تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڪراچي، ڪو آرڊينيشن ڪميٽي ۽ قومپرست

پهرين ڳالهه ته ڪميٽي ڪم نه ڪندي، اختلاف جي ڪري نه ڪندي ڦڏن ۾ ڦاسندي، اختلافن ۾ اهڙو پوندي جو وڃي ٿيا خير ! رابطا ڪميٽي رابطن کان ئي محروم رهندي. ڪو آرڊينيشن ڪميٽي ڪنهن به قسم جو ڪو آرڊينيشن نه ڪري سگهندي، هنن جي گڏيل غور ويچار جي نوبت ئي نه ايندي، ڪراچي ته رهي ڪراچي صوبي ۽ وفاق جي وچ ۾ اختلافن جي جنگ اڳي کان وڌي ويندي. ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي ٽائيٽل سان الزامن جي هڪ نئين سيريل سامهون ايندي، ڪميٽي ۾ جيڪي ميمبر ٿيا آهن. اهي سياسي ويڙهه جا وڏا سپاهي آهن. جنگ ڏاڍي سٺي ڪندا آهن. ڪميٽي هڪ ٻئي جي حجت پوري ڪرڻ لاءِ ٺاهي اٿن. ڪراچي لاءِ اڳي ئي ڪم نه ڪرڻ جا الزام اٿن. هڪ نئين ميار مٿي تي نه ٿي کڻڻ چاهيائون. انهيءِ جي ڪري ڪميٽي لاءِ ها ڪيائون. باقي گڏجي ڪم ڪرڻ جهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿيندي.
ڪراچي جو قد ۽ من ايڏو وڌيل آهي جو ڊائنوسار جيڏي هن شهر کي مطمئن ڪرڻ صوبن جي وس ۾ ناهي. جيڪو شهر هاڻي صوبن سان ڪن ٿو هڻي صوبن جي ماتحت مطمئن نه رهي سگهندو. هڪ نه ٻيو اشو سامهون ايندو پيو، مسئلا ڪيترا به حل ٿين مسئلا وڌندا ويندا. ڪجهه حقيقت ۾ ڪجهه هٿرادو پيدا ٿيندا پيا. حل ڳولڻ وارن کي جيڪڏهن حل ڳولڻو آهي ته ان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي، ته ڪراچي سنڌ لاءِ اوپري ڇو ٿي ٿيندي وڃي، مسئلي جو بنياد هڪ لساني آهي ٻيو بين الاقوامي آهي . ڪاميٽي جن مسئلن لاءِ ٺهي آهي اهي مسئلا کڻي حل به ٿي وڃن ته به ڦڏو نه ويندو، ننڍا مسئلا اصل مسئلي کي هٿي پيا ڏيندا. احتجاجن جا جواز پيا پيدا ڪندا. اهو ڪم پيا ڪندا جيڪو باهه جي مٿان پيٽرول ڪندو آهي، وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا قومپرست ان کي نٿا سمجهن. هو پيا دانهون ڪن ڄڻ ڪوئي هنن جي هٿ مان ڪا شيءَ کسيو پيو وڃي. جڏهن ته احساس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اها شيءَ هنن جي هٿ ۾ آهي به سهي يا نه؟ هو الائي ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهن ڪراچي ڪڏهن جو اسان جي هٿن مان نڪري چڪي آهي ڪراچي کي مطمئن ڪرڻ اسان جي ضرورت آهي ڪراچي جي نه، زور زبردستي وڏي فساد کي جنم ڏيندي اهڙي قسم جي احتجاج جي ضرورت ئي ناهي جيڪو ڪيو پيو وڃي.
پ پ خود ان اپوزيشن ۾ ناهي جو هن جي حڪومت ڪراچي کي نظرانداز ڪري. سنڌ حڪومت صورتحال کي ٿورو سمجهي ٿي انهي ڪري ڪراچي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿورو سنجيده ٿي آهي هوءَ پاڻ مسئلي کي حل ڪري ها ته اڄ وفاق جي همدردي ۽ تعاون جي نوبت نه اچي ها. پ پ حڪومت اگر ڪراچي کي ايم ڪيو ايم سان سياسي ضد جي نظر نه ڪري ها ته ڪراچي ۾ اهي مسئلا نه پيدا ٿين ها جيڪي ايم ڪيو ايم کي لساني تعصب جي ڪم ٿا اچن. سياست ۽ ساڙ پنهنجي جاءِ تي هجي ها شهر ۽ ان جي صفائي ان کان بالاتر هجي ها اهي مسئلا ئي پيدا نه ٿين ها يا ايترو نه وڌن ها جو ايم ڪيو ايم کي وفاق جو در کڙڪائڻو پوي ها. ڪراچي رڳو صوبي جو شهر ڪونهي اهو پاڪستان جو به وڏو شهر آهي وفاقي حڪومت ان کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي سمجهيو آهي تڏهن تعاون قبول ڪرڻ تي تيار ٿي آهي، نه ته ان وٽ قومپرستن کان وڌيڪ انا آهي.
اها ڳالهه هاڻي نه هلي سگهندي جيڪا قومپرست ٿا ڪن. ڪراچي تي احتجاج ڪراچي کي قائل نه ڪندو ويتر بيزار ڪندو. فقط ايتري ڳالهه ناهي ته سنڌ حڪومت نه چاهي ته وفاق وچ ۾ نه ايندو ۽ ڪراچي جهڙي تهڙي حال ۾ اسان سان گڏ گذارڻ تي راضي ٿي ويندي. ڳالهه ان کان وڌيڪ سيريس آهي ڪراچي خود وات وڪيل آهي. اها ماتحت رهڻ واري پوزيشن مان نڪرندي ٿي وڃي اسان جي بي احتياطي برا نتيجا ڏيندي قومپرست ته قومي انتظامي ڍانچي ۾ اسٽيڪ هولڊر ڪونهن پر خود پ پ به پوري نه پوندي. انهي ڪري ڪراچي جي مسئلن کي حل ٿيڻ ڏنو وڃي. ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي اگر ڪنهن ڪاميٽي جي ٺهڻ سان ۽ وفاق جي تعاون سان مسئلا حل ٿين ٿا ته ٿيڻ گهرجي اگر ان ۾ ڪراچي مطمئن آهي ته اسان کي ارهو نه ٿيڻ گهرجي. توڙي جو اها پڪ آ ته ڪميٽي کان ڪجهه به نه ٿيندو، پر ڪراچي ڄاڻي ڪميٽي ڄاڻي، اسان تي سڀاڻي ميار نه اچي ته سنڌين اسان لاءِ رڪاوٽون پئدا ڪيون !
ڪراچي جي حوالي سان ڪميٽي ٺهڻ سان ۽ ان جي ڪم ڪرڻ سان ڪا اربع خطا ڪا نه ٿيندي. وفاق ۽ صوبن جي تعاون سان ڪهڙي آئيني ڀڃڪڙي ٿيندي. آئين جي ڪا شق نمبر فلاڻي۽ فلاڻي ڀلا ملڪ ۽ قومجي وحدت کان مٿي آ ڇا؟ آئين ٺاهيو ئي ملڪ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ويندو آهي. ان ۾ تبديليون به انهي حاجت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن. آئين قومي مفاد جي تابع آهي. قومي مفاد آئين جي تابع ڪونهي. اعتراض ڪرڻ وارا پنهنجي انا جي تسڪين ٿا ڪن. هو ملڪ جي ۽ قوم جي مفاد کي نٿا ڏسن. هي ملڪ يا خود صوبو انتشار کي برداشت نٿو ڪري سگهي. سياست اڳئي ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي قومپرستي ان کي تباهه ڪري ڇڏيندي اهو وساري ڇڏيو ته رڳو وفاق ۽ صوبن جو اشو رهندو. ان جهيڙي ۾اسين صوبي جا مفاد بچائي وٺنداسين، بلڪه توهان جو تعصب ساڳئي ئي وقت صوبي اندر صوبي جي مطالبي کي هٿي ڏيندو. جيڪو موقف توهان وفاق جي خلاف اختيار ڪندئو اهو ئي موقف ڪراچي طرفان آڏو ايندو، جيڪو جهيڙو توهان وڌايو ٿا اهو ختم توهان نه ٻيا ڪري سگهن ٿا.
انهي ڪري ڪراچي جي انهن مسئلن جي حل لاءِ جيڪي صوبي کان حل نه ٿي سگهيا آهن وفاق تعاون ڪري ٿو ته اهو تعاون ورتو وڃي. انڪار ڪري ڪراچي کي ناراض نه ڪيو وڃي. ڪراچي جي ناراضگي ان کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ نتيجا ڏيندي جهڙا وفاق جي تعاون ڪرڻ تي سمجهيا وڃن ٿا. ايتري ڳالهه کان جذبات ۾ اچي ون يونٽ ڪوٺڻ عقل کان اوپرائپ آهي. وحدت تي وار اهو ناهي بلڪ وار اهو هوندو جيڪو نتيجي طور سامهون ايندو. هاڻ ته آئيني اختيارن جو معاملو ٿا سمجهو سڀاڻي وجود جو روئڻو روئڻو پوندو. وري اها به ڀائيواري ڀلي جو سڀاڻي ورهاڱو پلئه پوي!!زور ايترو لائجي جيتري سنڌن ۾ طاقت هجي خالي جوش ۾ اچي هڻي پنهنجو ڍينگو ڍيري نه ڪري ويهجي. توهان کان جيتري مذاحمت ٿيندي اها به خبر آ. فيس بوڪ تي مذمت کان وڌيڪ توهان کان ڪجهه ڪرڻ ايندو ناهي. انهي ڪري ڪراچي جي صفائي ۽ ترقي جي تعاون کي اشو نه بڻايو وڃي ۽ اشو کي ايڏو نه وڌايو وڃي.
مون مُنڍ ۾ ئي چيو ته ڪاميٽي کان ڪجهه نه ٿي سگهندو. اختلاف ان کي کائي ويندا. اڳئي پوءِ سنڌ کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ ڪراچي وفاق کي وچ ۾ آندو آهي ته اهو نسخو به آزمائڻ گهرجي ان تي واويلا نه ڪرڻ گهرجي. ڪوئي وفاق جو وار ڪونهي سڀ اسان جي دل جا وهم آهن. وهم جي بنياد تي مهم نه هلائڻ گهرجي قومپرست پنهنجي توائي ۽ توانائي بچائي رکن. اها ڪڏهن سنڌ جي ڪم ايندي. هن وقت اها سنڌ کي نقصان پئي ڏئي. هي وقت ڪراچي جي مسئلن جي حل جو آهي. ڪراچي مسئلن ۾ گهڙيل آهي ان جو احساس ڪرڻ گهرجي ڪراچي پنهنجو ئي شهر آهي جيڪڏهن ڪو آرڊينيشن سان ان جا مسئلا حل ٿين ٿا ته اسان جون اکيون ٿڌيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *