تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڪراچيءَ جي معاملن تي ڪاميٽيءَ بابت ڪجھه سوال

17 هين آگسٽ تي روزاني ڊان ڪراچيءَ جي معاملي تي وفاقي ۽ سنڌ جي گڏيل ڪاميٽيءَ بابت هڪ تفصيلي خبر شايع ڪئي. ان خبر جا ڪجھه اهم حصا غور سان پڙهڻ وٽان آهن.
ڪراچيءَ جي معاملي تي اسٽيبلشمينٽ جي سڀني کان اوچي سطح تان مزاحمت ڪئي وئي.
سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو هڪ سينيئر ميمبر اڏام وسيلي ڪراچيءَ پهتو، جنهن ڪراچيءَ بابت ٽنهي ڌرين (صوبائي، وفاقي ۽ شهري) کي گڏ ويهاريو ته جيئن ڪراچيءَ جي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، جنهن سبب ڪجھه عرصي کان فوجي قيادت اڻ تڻ ۾ آهي.
آچر ڏهاڙي سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ميڊيا کي ٻڌايو ته ڇهن ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽيءَ جي سربراهي سنڌ جو وڏو وزير ڪندو. ڪاميٽيءَ جو نالو ۽ مول متا طئي ٿيڻ کان پوءِ ان جو باضابطه نوٽيفڪيشن نڪرندو.
آچر ڏينهن رات جو دير سان ناصر شاهه وضاحت ڪئي ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير اسد عمر وچ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَءِ ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان درپيش رنڊڪن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، باقي رهي ڳالهه ترقياتي ڪمن تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جي، ته ان گڏجاڻيءَ ۾ اهڙو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي.
ڇنڇر تي ٿيل اها گڏجاڻي ان نوعيت جي ٻي ميٽنگ هئي، هڪ ئي هفتي اندر ٿيل پهرين گڏجاڻيءَ ۾ صوبائي ۽ شهري حڪومت سان واسطو رکندڙ اهم عيوضين ۽ سياسي ڌرين کي اسلام آباد سڏايو ويو هو. شروع ۾ پيپلز پارٽيءَ ٻين پارٽين سان پنهنجا اختيار ونڊڻ لاءِ تيار نه هئي، پر اسٽيبلشمينٽ ان انتظام لاءِ کيس مڃايو.ان خبر جا تفصيل پڙهي صاف پتو پئجي ٿو ته ڪراچيءَ جي معاملي ۾ هاڻي ملڪ جي سڀ کان سگھاري ڌر وچ ۾ اچي چڪي آهي، هفتو کن اڳ ملڪ جي سڀ کان اعليٰ عدالت جي جج به اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا ڪراچيءَ جا معاملا وفاق کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجن؟ ان کان پوءِ عدالت ڪراچيءَ ۾ صفائيءَ جو ڪم وفاقي اداري “اين ڊي ايم اي” جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هيءَ سڄي کيڏ ان وقت کيڏي پئي وڃي جڏهن ٻن هفتن اندر مڪاني نظام جو مدو ختم ٿي ويندو ۽ ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندا. ڪراچيءَ ۾ دلچسپي رکندڙ ڌرين کي ان ڳالهه ۾ به دلچسپي آهي ته ڪراچيءَ جو ايڊمنسٽريٽر ڪير مقرر ٿيندو. جيئن ته ان مقرريءَ جو اختيار پيپلز پارٽي جي حڪومت وٽ آهي، تنهنڪري ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ کي اها به ڳڻتي آهي ته پيپلز پارٽي ان اهم عهدي تي ڪو پنهنجو ماڻهو نه مقرر ڪري ڇڏي. اهوئي سبب آهي جو ان ساڳيءَ خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي هڪ عيوضيءَ دعويٰ ڪئي ته مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ شهر جي مڪاني ادارن جا ايڊمنسٽريٽر سمورين ڌرين جي صلاح مشوري سان مقرر ڪيا ويندا جنهن ۾ ايماندار سياستدان ۽ ڪامورا شامل هوندا.
ان مان نظر اچي ٿو ته هن سڄي وٺ وٺان پٺيان هڪ اهم مقصد صوبائي حڪومت کي ان ڳالهه تي مجبور ڪرڻ هو ته اها ڪراچيءَ جا ايڊمنسٽريٽر سگھارين ڌرين جا ۽ خاص طور تي سندن وفادار پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ سان مقرر ڪري. پيپلز پارٽيءَ ان ڪاميٽيءَ بابت خبرون ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ عوام کي ٻه مختلف خبرون ٻڌايون. پهرين خبر ٻڌايائون ته ڪاميٽي ٺهي آهي، جيڪا ڪراچيءَ جا معاملا گڏجي هلائيندي. پوءِ وري جڏهن سنڌ واسين اهو سوال اٿاريو ته ڇا پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجا اختيار اڻ سڌيءَ طرح وفاقي حڪومت سان ونڊي رهي آهي ته پوءِ وري چيو ويو ته ڪاميٽي ناهي ٺهي رڳو گڏجاڻي ٿي آهي. پ پ پ حڪومت جي انهن متضاد بيانن سان ٻٽي مڪاني نظام وارو سين ياد اچي ويو. تڏهن به آڌيءَ رات جو وفاقي حڪومت جي هڪ عيوضيءَ بابر اعواڻ گورنر هائوس ۾ اچي ٻٽي نظام جو اعلان ڪيو هو. هن ڀيري به هڪ وفاقي کاتي جو سربراهه گورنر هائوس ۾ ويهي سنڌ مٿان اهو انتظامي ڍانچو مڙهي رهيو هو، ان صورتحال جا آثار ڪجھه ڏينهن کان نظر اچي رهيا هئا. جنهن طرح ملڪ جا سمورا اهم ادارا ۽ وزيراعظم سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪري رهيا هئا، ان کان پوءِ بلڪل واضح ٿي چڪو آهي ته ڪراچيءَ جي گندگي بس هڪ بهانو ئي هو ۽ وفاق، سنڌ پاران 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي اختيار ڪيل سخت موقف جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ کي سبق سيکارڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌ جا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو به ان سڄي معاملي کي پ پ پ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ سان ڳنڍين ٿا پر حقيقت اها آهي ته پ پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيڏي به سڌري وڃي، 18 هين ترميم تان پوئتي نه هٽڻ تائين وفاق سنڌ حڪومت سان ڪا به رعايت نه ڪندو.
ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ کي گھرجي ته سنڌ جي عوام اڳيان حقيقتون پڌريون ڪري سنڌ جي عوام کي چٽن لفظن ۾ ٻڌائڻ گھرجي ته ڇا ڪا ڪاميٽي جوڙي وئي آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪا ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ته ان جا مول متا ڪهڙا آهن ۽ ان جي جوڙجڪ ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن وفاق ڪراچيءَ جي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا مالي مدد ڪري رهيو هجي ۽ انهن رٿائن تي ڪا گڏيل ڪاميٽي ٺهي رهي آهي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. وفاق ته اڳ ئي سنڌ ۾ “سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪاميٽي” قائم ڪري گورنر وسيلي صوبي اندر وفاقي پراجيڪٽ هلائي رهيو آهي. جيڪڏهن وفاق ڪراچيءَ جي مسئلن بابت ڪي وڌيڪ وسيلا فراهم ڪري ٿو ته سٺي ڳالهه آهي، باقي جيڪڏهن سنڌ سرڪار جي وسيلن سان ٿيندڙ ڪم تي ان کي چڱ مڙسائي ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت کي اهو ٻڌائڻ گھرجي ته آخر سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ وفاقي وزيرن جي ڪاميٽي ٺاهڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ سنڌ سرڪار کي سنڌ جي عوام ووٽ ڏنا آهن، ان کي گھرجي ته سنڌ جي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪري. جيڪڏهن سنڌ سرڪار متضاد بيان جاري ڪندي ۽ اندروني خبرون ميڊيا وسيلي ٻاهر اينديون ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو حڪمران ڌر کان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته آخر اها پنهنجي آئيني اختيارن بابت شروع ۾ اختيار ڪيل موقف تان پٺتي ڇو هٽي رهي آهي؟
پيپلز پارٽيءَ سان ڪيترائي اختلاف هجڻ ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ بابت سوال اٿارڻ جي باوجود اها حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا آهن، تنهن ڪري سنڌ جي آئيني اختيارن جو تحفظ به ان جي ئي ذميواري آهي. جيڪڏهن ڪي ڌريون پ پ پ قيادت کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ گھرن ٿيون ته ان کي گوڏا کوڙڻ بجاءِ سنڌ واسين کي سڀ سچ ٻڌائڻ گھرجي. جيڪڏهن حڪمران پارٽي سنڌ واسين جي جدوجهد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ مليل محدود آئيني اختيارن تي ڪو ڪمپرومائيز ڪندي ته سنڌ واسي ان کان پڇاڻي جو حق رکن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *