تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

ڪاڪ ڌڻي او ڪاڪ ڌڻي: حميد سنڌي ۽ انور پيرزادو!

مون هن شخص کي پهريون ڀيرو حيدرآباد گاڏي کاتي ۾ فردوس سئنيما لڳ سنڌي برياني واري ڪولڊ اسپاٽ تي ڏٺو هو۔ اهي اوڻويهه سو ستر جي پوئين ڏهائي وارا ڏينهن هئا۔ تصور ڪريو جي طارق اشرف جيل ۾ نه هوندو هو ته هو پنهنجي پراڻي دوست نيو فيلڊس پبليڪيشن واري فيروز سان فردوس سئنيما جي سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ ڪينٽين ۾ ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو هو۔ اهي اسان جيڪي ننڍڙن شهرن مان ادبي ۽ سياسي ڪئپسولي ان وڏي شهر آيا هئاسين تن لاءِ حيدرآباد سياسي هاليووڊ هو ۽ هي مشهور اديب ۽ سياسي ماڻهو ڄڻ ته هاليووڊ اسٽار۔ اڙي هي قومي ڪتاب گهر تي وکريل ڏاڙهي ۽ وڏن وارن وارو کدر جي شلوار قميص ۾ مٿيان بٽڻ کليل شخص مدد علي سنڌي اٿئي۔ ۽ هي سنهڙو توائي هوائي شخصيت پکي پير جي چاڙهي تان موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻندڙ حليم بروهي آ، ۽ هي تلڪ چاڙهي تان هوائن جي سنگ لهندڙ يا ڪيفي جارج جي ٻاهران سنڌ يونيورسٽي جي بس اسٽاپ تي بيٺل ۽ سگريٽ اسٽائيل سان پيئندڙ شخص امداد حسيني آ۔ انهن ڏينهن وارن سيليبرٽيز مان جيڪو پاڻ کي سڃاڻيندو هو، اهو منهنجو دوست زاهد مخدوم هو ۽ ٻيو ڀٽائي جي رولاڪين جو راهي ۽ ياد حافظ سيف ٻنوي ۽ ٽيون ساٿي سهيل سانگي، نه ته “اس صدي ۾ وري ڪون ڪسي ڪو سڃاڻتا هي۔” الائجي سنڌي ماڻهن اهو پهاڪو ڇو ۽ ڇا لاءِ ٺاهيو هو “سڃاڻي ڦاٽڪ وارو به ڪونه” ڀائي ڦاٽڪ واري کي ريل سڃاڻڻ ۽ وقت تي خير سان ڦاٽڪ بند ڪري گذارڻ گهرجي، اوهانکي ڪو هن جو سڃاڻڻ ضروري ته ڪونهي! پر هل ڀيڻهان سنڌي قوم! جا فون تي به چوي، “سائين سڃاتئه؟” يار فون مان توهان جي تصوير ته ڪانه پيئي اچي ني! ٻيو هوندو هو ريڊيو پاڪستان جيڪو ڄڻ ته اسان ننڍن شهرن مان آيلن ڪاڻ يونيورسل اسٽوڊيو کان گهٽ ڪونه هو، جتي جي مٿئين ڏاڪڻ تان هڪڙي ڏينهن مون شيخ اياز لهندي ڏٺو هو، جنهن کي سندس وائي “سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائيندڙ فقير عبدالغفور پيرين پئي رهيو هو۔ فقير ته سڀ سان ايئن نياز نوڙت سان ملندو هو. هي ته شيخ اياز هو جنهن ڀٽائي لاءِ چيو هو، “تنهنجي کهه منهجيون اکيون۔” ۽ هي اڇا ڪپڙا پهريل، ڪتابن جو بنڊل ڪڇ ۾ کڻي، چشمي وارو شخص فورسيٽر ۾ ويهندڙ يا پنڌ ويندڙ جويو صاحب اٿئي۔
تلڪ چاڙهي تان ٻيڙي ڊوڙي
سنڌونديءَ ۾ ريل
ٻارو ڏسو ڪڪي جو کيل۔
۽ هي حميد سنڌي هو۔ خوش شڪل، خوش لباس۔ قدآور، رعبدار ۽ اسٽائلش۔ هو به امداد حسيني وانگر هڪ ادا سان سگريٽ پي رهيو هو۔ پر پوءِ ٻيو ڀيرو مون هن کي ٻڌو جڏهن سنڌي فڪشن جي رسول حمزه توف، نسيم کرل جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ۾ ڳالهائي رهيو هو، جتي رسول بخش پليجو به هو۔ هنڌ هو پاڪستان نيشنل سينٽر۔ حميد سنڌي هميشه پنهنجي هر تقرير ۾ هڪڙو شعر پڙهندو هو۔ “ڪاڪ ڌڻي او ڪاڪ ڌڻي، ڪيسين رهندين ڪاڪ ڌڻي، نيٺ ته نينگر وڏڙو ٿيندو، ويندو توکان گوءِ کڻي.” مون سوچيو اهو ڪاڪ ڌڻي ته هي پاڻ هو پر نينگر ڪڏهن وڏو نه ٿيو۔ ۽ نه ڪو هن کان گوءِ کڻي سگهيو هو۔ مونکي انهي حميد سنڌي سان ڪو غرض ڪونهي جيڪو پبلڪ اسڪول جو پرنسپال يا لطيف ۽ زرعي يونيورسٽين جو وائس چانسلر هو، جيڪو منهنجن پيارن دوستن انيس، سعيد، مقبول ۽ قدير ميمڻن جو ويجهو عزيز هو پر اهو حميد سنڌي جيڪو روح رهاڻ جو ايڊيٽر هو۔ هو جيڪو بلا جو پڙهاڪ هو۔ جيڪو هڪ سنڌي اخباري ٻولي ۾، ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هو۔ “اداس واديون”، “ويرون” جهڙين ۽ اهڙين ٻين نه فقط ڪيترين ڪهاڻين جو خالق پر ڪيترن ئي سنڌ جي سرموڙ شاعرن، اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن جون شاهڪار خطرناڪ پر سنڌ پرست لکڻيون سندس رسالي “روح رهاڻ” ۾ شايع ڪندڙ۔ هن جي رسالي ۽ سندس پاران هر سال “جشن روح رهاڻ” ايوبي آمريت جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون۔ شيخ اياز، امداد حسيني، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، رسول بخش پليجي، امرجليل، غلام محمد گرامي، ناصر مورائي، راشد مورائي، تاج بلوچ، نياز همايوني، نسيم کرل، فتاح ملڪ، ابن حيات پنوهر، عبدالقادر جوڻيجي، سوڀي گيانچنداڻي، منير احمد ماڻڪ، رشيده حجاب، زرينه بلوچ، سراج الحق، عبدالحق عظيم، رشيد آخوند، حفيظ شيخ جهڙن سهيوڳي ليکڪن جي عظيم نثر توڻي نظم يا تنقيد کي ڇاپيندڙ۔ هن جي ئي روح رهاڻ ۾ شيخ اياز جي شبنمي خوابن واري شعله شعله شاعري “جل جل مشعل جل جل”، ۽ “رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي” جي سري هيٺ ڇپي هئي۔ حميد سنڌي جا اهي روح رهاڻ جا پراڻا پرچا مون حميد سنڌي کي پهريون ڀيرو ڏسڻ ۽ پوءِ ڪي ڀيرا ملڻ کان به گهڻو اڳ پڙهيا ها، ور ور ڪري پئي پڙهيا آهن۔ هاڻ به نيويارڪ جي ڪنهن لائبريري ۾ ٻيهر پڙهڻ جي خواهش اٿم۔ ان ئي روح رهاڻ ۾ شيخ اياز جو سوڀي تي لکيل لافاني مضمون پڙهيو هوم۔ شايد عبدالقادر جوڻيجي جي “واٽون راتيون ۽ رول” به. ۽ ها روح رهاڻ ۾ زرينه بلوچ جي “جيجي” نالي ڪهاڻي به ڇپي هئي، جنهن کانپوءِ زرينه بلوچ کي سڄي عمر جيجي جي نالي سان سڏيو ويو.
مان چوان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪا جاڳرتا اڄ تائين ڏسو ٿا انهي ۾ حميد سنڌي جي روح رهاڻ ۽ وري “جشن روح رهاڻ” وارن ميڙاڪن جو وڏو هٿ هو۔ انهن ئي ميڙاڪن ۾ “شيخ اياز – سنڌ جو آواز” جهڙا نعرا لڳا۔ سنڌ واقعي مرڪي پئي اٿي۔ پوئين ڏينهن ۾ هي اياز ميلو ڏسي مونکي جشن روح رهاڻ وارا زمانا ياد آيا جيڪي مون انهن ماڻهن کان ٻڌا جن انهن ۾ شرڪت ڪئي هئي، جڏهن شيخ اياز کي شايد اهڙي ئي جشن روح رهاڻ ۾ مشاعري ۾ شعر پڙهڻ کان شهر بدر ڪيو ويو هو ته سنڌي شاگردن ۽ اديبن کيس ڪلهن تي کڻي ورتو هو ۽ هنن کيس ڪوٽڙي اسٽيشن تي الوداع ڪيو هو۔ جيڪڏهن روح رهاڻ ۽ جشن روح هاڻ نه هجن ها ته ون يونٽ جي تحريڪ ايئن نه نسري ۽ اڀري سگهي ها۔ پوءِ روح رهاڻ تي ايوبي آمريت بندش وڌي۔ “منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون” اياز جو ايوب خان کي سڌو سنئون مخاطب ٿيل نظم به پهريون ڀيرو روح رهاڻ ۾ ڇپيو.
حميد گهڻي عتاب ۽ ڏکيائين هيٺ آيو۔ هڪڙي ٺيڪ ٺاڪ وڪالت ڪندڙ ۽ نوشهري فيروز جي ميمڻ گهراڻي جو هي پٽ پهريون شخص هو جيڪو هن انوکي آواز تي گهر تڙ گهورڻ نڪتو هو۔ اها واقعي وڏي ڳالهه هئي۔ حميد نه ٽٽو ون يونٽ ٽٽي ويو۔ پر ون يونٽ ٽٽڻ سان ڪيترن ئي اديبن ۽‌ شاعرن سمجهيو ته سنڌ آجي ٿي ويئي ۽ منزل ملي ويئي۔ ڪن لاءِ انقلاب اچي ويو۔ اهي سندن سترنهن ارڙنهن گريڊ واريون نوڪريون هيون۔ خير نوڪريون ڪرڻ يا روزگار ڪو مهڻو ڪونه هو۔ پر ڪن جا مهڻي هاب ڪم مهڻو هئا۔ ‌ٻين کي وري پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت يا ته خريد ڪيو يا وري عتاب مان گذاريو۔ عتاب هيٺ اچڻ جي باوجود ڪم اتان شروع ڪرڻ جتان روح رهاڻ ۽ حميد سنڌي ڇڏيو يا کين ڇڏرايو ويو هو تن ۾ مدد علي سنڌي ۽ سندس اڳتي قدم (جيڪي پڻ هڪ الڳ ڪالم لهڻن) ۽ طارق اشرف ۽ سندس سهڻي هئا۔ اهي هن ملڪ ۾ گهڻو ڪري سنڌي اديب ۽ سنڌي ليکڪ ۽ شاعر آهن جن پنهنجين لکڻين لکڻ ۽ ڇاپڻ سبب رياستي عتاب ۽ جيل ڀوڳيا آهن۔ نه ته ان کان اڳ قرت العين حيدر، فهميده رياض ۽ هاڻ منهنجو دوست محمد حنيف ۽ سندس مترجم سيد ڪاظم رضا آهن جيڪي پنهنجي فڪشن سبب عتاب هيٺ‌ آيا آهن۔ اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو اردو ۾ ڪنهن لکيل شيءِ تي “قومي سلامتي کي خطرو” پيدا ٿيو آهي۔ هتي قومي سلامتي مان گهڻو ڪري مقصد آمر ۽ ان جا درٻاري ۽ آمريت ورتا ويندا آهن۔
سو طارق اشرف جي سهڻي جي اپريل اڻويهه سو چوهتر ۾ امداد حسيني جي لکيل تعارف سان هڪ اهڙو شاعر متعارف ٿيو، جنهن وڻ وڄائي ڇڏيا ها۔ اهو محمد پريل پيرزادو باالمعروف انور پيرزادو هو۔ پوءِ ستت ئي ٻڌو ته هو تڏهوڪي اوڀر بنگال مان سنڌ يونيورسٽي جي پنهنجي ساٿي استاد کي هڪڙي لکيل خط جهلجڻ سبب ڪورٽ مارشل جي سزا ڪاٽي آيو آهي۔ هن پنهنجي شاعري ۾ ياد اٿم ته “ڪونگو ٽارن” جو حوالو ڏنو هو۔ اها رڳو امداد حسيني ۽ انور سوڌو ٿورڙن شاعرن کي ڄاڻ هئي ته ڪونگو ٽارا اهي ٽارا آهن جن مان شرناءِ ۾ وڄندڙ نئه ٺاهي ويندي آهي۔ گهڻا ڏينهن پوءِ مونکي انور جي شاعري انهي شرنائي جي آوازن جهڙي لڳندي هئي۔ شرنائي جنهن ۾ ڪنهن چواڻي شادمانن ۽ خوشين جي سرشاري به هوندي آهي ته ماتم جون ڌنون به۔ پر هن جي شاعري ۾ شهر جو صنعتي ۽ اربن شور به ته هو ته گٽار ۽ جاز جون ڌنون به۔ هو موهن جي دڙي جو واسي جنهن مارٽمير يلر کي اتي ڪم ڪندي ڏٺو ۽ ساڻس ڪم به ڪيو۔ هو جيڪو هڪ ئي وقت شاعر، اديب، کوجنا ڪار، ڀٽائي ۽ جديد سنڌ تي اسڪالر، انقلابي ۽ صوفي به هو۔ هو جيڪو هن روزگار زمانه ۾ ناياب هيرو هو، سچ پچ جو هيرو۔ مون هن جهڙا شڪل شبيهه توڻي روح ۾ نه هجڻ جهڙا خوبصورت انسان ڏٺا آهن۔ هو جيڪو منهنجو دوست هو۔
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
هو ڏاڍو ڏور هليو ويو آ…



Bookmark the permalink.

One Response to ڪاڪ ڌڻي او ڪاڪ ڌڻي: حميد سنڌي ۽ انور پيرزادو!

  1. Ghulamali Khosani says:

    حسن جو حیدرآباد سان عشق،گذريل اڌ صدي ۾ حيدرآدي دوست، حسن جو رومان آھن.جڏھين به حيدرآباد جو ذڪر ايندو آھي،ته حسن جي يادن جا قيمتي خزانه پلٽجندا آھن.پڙھندڙ کي،خاص ڪري .حيدرابادين کي يادن جي دنيا ۾ وٺي ويندو آھي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *