تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچيءَ جي مسئلن کي حل ٿيڻ گھرجي!

ڪراچيءَ جي حوالي سان انهن کي جذباتي ٿيڻ جو ڪو حق ناهي جن جي ناڪارڪردگيءَ ڪراچيءَ کي پراون جي همدرديءَ جھڙو بڻايو آهي. ماضيءَ جي غفلت اڄ جي نااهليءَ پورن نتيجن سان آڏو آهي، اڄ ڪراچيءَ جي هٿان وڃڻ جو خوف پنهنجي انهيءَ لاپرواهيءَ جو نتيجو آهي جيڪا پنهنجي شهر جي صوبي جيڏو ٿي وڃڻ تي اختيار ڪئي وئي. وڏو ٿي ويل نخرا به وڏا ڪندو، هو ننڍو ٿيڻ ته قبول نه ڪندو. ڪراچيءَ کي جنهن معيار جو بڻايو ويو ان معيار جي سنڀال نه ٿيندس ته لازمي مسئلو ٿيندو. اهي سڀ هٿ جون وڍيون آهن جن جو اڄ ڊڀ دارون ٿو گھرجي.
اسان کي ڪنهن چيو هو ته هڪ شهر کي هروڀرو صوبي جيڏو بڻايون؟ هٿ سان شهرين جو من وڌايون، غير ضروري طور تي ڪراچيءَ کي ضلعن کان ڏهوڻو ۽ ڊويزنن کان پڻ پنجوڻو بڻايو ويو. هڪ شهر کي پاڻ وهيڻو ۽ باقي ساري سنڌ کي هيڻو بڻايو ويو. اهو اسان جو ئي ڏوهه آهي، ياد رکڻ گھرجي ته هر ڏوهه جو ازالو نه ٿيندو آهي. ڪنهن ڏوهه جي سزا به ٿيندي آهي. ڪراچي پنهنجي موجوده سائيز ۾ اسان جي غفلت آهي، اسان مان جيڪي اختيار ڌڻي رهيا آهن انهن جو بنيادي قصور آهي. باقين ان کي برداشت ڪري غلطي ڪئي آهي. سزا ۾ سڀني کي شريڪ رهڻو آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ڌارين جو سمنڊ آباد ٿيندو ويو. ڌڻين جو داڻو ڪڻو مس آهي، پوري جو پورو شهر پنهنجي ديس کان اوپرو ٿيندو ويو، اسين ان ۾ خوش ته اسان جي ڌرتيءَ تي آهي.
ڪراچيءَ تي هڪ غير سنڌين جي آباديءَ جو دٻاءُ وڌايو ويو، ٻيو هنن جو ڪاروبار وڌايو ويو، اسين اتي گراهڪن جھڙا رهياسين. صوبي جا سارا شهر نظرانداز ڪري ڇڙو هڪ شهر کي معتبر بڻايوسين. حق به ان جا سمجھياسين، ضرورتون به ان جون پوريون ڪيونسين. ٽول پلازا کان ٻاهر ساري سنڌ کي ڪراچيءَ جي ڪچي آبادي بڻائي ڇڏيوسين. پنهنجو مٿو وڏو ڪيوسين، باقي سارا عضوا سڪائي ڇڏياسين.، اڃان به ان ماڻهوءَ جو مثال ڏجي جيڪو ويهارو ٽيهارو پٽن جو پيءُ هجي ۽ رڳو هڪ پٽ کي پالي تاتي پاڻ جيڏو بڻائي ٻين کي بکيو، ڏکيو ۽ جاهل رکي رڳو هن کي اعليٰ تعليم ڏياري اتم بڻائي ته اهڙو پٽ هن کي هڪ ڏينهن اوپرو ئي ٿي ڏيکاريندو. وقت اچڻ تي وڙهڻ به ايندو، اهڙو ئي آهي اسان جي گاديءَ وارو شهر!
اگر شهر ايترا دادلا ڪبا آهن ته انهن جي تربيت فضيلت واري ڪبي آهي. هڪ ڪراچيءَ کي ايترو مٿي تي چاڙهيو ويو ٻيو عملي لاتعلقي اختيار ڪئي وئي. ٻوليءَ جي فرق به ٻيائي وڌائي، گوليءَ جي استعمال به رشتا ڪمزور ڪيا. ڌرتي ساڳي رهي ڌڻي ٻيا ٿي ويا. ڪراچيءَ نه اسان جي واپار جو مرڪز ٿيو نه ڪاروبار ۾ اسان جي شرڪت ٿي، اسان جا سياسي هيڊ ڪوارٽر به ڪراچي ۾ قائم نه ٿي سگھيا، اسين ڪراچي رڳو گھمڻ ويندا آهيون ۽ ٻيو ريلي ڪڍڻ ويندا آهيون. ڪراچيءَ ۾ اسان جا ڪيڏا به وڏا لانگ مارچ ٿين اهي ڪراچيءَ جي مقامي سنڌين جا نه پر باقي شهرن جي ماڻهن جا هوندا آهن ڇاڪاڻ جو ڪراچي ۾ اسين ايتري تعداد ۾ آباد ئي ناهيون.
شهر ته رهڻ وارن جا ٿيندا آهن، ٻاهران آيلن جا ڪهڙا شهر! اسان جا ماڻهو جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ به ويندا ته ريلي ختم ٿيڻ بعد ان ئي شام واپس موٽندا، ڏينهن جو ڀلي سنڌين جو سمنڊ ڇوليون هڻي رات جو ڪو نه لڀندو، ظاهر آهي ته رڳو تصويرون ڪڍي ته ڪراچيءَ کي پنهنجو نٿو بڻائي سگھجي. اسان ئي نه ٿياسين ته ڪراچي اسان جو ڪيئن ٿيندو؟ جيئن ته ڪراچيءَ ۾ اسين نٿا رهون، جيڪي رهن ٿا عملي طور ڪراچي انهن جو شهر آهي. ڪراچي وارن جو پنهنجي طرز زندگي آهي. هو اسان وانگر گھٽ ٻوسٽ ۾ رهڻ جا عادي ناهن، هو اسان جيان ڇيڻن جي واڙن ۾ رهڻ لاءِ تيار ناهن ان ڪري گندگي تي دانهن ڪن ٿا. اسان کي جھڙيءَ ريت پنهنجا ميرا شهر قبول آهن اهڙي گدلي ڪراچي هنن کي قبول ناهي. ڪراچيءَ جي صفائي نٿي ٿئي. سالن کان نٿي ٿئي انهيءَ ڪري ڪراچي گند جو ڍير بڻجي وئي آهي. ڪراچي جي حالت ڏسڻ جھڙي ناهي، ڪراچي ۾ ڪينئان پئجي ويا آهن.
ڪراچي جنهن معيار جو شهر آهي ان کي ان معيار تي ڏسجي ٿو ته ڪراچي ڪني ٿي لڳي. اڳي اهڙي نه هئي، هي شهر صفائيءَ کان بلڪل محروم آهي. ڪراچي سان همدردي ڏيکارڻ وارا ڪهڙا به هجن پر ڪراچي واقعي همدرديءَ جھڙي آهي، جڏهن پنهنجا همدردي نٿا ڪن تڏهن پراوا همدردي ڏيکارين ٿا. انهن جي نيت بد ٿي سگھي ٿي پر انهن کي موقعو اسان ڏنو آهي.، جڏهن حالت بري هوندي ته ردعمل به ٿيندو. مقامي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪندي، ان جا ادارا نه ڪندا ته ڪو ته ڪندو؟ خال ته نه رهندو، ڪراچي رڳو صوبي ۾ ناهي اها ملڪ ۾ به ته آهي، ملڪ جو تمام وڏو شهر آهي. مون منڍ ۾ چيو ته ڪهڙو ضرور هو ننڍي صوبي کي پنهنجو ايڏو وڏو شهر ٺاهيو؟ وڏي شهر ۾ وڏيون اکيون پونديون آهن، ڏسڻ وارن جا تارا ته نٿا ڪڍي سگھجن، اسان کي هن دنيا ۾ رهڻو آهي، دنيا جي وهنوار کي ڏسي هلڻو آهي. اسان ڀلي شڪايتون ڪريون پر ڏسون ته سڀن کي اسان کان ڪيتريون شڪايتون آهن، جن سنڌ جي ٻين شهرن جو حشر ڪيو آهي، اهي ڪراچيءَ جو قدر ڪيئن ڪندا؟ ڪراچيءَ جا ماڻهو اسان وانگي عقيدتمند ناهن، هو ڪنهن شهيدن جا قرضي ناهن جو صبر ڪري ويهن، هو پنهنجي مسئلن جو حل چاهين ٿا. هڪڙو نٿو ڪري ته ٻين ڏي ڏسن ٿا، صوبائي حڪومت نه ڪندي ته وفاق کي چوندا، اها هروڀرو سازش ناهي؟
مسئلن جا حل ٿيندا آهن، انتظامن جا متبادل به ٿيندا آهن، ڪراچي جي پريشاني کي غلط نظر سان ڏسڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي حالت کي ڏسجي، ڪراچي ڪنهن ڪشمور جھڙي حال ۾ ته نه جيئندي، جھڙو شهر هوندو تهڙي معيار جو انتظام ۽ صفائي گھرندو. دانهن ڪندو، وس وارن کي شڪايت ڪندو، ناراض ماڻهو ڪاوڙ ۾ خواب متبادل به ٻڌائيندو آهي، ان کي لازمي سازش ڪري نه وٺجي، ڪراچيءَ جي شڪايت دور ڪجي ڏسجي ته ڳري ڳالهه ڪرڻ وارا پنهنجي ڳالهه تي ڪيتري ڳت ٿا ڏين. هو جيڪڏهن ليکو ڪن ٿا ته ليکي ڪرڻ جھڙي حالت ۾ به آهي. جيئن پاڻ وفاق تي اتامرجي چوندا آهيون ته سنڌ هيتري پيداوار ٿي ڏئي، تيئن هو ڪاوڙ ۾ چون ٿا ته سنڌ ۾ ڪراچي هيتري پيداوار ڏي ٿي. هو پنهنجو پورهيو ۽ پيداوار جو مهڻو ڏين ٿا ته ڇا غلط ٿا ڪن؟ حساب ته ڇڪيندا، هي ته سنڌي ماڻهو ليکو نٿا ڪن، جھڙي تهڙي حال ۾ جيئن ٿا، جانورن جھڙي زندگي گذاري ڇڏين ٿا، پر ڪراچيءَ جا ماڻهو ڪنهن جا قرضي ته ناهن، هو ڪاڻانڊا ناهن ته ڇو صبر ڪندا؟ هو اسان جيان حڪمرانن سان محبت نٿا ڪن ته نه ڪن، هو ڏکي زندگي نٿا گذارڻ چاهين ته مسئلن جو حل هنن جو حق آهي. هو حڪمرانن کي اسان وانگي پٽي تي لکي ڏنل ٿوروئي آهن. هينئن هونئن جون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ ڪراچيءَ جي مسئلن کي حل ٿيڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *