي ته مخالف ڌر جي ظاهري طور هٿ پير هڻڻ کانسواءِ ايئن ٿئي ٿو يا نه پر حڪومتي صفحن ۾ ناراضگيون بدگمانيون وڌي رهيون آهن. شاهه محمود قريشي کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي هو علاج لاءِ راولپنڊي جي اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي ان جي اتي داخل ٿيڻ جو پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ ڪو ٻيو مطلب وٺي رهيا آهن، حڪومتي ڌر جي مامرن کي ڏسي مخالف ڌر جي حڪمت عملي کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت سان گڏ مخالف ڌر جون پارٽيون به بند گهٽي ۾ اچي پهتيون آهن، ٻنهي لاءِ حالتون اهڙيون پيدا ٿيون آهن جو ٻنهي ڌرين کي انهن حالتن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نه ملي رهيو آهي، ظاهر آهي ته غير يقيني جي صورتحال سياسي ماحول لاءِ ته خراب هوندي ئي آهي پر اها صورتحال ملڪ ۽ عوام لاءِ به انتهائي خراب هوندي آهي. سياسي ڌريون ته سياسي غير يقيني جي صورتحال، توڙي خراب معاشي حالتن کي منهن ڏئي سگهن ٿيون پر غريب طبقي، سفيد پوش ماڻهن کي اهي حالتون اڏوهي جيان کائينديون رهنديون آهن.
هن حڪومت جي 23 مهينن جي دور ۾ جيئن مسلسل مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي اها عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي. هن حڪومت ۾ جڏهن جڏهن مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي يا اسڪينڊل آيا آهن انهن ڏينهن ۾ موجوده سرڪار ن ليگ ۽ پ پ حڪومتن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون مسلسل پريس ڪانفرنسون ڪري پيش ڪرڻ لڳندي آهي. نتيجي ۾ مهانگائي بجاءِ انهن ڪرپشن اسڪينڊلز تي ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ اخبارن ۾ سرخيون لڳن ٿيون ۽ حڪومت جون ڪوتاهيون پسمنظر ۾ هليون وڃن ٿيون. گذريل ڪجهه ڏينهن کان به ايئن ئي ٿي رهيو آهي، تازو شماريات کاتي پاران مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ جي رپورٽ سامهون اچڻ بعد ڪراچي ۾ گينگ وار جو مامرو ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر خون جون هوليون ۽ اذيت خانن جا نه کٽندڙ سلسلا ڏٺا آهن پر سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ گينگ وار، مافيا، ڀتا خوري، اغوائون، قتل جو سلسلو ڇا 2008ع ۾ پ پ جي حڪومت کان شروع ٿيو؟ ڪراچي ۾ ٽارچر سيل، ڀتا خوري، پئسن لاءِ اغوا، ڪنهن جي اشاري تي قتل جا واقعا 1985ع کان پوءِ عروج تي رهيا آهن، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سرڪار جي سمورن عملدارن جي نظر ۾ پاڪستان جي مشڪلاتن جي تاريخ 2008ع کان شروع ٿي 2018ع تائين ختم ٿئي ٿي، وزيراعظم عمران خان هجي يا علي زيدي اهي رڳو پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومتي دورن جو ذڪر ڪن ٿا. ڀلجي به پرويز مشرف، ضياءُ الحق، ايوب خان، يحييٰ خان جي حڪومتي دورن جو ذڪر نه ڪن ٿا. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ محمد انور پاڻ اهو اعتراف ڪيو ته هن ڀارت کان ايم ڪيو ايم لاءِ پئسا ورتا پر اهڙي انڪشاف باوجود وفاقي حڪومت جي ڪنهن وزير نه ان مامري تي پريس ڪانفرنس ڪئي نه ئي ان کي ڪو اشو سمجهيو.
وفاقي حڪومت جي نظر ۾ ڪراچي اندر گينگ وار رحمان ڊڪيت کان شروع ٿي عذير بلوچ تي ختم ٿئي ٿي، ڇا انهن کانسواءِ ڪراچي ۾ ٿيل وڏي عرصي تائين ڪوس جو ذڪر وفاقي حڪومت رڳو ان ڪري نٿي ڪرڻ چاهي جو ان ۾ حڪومت جي موجوده اتحادي ايم ڪيو ايم ملوث رهي آهي؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ جڏهن کان ڪوس، ٽارچر سيلن ۽ گينگ وار شروع ٿي تڏهن کان هن وقت تائين جي ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي جيئن 2008ع بعد رحمان ڊڪيت ۽ عذير بلوچ جي مامرن ۾ پ پ قيادت جا نالا اچي رهيا آهن تيئن ان کان اڳ ٿيل مامرن ۾ جيڪي سياسي اڳواڻ ملوث رهيا انهن جا قصا به سامهون اچڻ گهرجن،
ڪراچي ۾ ڪرمنل مامرن ۾ شروع کان هن وقت جيڪي سهولتڪار رهيا آهن سمورا وائکا ٿيڻ گهرجن. پر پي ٽي آءِ اڳواڻ جيڪي عذير بلوچ سوڌو جي آءِ ٽيز تي پريس ڪانفرنسون ڪن پيا ان مان لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ خون وهائيندڙ ڦرلٽ ڪندڙن جي احتساب بجاءِ ان پويان سياسي فائدن جي حڪمت عملي آهي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ قسم جي ڏوهه ۾ ڪجهه ته سزا کائن ۽ ڪجهه آجا هجن ان کي ٻيو ڪجهه به چئي سگهجي ٿو انصاف نٿو چئي سگهجي، جيئن ڪراچي جي جي آءِ ٽيز جو ذڪر زور شور سان شروع ٿيو آهي ان ۾ انهن جي آءِ ٽيز کان اڳ وارين حالتن جي رپورٽن کي به سامهون اچڻ گهرجي ها پر مخصوص وقت جون ئي رپورٽون سامهون آيون آهن.جنهن مان لڳي ٿو اهو رڳو هڪٻئي کي سياسي طور خوار ڪرڻ جو معاملو آهي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار جي طرز عمل مان لڳي رهيو آهي ته قانون تي عمل ڪرڻ ٻنهي جي منشا ۽ مرضي نه آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *