تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي جو عوام آخر ڪيڏانهن وڃي؟

سنڌ ۾ هن وقت چوماسي جون برساتون جاري آهن، جنهن سبب سنڌ جي ڪاڇي ۽ ٿر سميت بئراجي علائقن جي ماڻهن ۾ به انهي ڪري خوشي جي لهر ڇانيل آهي ته اتي گرمي ۽ گهٽ ٻوسٽ ختم ٿي رهي آهي،برسات جي ڪري نه رڳو ماحول خوشگوار ٿيو آهي پر مينهوڳي مند ۾ مالوند ماڻهن جا چهرا به ٻهڪي رهيا آهن، پر اها ئي برسات ڪراچي وارن لاءِ انتظامي نااهلي سبب رحمت بدران زحمت بڻجي وئي آهي، سنڌ ۾ برساتن جي حوالي سان هن ڀيري موسميات کاتي جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي، انهي مطابق ئي برسات پئي آهي، جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ ڪيل اڳڪٿي ۾ برسات کان اڳ ئي انتظاميا کي خبردار ڪيو ويو هو ته برسات تيز پئجي سگهي ٿي ۽ اربن فلڊ جو به خدشو آهي، ان باوجود ڪراچي ۾ انتظاميا اگهور ننڊ ستل رهي ۽ جڏهن پهرين ڏينهن تي تيز برسات پئي، ته مڙئي خير آهي چوندي انتظاميا ڪو به قدم نه کنيو، ٻئي ڏينهن تي تيز برسات جاري هئي ته اوچتو منجهند ڌاري ميئر ڪراچي جو هڪ بيان سامهون آيو ته ميئر ڪراچي موسمي برساتن جو نوٽيس وٺندي، انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي هئي، يعني اڳ ۾ ته انتظام نه ڪيا ويا پر برسات کانپوءِ به ٻئي ڏينهن تي ميئر ڪراچي جي اک کلي ته هن شهر جي ماڻهن جي مالڪي ڪجي ، ميئر ڪراچي کان مڪاني ادارن وارو کاتو ٿورو تڪڙو ۽ اڳڀرو لڳي ٿو، جنهن برساتن کان اڳ ايمرجنسي لاڳو ڪري نالن کي صاف ڪرائڻ جو ڪاغذن ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو، پر عملي طور رڳو هڪ ڏينهن اڳ سمورن نالن ۽ نالين جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو، ان ڏينهن تي مڪاني ادارن واري وزير محمود آباد واري نالي تي پهچي ڪم جو جائزو ورتو ۽ دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ انتظام بهترين ڪيا پيا وڃن، پوءِ ٻه يا ٽي ڪلاڪ رڳو برسات پئي ۽ وزير جي ڪيل دعوي توڙي سندس ماتحت عملي جي ڪيل ڪم ڪار جا پول پڌرا ٿي ويا ۽ ڪراچي واسي ڀوڳيندا رهيا. ڪالهه به ايئن ئي ٿيو موسميات کاتي گذريل چئن ڏينهن کان اهو چيو پئي ته برسات ايندي ۽ ڪراچي ۾ تيز برسات ايندي، انهي خبردار ڪرڻ واري عمل کي مڪاني ادارن واري کاتي توڙي ڪي ايم سي انتظاميا اڳي جيان ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ ڪالهوڪي برسات ته ڪراچي جي هر گهٽي کان وٺي هر روڊ رستي کي تلاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، نه رڳو هيٺاهين وارا علائقا پر پوش علائقن ۾ به پاڻي گوڏي جيڏو بيٺل رهيو، جنهن سان نه رڳو ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن، مڪاني ادارن واري کاتي ۽ ڊي ايم سيز جي پت وائکي ٿي وئي پر ڪينٽونمينٽ بورڊ جهڙي اداري جي ڪارڪردگي به سواليه بڻجي وئي آهي، ڪراچي ۾ برسات جو جيئن ئي ڦڙو وسي ٿو ته بجلي جو بحران پيدا ٿي وڃي ٿو، هونئن ئي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ڪراچي واسين لاءِ هاڻي اهڙو عذاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي جو غريب ماڻهو ته مهيني ۾ راشن تي ايترو خرچ نٿو ڪري جيترو بجلي تي خرچ ڪري ٿو، ڪالهه به ايئن ئي ٿيو جو برسات جيئن ئي وسڻ لڳي تيئن ئي بجلي بند ٿي وئي ۽ پوءِ ڪيترائي ڪلاڪ شهري عذاب هيٺ رهيا، هڪ ته اڳي ئي ڪراچي ۾ گٽر نالن تي ڍڪ ناهن، ڪيترن ئي هنڌن تي روڊن تي کڏا آهن، ٻيو ته برسات جو پاڻي ۽ گٽر نالن جو پاڻي روڊن تي تلاءَ جي صورت ۾ موجود آهي، ٽيون وري بجلي بند ته اونداهي پکڙيل رهي، نتيجي ۾ ڪيترائي موٽرسائيڪل سوار ۽ پيدل هلندڙ ماڻهو انهن گٽر نالن ۾ ڪري زخمي ٿيا، ڪيترين گاڏين کي سخت نقصان پهتو، پر انتظاميا جي اک نه کلي جو عوام جو ڪو ازالو ٿي سگهي. ڪراچي ۾ رڳو برساتي نالن جي صفائي لاءِ سنڌ حڪومت پاران عالمي بينڪ جي مدد سان پوڻا ٻه ارب روپين جو هڪڙو پروجيڪٽ متعارف ڪرايو ويو ۽ ڪم شروع ڪيو ويو، پر نتيجو ٻڙي نظر اچي ٿو، گذريل هفتي پيل برساتن ۾ جڏهن پاڻي بيٺو ۽ انتظاميا ناقص انتظام ڪيا ته وڏي وزير هڪ هفتو اڳ انهي پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر کي هٽائي ڇڏيو، ساڳي وقت تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ايم ڊي کي پڻ هٽايو ويو، اهي ٻئي اهم عهدا هئا، جتان آفيسرن کي ته هٽايو ويو، پر انتظامي لحاظ کان فرق ڪو به نه پيو، ڪراچي ۾ ڪالهوڪي برسات به بدليل انتظامي چهرن جي قابليت کي پڌرو ڪري ڇڏيو، ملڪ جي معاشي حب جي هي حالت ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته آخر اهي اربين روپيا رڳو برساتي انتظامن لاءِ جيڪي خرچ ڪيا وڃن ٿا، اهي برساتي پاڻي ۾ وهي وڃن ٿا يا وري ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا؟ ڪراچي جا رهواسي ڪي اليڪٽرڪ کان وٺي ميئر ڪراچي ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي نااهلي سبب عذاب ۾ وڪوڙيل ئي رهن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *