تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪراچيءَ تي وفاقي والار جا بي بنياد جواز

ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي بابت ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي قانوني عيوضي اٽارني جنرل ٻڌايو ته شهر جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ موجود آئيني ۽ قانوني رستن تي وفاقي حڪومت ويچار ڪري رهي آهي . عدالت اين ڊي ايم اي کي ٽن مهينن اندر شهر جا سمورا برساتي نالا صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي جي ٻئين ڏينهن عدالت سنڌ سرڪار پاران اهو ڪم واپس صوبائي حڪومت حوالي ڪرڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.
هن سال به بارشن کان پوءِ ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارو ساڳيو راڳ شروع ڪيو ويو ڪراچي جي ميڊيا جي مدد سان هڪ نفسياتي کيڏ ڪندي اهڙو ماحول ٺاهيو ويو ڄڻ ڪراچي ۾ ڪا وڏي قيامت برپا ٿي هجي. در حقيقت بارشن کان پوءِ رستن ۽ پاڙن ۾ مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي لاهور ۾ به بارشن کان پوءِ ساڳين منظرن واريو تصويرون ۽ فوٽيجز ڏيکاريا پئي ويا، بلوچستان جي مختلف علائقن ۽ ڪاڇي ۾ ته هزارين ماڻهو جابلو وهڪرن جي نتيجي ۾ بي گهر ٿي ويا. انهن مان ڪٿي به اين ڊي ايم اي کي نه سڏايو ويو.
ويجهن ڏينهن ۾ هيٺيان اهم واقعا ٿيا. جن کي گڏائي پڙهڻ سان صورتحال وڌيڪ چٽي طرح سمجهه ۾ ايندي.
سپريم ڪورٽ جي مکيه جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ جا معاملا ڪير ٺيڪ ڪندو؟ ڇا وفاقي حڪومت کي چئون ته اها اچي ٺيڪ ڪري. سپريم ڪورٽ اين ڊي ايم اي کي ٽن مهينن جي اندر ڪراچيءَ جا برساتي نالا صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اٽارني جنرل عدالت اڳيان چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آئيني آپشنز تي ويچار ڪري رهي آهي.
گورنر عمران اسماعيل ۽ فروغ نسيم وزير اعظم سان ملي آئيني آپشنز بابت ساڻس ڳالهه ڪئي.
ڪراچي جي ڪجهه سيٺين پاران شهر جو انتظام پنجن سالن لاءِ فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اهي سڀ حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته وفاقي حڪومت ۽ سندس ڪراچيءَ جا اتحادي هر حال ۾ ڪراچي تي قبضي لاءِ دليل تيار ڪري رهيا آهن. ان مقصد لاءِ اڄوڪي دور جو سرڪاري شريف الدين پيرزادويعني فروغ نسيم آرٽيڪل 149 جي ذيلي شق 4 کي ڪراچي مٿان وفاق جي قبضي جو دليل بڻائي رهيو آهي ان آرٽيڪل ۾ چيل آهي ته جيڪڏهن ملڪ يا ان جي ڪنهن حصي ۾ امن سڪون يا معاشي زندگي لاءِ شديد خطرو لاحق ٿي وڃي ته وفاق صوبي کي اهو خطرو ختم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي سگهي ٿو.
حيرت جي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت کي ان وقت اهو آرٽيڪل نظر نه ٿئي آيو جڏهن ڪراچي ۾ روز درجنين ماڻهو قتل ٿيندا هئا . جڏهن فيڪٽرين کي ڀتو نه ڏيڻ تي سوين ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ جڏهن وڪيلن کي جيئرو ساڙيو ويو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي کي روزانو اربين رپيا گهاٽو ٿيندو هو ان ڏينهن ۾ ملڪ جي ۽ ڪراچي شهر جي امن ۽ معيشت کي وڌيڪ خطرو هو يا اڄ وڌيڪ خطرو آهي.
هي سڄو ڊرامو ان ڪري رچايو پيو وڃي ته جيئن مشرف جي دور جيان اهو ٽولو ڪراچي جي اڇي ڪاري جو ٻيهر مالڪ ٿي سگهي ٿو. هي اهو ٽولو آهي جنهن پيپلز پارٽي کان ساڳيو نظام بحال ڪرائڻ لاءِ ٻٽو مڪاني نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ ان ٽولي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان تي سنڌ سميت ٻين صوبن جي عوام به رد عمل ڪيو. ۽ ايوان ۾ گهربل اڪثريت نه هجڻ سبب هنن لاءِ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. ارڙهين ترميم سبب وفاق لاءِ صوبن مٿان پنهنجي مرضي سان گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهيو. ان ڪري ان ٽولي جي خواهش پوري نه ٿي سگهي.2018ع جي چونڊن وقت ڪراچي جي مٿان قبضن جي خواهش رکندڙ ٽولي ايم ڪيو ايم جو سج لهندي ڏسي ان ڪري ئي تحريڪ انصاف جو پاسو ورتو هو جو کين خبر هئي ته اسٽيبلشمنيٽ تحريڪ انصاف جي پاسي آهي کين خاطري هئي ته سنڌ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طرح اتحادي حڪومت ٺهي ويندي ۽ هڪ نالي ماتر سنڌي وزير اعليٰ ويهاري مشرف جي دور جيان ڪراچي تي سياسي انتظامي قبضو ڪري وٺبو. سنڌ ۾ جيئن ته پيپلز پارٽي حڪومت اچي وئي تنهڪري هنن لاءِ ڪراچي تي والار مشڪل ٿي وئي. پيپلز پارٽي ته پنهنجي اقتداري سڪون لاءِ کين گڏ کڻي هلڻ يا ڪراچي جو انتظامي قبضو ڏيڻ لاءِ راضي به ٿي وڃي ها پر ان کي ٻٽي مڪاني نظام وارو تجربو ياد هو تنهنڪري ان حد تائين وڃڻ ان لاءِ ممڪن نه هو.
ايئن سمورا دروازا بند ٿيڻ کان پوءِ ان ٽولي وٽ هاڻي هڪ ئي رستو بچيو آهي ته ملڪي ادارن کي استعمال ڪري قانوني گهٽيون ڳولي ڪراچي مٿان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هي ٽولو ڪراچي کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڪن عالمي طاقتن سان به بارگيننگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هي سمورو مانڊاڻ ان لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. ان مقصد لاءِ ميڊيا وسيلي برساتن جي ڏينهن ۾ ماحول ٺاهيو ويو ته سنڌ حڪومت جيئن ته ناڪام ٿي چڪي آهي تنهڪري ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي. ان پروپئگنڊه کي ايتري سگهاري نموني اڳيان وڌايو ويو جو ڪيترائي پڙهيل لکيل ساڃاهه وند دوست به ان کي ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي دليل طور قبول ڪرڻ لڳا. انهن پاران پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني کي حوالي طور ڄاڻائي وفاقي حڪومت جي ادارن جي ڪراچي ۾ مداخلت کي جائز سمجهيو پيو وڃي. سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن کي ان معاملي جي اصليت سمجهڻ لاءِ ڪنهن وڏي ذهني مشقت جي ضرورت ناهي ته پيپلز پارٽي حڪومت کان ڪارڪردگي جو پڇاڻو ۽ ڪراچي کي وفاقي ادارن جي حوالي ڪرڻ ٻه بنهه الڳ معاملا آهن. پيپلز پارٽي حڪومت جي سنڌ ۾ ڪارڪردگي تي سئو سوال اٿارڻ گهرجن پر ان جي ڪري ڪراچي تي وفاق جي قبضي کي جائز قرار ڏيڻ سياسي لحاظ کان نهايت غلط ڳالهه آهي. جيڪڏهن ادارن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي وفاقي ادارن جي مداخلت جائز قرار ڏبي ته پوءِ وفاقي حڪومت جا مکيه ادارا ايف بي آر، ريلويز، پي آءِ اي ، سول ايوئيشن اٿارٽي. اسٽيل مل، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن، پاڪستان پوسٽل سروس سميت اڪثر ادارن ۽ ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ته انتهائي خراب آهي. ان بنياد تي ڪير ٻڌائي سگهندو ته پوءِ اهي وفاقي ادارا ڪنهن جي حوالي ڪرڻ گهرجن.
ان سڄي ڊرامي کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪراچي بارشن جي صورتحال بابت اهڙو تاثر جوڙيو ويو ڄڻ خدانخواسته هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هجن. اها گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي جڏهن 24 جون 2007ع تي بي بي سي رپورٽ ڪيو ته ڪراچي اندر تيز بارشن ۽ هوائن لڳڻ ڪري بل بورڊ، ڇتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب هڪ ڏينهن ۾ 228 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. اها بارشن وگهي خوفناڪ تباهي هئي تڏهن به انصاف ڏيندڙ نام نهاد قومي ميڊيا ۽ اين ڊي ايم اي جهڙا ادارا موجود هئا. ان جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ڪراچي ۾ ڪا خوفناڪ تباهي نه ٿي هئي. هر سال جيان رستن تي پاڻي ڪٺو ٿيو هو ۽ برساتي نديون گند ڪچري سان ڀريل هجڻ سبب وقت سر پاڻي نه ڇڪي سگهيون بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪجهه جانيون ويون پر ان جي ذميواري به وفاقي جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪراچي ڪي اليڪٽرڪ جي خانگي اداري ڏانهن وڃي ٿي. اهڙي به قيامت نه آئي آهي جنهن تي صوبي جي گادي واري هنڌ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو سين سجايو وڃي. هي سڀ ڪجهه هڪ رٿيل منصوبي جو حصو آهي ۽ سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ ساڃاهه وند حلقن کي سنڌ سرڪار سان سمورا اختلاف برقرار رکندي ۽ ان تي هر قسم جي تنقيد بنا رعايت جي ڪندي ڪراچي تي قبضي جي خواهش رکندڙ تعصبي ٽولي جي ارادن کي ڀرپور طريقي سان رد ڪرڻ گهرجي. انتظامي ڪارڪردگي هڪ الڳ بحث آهي . جنهن تي صوبائي حڪومتن جي ماپ تور ڪري سگهجي ٿي پر ان کي جواز بڻائي وفاقي ادارن کي ڪراچي جو انتظام ڏيڻ بدنيتي کان سواءِ ڪجهه به ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *