تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ڪراچيءَ جي مسئلن جا حل ڳولڻ جي ضرورت

ڪراچيءَ ۾ جڏهن به برساتن جي موسم ۾ رستن تي پاڻي گڏ ٿيندو آهي، هڪ مخصوص لابي ان تي هاءِ گھوڙا شروع ڪري ڏيندي آهي. سندن سڄي ماتم جو ڇيهه اتي وڃي ٿيندو آهي ته ڪراچيءَ کي وفاق يا فوج جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي. انهن همراهن کي ڪراچيءَ جا مسئلا حل ٿيڻ کان وڌيڪ شهر مٿان مشرفي دور وارو ماڊل بحال ڪرڻ جو اونو هوندو آهي. مشرفي ماڊل ۾ هڪ لساني گروهه شهر جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو. اڻ ميون بجيٽون، زمينون ۽ کاتا سڀ سندن ملڪيت هئي ان وقت ميڊيا جي وات تي به ٽيپ لڳل هوندي هئي. شهر جون حالتون تڏهن به اهڙيون ئي هيون، ڪلفٽن وارو انڊر باءِ پاس پهرين بارش ۾ تلاءُ بڻجي ويو هو. شهري حڪومت جڏهن ڪي پي ٽي کي ان جو ذميوار قرار ڏنو ته ڪي پي ٽيءَ جي سگھاري سربراهه جي هڪ جوابي بيان کان پوءِ ڪنهن به نه ڪڇيو هو. هاڻي به جڏهن چوماسي جي مينهن ڪراچيءَ جا رستا ٻوڙيا ته ساڳي لابي ميڊيا ۾ موسمي ڏيڏرن واري ٽان ٽان شروع ڪري ڏني. کين اصل شڪايت سنڌ حڪومت کان ئي آهي پر ان سان گڏ ڪي ايم سي ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ايڇ ڊي اي تي اکر به نٿا ڪڇن، جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو وڏو حصو سندن حوالي آهي.
ڪراچيءَ جي مسئلن کان سنڌ سرڪار آجي ناهي ۽ ان تي بنا رک رکاءَ جي تنقيد ٿيڻ گھرجي پر هتي جيئن ته شهر جي بهتريءَ بجاءِ اسلام آباد جي حامي لابيءَ جي برتري وڌيڪ اهم هئي، تنهنڪري مطالبو وري به ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو اڀاريو ويو. ڪراچيءَ ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ بهاني نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، ايف ڊبليو اوکي “لامحدود مالي وسيلا” فراهم ڪري ڪراچي اماڻيو ويو. ان کان اڳ ڪنهن به حڪومت شايد ئي ڪنهن ايمرجنسي يا رٿا لاءِ لامحدود وسيلا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هجي. ان مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ان ريسڪيو سروس پٺيان اصل نيت ڪهڙي آهي. درحقيقت وفاقي حڪومت کي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ وارن معاملن تي سنڌ جي مزاحمت جي باهه ڪڍڻ يا سنڌ اندر پنهنجي سڌي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ وجھه گھربل هو. جيڪڏهن شهر ۾ رستن تي بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ ئي ايڏي جفاڪشي ڪئي وئي هئي ته پوءِ بلوچستان ۾ ته ٻوڏ سئو ڀيرا وڌيڪ تباهڪاري ڪئي آهي پر اتي وفاقي ادارا لامحدود ته ڇا محدود وسيلن سان به ناهن موڪليا ويا.
جيستائين ڪراچيءَ جي شهري مسئلن جو سوال آهي ته اهي هڪ حقيقت آهن، جن جا ڪارڻ به سڀني کي معلوم آهن پر جيئن ته نيت مسئلو حل ڪرڻ نه پر مسئلو برقرار رکڻ آهي، تنهنڪري ڪراچيءَ جي مسئلي جا حل به نٿا ڪڍيا وڃن. ڏيڍ پوڻا ٻه ڪروڙ آباديءَ واري شهر جي اها حالت ڏهاڪن ۾ اهڙي ٿي آهي، تنهنڪري ان لاءِ رڳو ڪنهن هڪ ڌر کي ذميوار قرار ڏئي ۽ ٻين جو نالو به نه کڻڻ جي پٺيان اصل نيت ڪراچيءَ تي وفاقي والار بحال ڪرڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو صوبائي حڪومت کي برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏئي ته ملامت ڪئي ٿي وڃي پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکندڙ وفاقي حڪومت جي ادارن جو نالو به نه ٿو کنيو وڃي. ان سياسي بدنيتيءَ کي هڪ پاسي رکندي ڪراچيءَ جي مسئلن جي حل جا رستا ڳولڻ جي ضرورت برقرار آهي. مان ان ڏس ۾ ڪجھه تجويزون پيش ڪيان ٿو، جن تي بحث ڪري انهن کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو.
1.وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪائونسل آف ڪامن انٽريٽس سان گڏجي ڪراچيءَ جي لاءِ هڪ گڏيل رٿا بندي ٽاسڪ فورس ٺاهن. ان ٽاسڪ فورس ۾ ٻنهي حڪومتن جا رٿابندي ۽ ترقياتي کاتي جا سينئر آفيسر، شهري رٿا بنديءَ جا ناليوارا ماهر، ڪراچيءَ جي مختلف ڪنٽومينٽ بورڊز جا نمائندا ۽ شهر جا چونڊيل ميئر ۽ ميمبر هجن. اها ٽاسڪ فورس ڪراچيءَ جي بنيادي ميونسپل سروسز سان ٿيل هٿ چراند کي ٺيڪ ڪرڻ جو پلان ٺاهي، اڳتي جي رٿابندي ڪري ۽ انهن کي صوبائي حڪومت، شهري حڪومت ۽ ٻين خودمختيار ادارن وسيلي عمل درآمد جي نگراني ڪري ان پروگرام کي ڪراچيءَ جي ميونسپل سروسز بحالي پروگرام جو نالو ڏئي سگھجي ٿو.
2.جيئن ته ڪراچيءَ ۾ چئني صوبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ وفاق حڪومت ۾ موجود پارٽي ۾ به شهر مان اڪثريتي سيٽون کٽيون آهن تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪراچي ڊيولپمينٽ فنڊ قائم ڪن. وفاقي حڪومت هر سال ان فنڊ ۾ 50 ارب رپيا حصي طور ڏئي ۽ ايتري ئي رقم سنڌ حڪومت به ڏئي. اهو فنڊ باقي معمول جي خرچن کان الڳ هجي ۽ ان کي مٿي ڄاڻايل ٽاسڪ فورس جي نگرانيءَ هيٺ ٺهيل “ڪراچي ميونسپل سروسز بحالي پروگرام” تي خرچ ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي شهري حڪومت ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجون آئيندي جون رٿائون ان ماسٽر پلان جو حصو بڻائي ان فنڊ هيٺ پنهنجا وسيلا به ملائي خرچ ڪن.
3.ڪراچيءَ جي جاگرافيائي حدن ۽ آباديءَ جي مٿئين حد طئي ڪري انهن ۾ پکيڙ ۽ واڌ کي ٻنجو ڏنو وڃي، 1947ع ۾ چار لک آبادي وارو ڪراچي شهر پوڻا ٻه ڪروڙ تائين وڃي پهتو آهي. ان جون جاگرافيائي حدون ڄامشوري جي ڪوهستان ۽ نوري آباد تائين وڃي پهتيون آهن. اڃان به بحريه جي نين اسڪيمن جون خبرون اچي رهيون آهن. ڪراچيءَ جي ايتري پکيڙ ۽ آبادي موجوده وسيلن سان ڪنهن به حڪومت لاءِ سنڀالڻ جھڙي ناهي. ان آبادي ۽ پکيڙ کي روڪڻ ضروري آهي.
4.ڪراچيءَ جي حالتن ۽ مسئلن جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي ايندڙ ڏهن سالن لاءِ ٻين صوبن مان ڪراچيءَ ڏانهن اچي آباد ٿيڻ تي بندش لاڳو ڪئي وڃي شهر جي خانگي ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي ٻين صوبن بجاءِ سنڌ صوبي جي رهواسين کي ئي ملازمت ۾ رکن. ان لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن.
5.ڪراچيءَ جي ميونسپل سروسز ۾ هڪ وڏي رنڊڪ قدرتي وهڪرن وارين ندين ۽ ننڍين برساتي ندين مٿان ٿيل ناجائز قبضا آهن. سڄي شهر ۾ برساتي ندين جا لنگھه سوڙها ٿي وڃڻ سبب اهي لنگھه هاڻي برسات جي پاڻيءَ جو دٻاءُ برداشت نٿا ڪري سگھن، نتيجي ۾ ڪلاڪن تائين برسات جو پاڻي نيڪال نٿو ٿئي. جيستائين اهي برساتي نديون پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ بحال نه ٿينديون، رڳو انهن مان ڪچرو ڪڍي ڪپرن تي ڦٽو ڪرڻ سان ڪراچيءَ جي برسات جو مسئلو حل نه ٿيندو. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سيٽيلائيٽ نقشن وسيلي پاڻي جي قدرتي وهڪرن مٿان ٿيل قبضن، انهن اڏاوتن جا قسم، پکيڙ ۽ ٻي سموري معلومات عوام اڳيان پڌري ڪري ته جيئن پتو پئجي سگھي ته ڪراچيءَ جي قدرتي وهڪرن ۾ اصل رنڊڪون ڪهڙيون آهن. سنڌ حڪومت انهن ماڻهن کي هڪ مقرر مدت اندر پنهنجو اڏاوتون ڊاهڻ جي مهلت ڏئي ۽ ان کان پوءِ آپريشن وسيلي اهي نديون خالي ڪرائي اصل حالت ۾ بحال ڪري. جيڪا به ڌر انهن قبضو ڪندڙن جي سياسي حمايت ڪندي، اها پاڻ ئي عوام اڳيان پڌري ٿي ويندي. بدقسمتيءَ سان ان عمل سان ڪيترائي غريب گھراڻا به متاثر ٿيندا. پر اصولي طور تي پاڻيءَ جي قدرتي لنگھن ۾ آباديون ٺاهڻ ۽ اڏاوتون ڪرڻ غير قانوني عمل ۽ ڏوهه آهي. ان عمل سبب لکين شهري هر سال متاثر ٿين ٿا، تنهنڪري حڪومت کي مجبورن اهو ايڪشن کڻڻو پوندو.
6.بنيادي شهري سهولتن جھڙوڪ گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ گند ڪچري جي صفائي، پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي وارا ادارا شهري حڪومت حوالي ڪيا وڃن. ان کي خومختيار بڻايو وڃي ته اها انهن جي خدمتن عيوض معاوضو اوڳاڙي شهرين کي اهي سهولتون فراهم ڪري ۽ پاڻ ئي ذميواري به کڻي.
7.شهر کي معياري ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ وارو ڪم به شهري حڪومت حوالي هجڻ گھرجي، جيڪا خانگي ادارن وسيلي اهي خدمتون شهرين کي مناسب ڀاڙي تي فراهم ڪري. ڪراچيءَ جي سائيز جي شهر وٽ مناسب سفري سهولتون نه هجڻ شرمناڪ ڳالهه آهي. صوبائي ٽرانسپورٽ کاتو ڪنهن به حڪومت ۾ ڪراچيءَ کي اها سهولت فراهم ناهي ڪري سگھيو. سڄي ملڪ ۾ لاهور، پنڊي ۽ اسلام آباد جي ميٽرو بس سروس کان سواءِ ڪٿي به ڍنگ جي عوامي ٽرانسپورٽ موجود ناهي. انهن شهرن جي به هڪ محدود حصي کي اها سهولت مليل آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جي ايڏي وڏي آبادي غير معياري مني بسن ۽ رڪشائن جي رحم ڪرم تي آهي. ايڏي وڏي سطح تي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي. صوبائي ۽ شهري حڪومت گڏجي خانگي ڪمپنين سان اهو مسئلو حل ڪري سگھن ٿيون.
8.ڪراچيءَ ۾ بنيادي ميونسپل خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن ڪي ايم سي، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ادارتي آڊٽ ڪرائي انهن جي گھر ويٺي پگھارون کڻندڙ ملازمن کي نيڪالي ڏني وڃي. هر مهيني ڪروڙين رپيا انهن ادارن جا ڀوت ملازم پگھارن ۽ الائونسز ۾ کڻن ٿا، جيڪي بچائي شهر جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪيا وڃن. انهن ادارن ۾ ڀرتين کي غير سياسي ۽ شفاف بڻائڻ جو طريقه ڪار جوڙيو وڃي.
ڪراچيءَ جي مسئلن کي نه صوبائي حڪومت اڪيلي سر حل ڪري سگھندي ۽ نه ئي شهري حڪومت کان اهي مسئلا حل ٿي سگھندا. شهر جي مسئلن ۾ وفاق کي سياسي نمائش ڪرڻ ۽ شهر کي پنهنجي انتظام هيٺ هلائڻ واري خواهش کي پاسي تي رکي صوبائي حڪومت سان انگيجمينٽ وسيلي ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل ادا ڪرڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح صوبائي حڪومت کي به ڪراچيءَ ڏانهن پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن شهر جي بهتر انتظامڪاريءَ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ ان کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *