تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي تي قبضي جون ڪوششون

سنڌ صدين کان سرسبز ۽ شاد خطو رھي آھي جيڪا  معدني ۽ زرعي  وسيلن سان مالا مال رھي آھي. تاريخ تي نظر ڦيرائي ڏسجي ته سنڌ جي خوشحالي ۽ زرخيزي ھر دور ۾ دشمنن، رھزنن ۽ حملي آورن جي ناپاڪ ۽ غليظ نظرن جي نشاني تي رھي آھي جو سندس وحدانيت ۽ امرتا تي سوين وار پئي ٿيندا رھيا آھن پر حملي آورن کي  سدائين سنڌ لوڌي ڪڍيو آھي پوءِ اھي ارغون ھجن يا ترخان ھجن ڇاڪاڻ جو سنڌ پنھنجي زرخيزي ۽ خوشحالي سان گڏو گڏ للڪار ۽ بغاوت جي سر زمين رھي آھي. 
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني سان گڏ سنڌ جي دل جي ڌڙڪن به آھي جتي صنعتن جو ڄار وڇايل آھي ۽ ڪراچي سڀ کان وڌيڪ روينيو، اپت ڏيندڙ آھي. ڪراچي اڄ به ھزارين سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ تعليمي حوالي سان اميد سحر آھي. ان تي ھڪ دفعو وري مخصوص مفاد رکندڙ ڌرين جي نظر آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اهي ڌريون ڪراچي تي وفاق جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.
پاڪستان جو آئين ته ڪنھن حوالي سان وفاق کي اجازت نٿو ڏئي ته ھو ڪنھن صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪري يا ان جو ڪو شهر وفاق جي ڪنٽرول ۾ هجي . پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 280 آرٽيڪل 149 ۽ آرٽيڪل 239 مطابق صوبائي حدن ۾ ڦير ڦار جي ته ڪٿي به گنجائش موجود ناھي.  وفاق ڇا آئين کان مٿانهون ڪو قدم کڻندو جو وفاقي حڪومت ۾ شامل ڌريون ۽ انهن جون ڪجهه اتحادي آئين جي لتاڙ ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيون آھن.
ٻي ڌمڪي گورنر راڄ جي وفاق طرفان ملي رھي آھي جھڙو ھتي انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا جو قانون ھجي، واضح رھي ته گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ پھريان اسميبلين ۽ سينٽ جا دروازا  ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان کڙڪائڻا پوندا جيڪو موجود صورتحال ۾ ناممڪن آھي. 
وفاق طرفان اھو به راڳ ڳايو وڃي پيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارگردگي بھتر ناھي انڪري ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ گهرجي پر اھو ڪٿان جو منطق آھي ته انتظامي مسئلن (Administrative problems) جي آڙ ۾توھان صوبائي حدن ۾ ڦير ڦار ڪيو. حڪومتي ڪارگردگي جو ئي جيڪڏهن تعين ڪرڻو آھي ته پوءِ وفاقي ڪابينا ۽ سندس حڪومتي ڪارگردگي تي نظر ڊوڙائبي ته وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت سڄي جي سڄي نااھل ۽ ڪرپٽ آھي، جنھن ملڪ کي مھانگائي، بيروزگاري، ڪوڙن واعدن، غلط سياسي پاليسين،  بحرانن ۽ پرڏيھي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪي جيڪو ملڪ سان حشر ڪيو  آھي ان جو ته مثال ملڪي تاريخ ۾ نٿو ملي.
اھڙي بدتر صورتحال ۾ اھي  وفاقي حڪومت کان استعيفا جو مطالبو ڇو نٿا ڪن؟ انهن ڌرين کي ياد رکڻ گهرجي ته 1948ع ۾ به توھان سازش تحت ڪراچي کي وفاق ۾ شامل ڪيو ھو ۽ پوءِ سنڌ ۽ سنڌ جي  عوام  جيڪا مزاحمت ڪئي ھئي ان مزاحمت  ۽ ردعمل جي سامھون توھان گھڻي دير بيھي نه سگھيا ھئا ۽ ڪراچي سنڌ کي واپس ملي هئي . ھنن کي اھو به ياد ھئڻ گھرجي ته سنڌ پنھنجي حقن، وسيلن، زمينن ۽ پاڻي خاطر ھوش محمد شيدي جي روپ ۾ ، دولھه دريا خان جي روپ ۾ ، صوفي شاھه عنايت جي روپ ۾ ، دودي سومري جي روپ ۾ شھيد صبغت الله شاھه راشدي جي روپ ۾ ۽ روپلي ڪولھي جي روپ ۾، لطيف سائين جي بيتن سان، شيخ اياز جي گيتن سان ۽  استاد بخاري جي شعرن سان وڙھندي ۽ پنھنجا حق وٺندي. 
گھرون ڇو گبر کان وٺون حق گھوگھي
پنڻ کان ڇنڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي 
ججھڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي 
اجھڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.(بخاري)
ھتي سنڌ حڪومت کي بہ سمجھڻ کپي تہ توھان جي ناقص ڪارگردگي جو تعنو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ملي رھيو آھي توھان کي جيڪڏنھن سنڌ ۾ پنھنجو وجود برقرار رکڻو آھي تہ وفاق ۽ جيڪي عناصر ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن انھن سان ھڪ ھڪاڻي ڪري انھن جي ڌمڪين جو ڀرپور جواب ڏين ۽ حڪومتي سطح تي پنھنجو موقف واضع ۽ مضبوط رکي سنڌ جي راڄ ڌاني جو تحفظ  ڪن جي نہ تہ اگر ڪراچي کي خطرو تہ توھان جي سنڌ ۾ باقي وڃي بچيل وجود بہ خطري ۾ ھوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *