تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڪراچي جو ڪيس،عمران خان نئون مشرف

مون کي اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن سينيئر صحافي سيد طلعت حسين فلسطين ۾ ڪوريج دوران فلسطين ۽ اسرائيل جي حدن جي چڪر ۾ اچي قابو ٿي ويو هو، تڏهن ملڪ اندر پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي رحمان ملڪ گهرو کاتي جو وفاقي وزير هيو پيپلز پارٽي سفارتي ڪوششون وٺي سيد طلعت حسين کي واپس آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي، تڏهن چوڌري نثار قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ هيو شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هيو. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ نواز شريف سيد طلعت حسين سان ساڻس پيش آيل واقعي تي ملاقات ڪئي هئي. سينيئر صحافين سان گڏ طلعت حسين سان مون به ان ملاقات ۾ شرڪت ڪئي جتي جڏهن پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جو بحث شروع ٿيو تڏهن نواز شريف چيو ته جنهن جي وفاق ۾ حڪومت نه هجي اهو صرف هڪڙي صوبي جي حڪومت جي بنياد تي ڪارڪردگي بهتر نه ٿو ڪري سگهي. تڏهن به چوڌري نثار مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندو هو. مون اهڙي ڳالهه نواز شريف جي آڏو رکي چيو ته بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کانپوءِ توهان جي سياسي سوچ جي ڪري سنڌ ۾ توهان لاءِ مثبت راءِ پئدا ٿي آهي پر جڏهن چوڌري نثار سنڌ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪندي سنڌ حڪومت ۾ فرق نه ڪري سگهي توهان ايم ڪيو ايم سان رابطا ڪندا هجو ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ نواز شريف صاحب وراڻيو ته محترمه بينظير ڀٽو منهنجي لاءِ ڀيڻ جي حيثيت رکندي هئي هينئر تائين مان بينظير ڀٽو کي ياد ڪندو آهيان. هن هڪ سينيئر صحافي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڏسو ايم ڪيو ايم بابت توهان جي لکڻين جو اثر سنڌ تائين پهتل آهي پر اسان جو ايم ڪيو ايم سان ڪو به رابطو ڪونهي. ميان نواز شريف لنڊن واري اي پي سي ۾ اهو طئي ڪري چڪو هيو ته ايم ڪيو ايم سان رابطا نه ڪبا تڏهن ته عمران خان به فائيل کڻي ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين خلاف وڃي لنڊن پهچندو هيو. عمران خان چوندو هيو ته هو سياست ڇڏي ڏيندو پر ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندو. هينئر عمران خان پنهنجي يو ٽرن کي مائينس الطاف حسين سان ڳنڍي بيان ڪري ٿو ته الطاف حسين کانپوءِ وارا نفيس ترين آهن. نواز شريف جڏهن وزيراعظم هوندو هيو تڏهن مراد علي شاهه ان وقت جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان گڏجي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو هيو. مراد علي شاهه چوڌري اعتزاز احسن سان گڏجي پيپلز پارٽي آفيس ۾ بجلي جا ڳرا بل کڻي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ڪيس پيش ڪيو هيو، عابد شير علي چوندو هيو ته جيڪو بل ڀريندو بجلي انهن کي ملندي سنڌ ۾ بجلي چوري ٿيڻ جا طعنا ملندا هئا. وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ مسئلا پراڻا آهن صوبن ۾ گورنر راڄ به لڳندا رهيا آهن پنجاب ۾ پيپلز پارٽي وارن شهباز شريف کانپوءِ گورنر راڄ لڳايو خراب ڪارڪردگي جا سوال به اٿندا رهيا آهن هينئر ڇا عثمان بوزدار جي ڪارڪردگي جي تعريف ٿي رهي آهي؟ پنهنجي پارٽي ۽ سندس اتحادي مٿس شديد تنقيد ڪري رهيا آهن پر اهڙن بنيادن تي ڪڏهن ڪو چوندو هجي ته پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳايو يا پيپلز پارٽي لاهور کي وفاق حوالي ڪرڻ گهري ٿي. ماضي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اهي بحث ڇو نه ٿيندا هئا جيئن هينئر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو بحث شروع ٿي ويو آهي، انهي ڪري جو هن حڪومت جي نيت ڪراچي جي معاملي تي پڌري ٿي پئي آهي.
پهريائين جڏهن قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم اهڙي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا ڳالهه هينئر اٽارني جنرل ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي شديد احتجاج جي نتيجي فروغ نسيم جي عمل کي ذاتي عمل جي دائري ۾ آندو ويو، جنهن ڪري فروغ نسيم اسلام آباد ۾ سنڌي صحافين کي ڳولي ڳولي سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ قرار ڏئي جان ڇڏائي، هي فروغ نسيم آهي جيڪو پرويز مشرف جو به وڪيل رهندوآيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو سينيٽر به آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن مطابق اسان جي ڪوٽا تي نه پر وزيراعظم جي پنهنجي ڪوٽا تي وفاقي وزير آهي حڪومت جي چوڻ تي قانون جي وزارت تان استعيفا ڏيندو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ قاضي فائز عيسيٰ ڪيس هجي يا اهڙا ٻيا ڪيس انهن ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪري ٻيهر اچي وفاقي وزير جو حلف کڻندو آهي. هي ان پرويز مشرف جو وڪيل هيو جنهن پرويز مشرف کي الطاف حسين کانپوءِ واري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ٿيڻ جون ڳالهيون ٿينديون هيون، کيس ڪراچي مان کٽرائن جا بحث به ٿيندا هئا پر ايم ڪيو ايم جو قد ڪاٺ صرف ڪراچي تائين ۽ پرويز مشرف جو تصور ملڪي سطح جو سمجهي ان تي عمل ٿي نه سگهيو جنهن بعد جيڪا پارٽي منزل نهين رهنما چاهيي جهڙا نعرو هڻندي هئي سا وڃي تحريڪ انصاف سان جو ملي ته اهڙا وفاقي وزير نفيس ترين ٿي ويا. مطلب ته پرويز مشرف اڳواڻ ٿئي يا پارٽي وري عمران خان حوالي ٿئي طريقيڪار اهوئي پرويز مشرف وارن ڏينهن وارو هوندو ته ڏسي ورتو ڪراچي ۾ اسان جي طاقت.
هينئر جڏهن فروغ نسيم سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏجي وڃي وزيراعظم سان مليو آهي تڏهن فروغ نسيم اڪيلو ناهي پر برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي صورتحال، سپريم ڪورٽ جون ٻڌڻيون، وزيراعظم جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي موڪلڻ واري ماحول فروغ نسيم کي سگهه بخشي آهي ته هينئر معاملو صرف منهنجي بيان جو ناهي وزيراعظم هجي يا سنڌ جو گورنر ۽ فروغ نسيم کي اهو واضح ڪرڻو پوندو ته ڪراچي جي باري ۾ انهي ميٽنگ ۾ ڇا طئي ٿيو جيئن هن پهريائين سنڌي صحافين کي ڳولي ڳولي وضاحت ڪئي هئي.
ٻي ڳالهه ته آئين جو مقصد ئي تحفظ فراهم ڪرڻ هوندو آهي آئين جو ڪو به آرٽيڪل ڪنهن قوم کي شهر کي غير محفوظ ڪيئن ٿو بڻائي سگهي جو بار بار آرٽيڪل 149 جو ذڪر ڪري سنڌين کي ڪراچي جي معاملي تي غير محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ارڙهين ترميم واري ڪاميٽي جي سربراهي ڪندڙ ميان رضا رباني پهرين ڏينهن کان اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي جنهن مان اهو لڳندو آهي ته 18 ترميم کي خطرو آهي اهڙا بيان انهي شڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا ته حڪمرانن جي نيت ۾ ڇا آهي؟
عمران خان جي تحريڪ انصاف پهرين ڏينهن کان سنڌ کي ڪابه اهميت ناهي ڏني، مخالف ڌر ۾ هئڻ دوران به سنڌ لاءِ وقت نه هوندو هيو سال ۾ هڪ ڀيرو ايندو به هيو ته ڪراچي کان ئي واپس روانو ٿي ويندو هيو سندس چوڻ هوندو هيو ته اصل جنگ جو ميدان پنجاب آهي، جتي قومي اسيمبلي جون سيٽون وڌيڪ هئڻ ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اليڪشن مهم هلائڻ جي ضرورت ئي ناهي. وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ به خان صاحب جي سوچ ۾ تبديلي ناهي آئي هينئر به ڪراچي جو سال ۾ هڪ ڀيرو دورو ڪري هليو ويندو آهي پر خان صاحب جي سوچ ۾ ايترو فرق ضرور آيو آهي ته اقتدار تائين پهچڻ جي لاءِ پنجاب جي اڪثريتي علائقن جي ووٽن جي ضرورت هجي ٿي ته ملڪ هلائڻ لاءِ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي روينيو جي ضرورت هجي ٿي انهي ڪري ڪراچي انهن کي کپي. هونئن به خان صاحب کي اهو سوچڻو پوندو ته جيڪڏهن ڪراچي جون پنهنجون سيٽون، ايم ڪيو ايم وارا ميمبر ۽ بلوچستان جا اتحادي نه هجن ها ته رڳو پنجاب جي بنياد تي هو وزيراعظم به نه ٿي سگهي ها. حيرت آهي ته جتي عثمان بوزدار کي هٽايو وارومطالبو زور پيو وٺي پنجاب اندر اهڙي تبديلي بجاءِ سائين جن جو سڄو زور سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي گورنر راڄ ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ تي آهي. انهي ڪري جو ڪراچي مان کيس سيٽون به ملي ويون ايم ڪيو ايم به پنهنجي ٿي وئي باقي رڳو پرويز مشرف فارمولا رهجي ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه چوي ٿو ته آئيني اهم ميٽنگن ۾ شرڪت لاءِ جڏهن اسلام آباد روانو ٿيس ته ڪراچي ايئرپورٽ تي فون ڪري چيو ويو ته اسلام آباد نه اچو جيڪڏهن ايندا تڏهن به وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿي سگهندئو. شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ مان ماضي جي باقيات ختم ٿي وئي آهي صرف سنڌ ۾ ماضي جي باقيات آهي. ايندڙ چونڊن ۾ اها به ختم ٿي ويندي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو مسئلو ڪهڙو به هجي پر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا آئيني آپشن مارڪيٽ ۾ ڇڏڻ جا ڪهڙا جواز آهن؟
وفاق 18 ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ وارو مسئلو پنهنجي حق ۾ نه ڪرائڻ کانپوءِ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري نقطي تي اچي بيٺو آهي ته جڏهن سوني جهرڪي ئي انهن وٽ هوندي ته پوءِ ڇا جي 18هين ترميم ڇا جو اين ايف سي ايوارڊ؟ ڪجهه ڏينهن اڳ پوري ملڪ ۾ ميڊيا ڪورونا وائرس تي مراد علي شاهه جي پاليسين جي ساراهه ڪري رهي هئي هڪڙي برسات ۾ مراد علي شاهه ايڏو خراب ٿي ويو آهي جو ان ڏنڊ ڏوهه ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪجي؟ سڀ مسئلا ڪراچي ۾ برسات جي ڪري ٿيا آهن. اٽي جو بحران، کنڊ جو بحران، پي آءِ اي جي پائليٽن جو بحران معيشت جا سمورا معاملا ڪراچي ۾ برسات جي ڪري ٿيا آهن انهي ڪري گورنر راڄ کان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي آئيني آپشن تائين پهرين ڏينهن کان غور ڪرڻ سنڌ جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ، 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم ڪرڻ وفاق لاءِ ضروري ٿي پيو آهي. انهيءَ کان اڳ پرويز مشرف به چوندو هيو ته هنن ۾ اهڙي صلاحيت ئي ڪونهي جو هي وفاقي سيڪريٽري ٿي سگهن، جڏهن کان عمران خان آيو آهي لڳي ٿو ته پرويز مشرف ويو ئي ڪونهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *