تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪاڇي ۾ ڪهرام ۽ جوهي جو جهريل جيءُ

ڪاڇو ڪوهستان،ٿر۽ چولستان مون کي مظلوميت ، بي وسي، لاچاري، هيڻائي ڪمزوري، ۽ زور سان دٻايل احساسن ۽ محرومين جو محور لڳندا آهن. جتي زندگي نالو ئي صرف اذيتن سان جيئڻ، روڄ راڙي ۾ رهڻ، غربت، بک بدحالي، ۽ تنگ دستي ۾ تڙپي مرڻ جو آهي، ڇو ته جيڪڏنهن تيز برساتون، آهن ته پوءِ اتي تباهي ۽ بربادي آهي، گهر تباهه، مال متاع جو مري وڃڻ، فصل تباهه، ٻنيون ٻارا، سڀ پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿيو وڃن، ميڙي جمع ڪيل ڪي ان ڪڻا ۽ جمع پونجي وري نئين نقصان جي ازالي ڪرڻ ۾ پورا ٿيو وڃن. ٻار ٻچا عورتون، مرد، پوڙها، پڪا، سڀ سورن ۾، دربدر، بي گهر، ۽ بي يارو مدد گار، ڄڻ ته هو خانه بدوش ۽ لاڏائو هجن، اها هنن جي حالت هوندي آهي تيز برساتن ۽ ٻوڏن ۾.پر جي وري برساتون سالن جا سال رسيو وڃن تڏهن به هي مسڪين ماروئڙا ويچارا دربدر۽ پريشان، ڏڪار هنن جي ڏوجهرن ۾ ڪا گهٽتائي ڪرڻ بدران هنن کي بکن ۾ پاهه ڪري ماريندو آهي ۽ وري هي ڳڀي جي ڳولا ۾ سيلانين، وانگر، جوڳين ۽ سامين وانگر، ديس ديس ۽ نگر نگر دربدر ، هنن جي زندگي به عجيب زندگي آهي، سراپا سور ۽ سراپا دردن جو داستان.
مون ڪاڇي ۾ زندگي ته ناهي گذاري پر ڪاڇي ۽ جوهي جي چپي چپي ۾ سڄي سنڌ جيان ڌڪا ضرور کاڌا آهن، ۽ اهي ڌڪا 2005 ع کان وٺي 2007ع ۽ 2009ع کانپوءِ به مختلف پراجيڪٽس ۽ ڪم ڪارين جي ڪري کائيندو رهيو آهيان. تنهن کانپوءِ وري ڪجهه عرصو جوهي ۾ به رهڻ جو موقعو مليو آهي، جوهي جتي نٽهڻ اس ، لڪ جهولن ۾ جيءُ جهوريندڙ گهٽ ٻوسٽ گرمي ۾ ڪنهن پينو فقير وانگر، سمورن ننڍن وڏن، ڳوٺن جو پاڻي ڍڪ ضرور پيتو آهي. جن ۾ پٽ گل محمد، حاجي خان، هيرو خان، راڄو ڳنڍو، ساوڙو، سيوو خان جمالي، بکر جمالي، بهليل شاهه، گاجي شاهه، ٽنڊو رحيم خان، ڇني، ٽوڙ، واهي پانڌي اڃان به ڪجهه نالا آهن جيڪي رهجي ويا آهن. هنن سمورن ڳوٺن جو هاڻي هڪ ٻئي سان رابطو ڪٽيل آهي، ماڻهو جو رابطا ڪاري جو ذريعو هاڻي صرف موبائيل فون آهي. ٻيا ڪاڇي ۽ جوهي سان لاڳپيل اهي ماڻهو جيڪي روزگار ۽ ڪمن ڪارين واسطي مختلف شهرن ۾ آهن اهي به ڪنهن قدرتي آفت ۽ هٿ ٺوڪين آفتن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن ،ڇو ته هو هنن کان پري آهن ۽ بيوس آهن.
ويچارا مسڪين ماڻهون جن جا قيمتي فصل لڙهي ويا، جنهن جي لاءِ هنن وياج تي اوڌر تي قرض کڻي ٻج ڀاڻ ۽ ڪلر ورتا هوندا، ويچارن مسڪين ماڻهن جو چوپايو مال جانور به ڪي لڙهي ويا هوندا ۽ ڪي مري ويا هوندا.
اهي غريب ماڻهو جن جا ڪکاوان اجها هوندا منهه ۽ ڇپر هوندا ٿوڻين تي ۽ ورن تي اهي سڀ عارضي طور تي ته اجڙي ويا، معصوم ٻچڙا ، نياڻيون ۽ ننگ، اڌ اس ۽ اڌ ڇانو ۾ رڙندا ۽ روئيندا هوندا، گهرن ۾ رکيل چار ڪڻا ان جا اهي به ته لڙهي ويا هوندا، گهرن ۾ پيل مال جو چارو به لڙهي ويو هوندو، معصوم ٻارڙا ڳڀي جي لاءِ پريشان هوندا ، جيڪي عارضي پناهه گاهن ۾ کليل آسمان هيٺ، نٽهڻ اس ۽ ڪاڙهي ۾ ڪوبه سندن حال پڇڻ وارو ناهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي امداد جي آسري ، اهڙي اذيتناڪ زندگي ، جيڪا سراپا سور ۽ تڪليف واري زندگي آهي. مون امدادون به ورهايون آهن ته وري، متاثر ماڻهن جون مصيبتون به ڏٺيون آهن جيڪا تمام ڪربناڪ ۽ اذيتناڪ زندگي هوندي آهي، اهي ماڻهون جيڪي پاڻ وڏيون وڏيون خير خيراتون ڪندا آهن ۽ غريبن جي واهر ۽ مدد ڪندا آهي ، اهي اڄ پاڻ ٻين جي مدد ۽ امداد جي لاءِ واجهائي رهيا آهن،وقت ۽ حالتن جي ڪيڏي نه بي رحمي ۽ ستم ظريفي آهي. اڄ ڪاڇي جي هر ڪنڊ ۾ ڪهرام آهي چوطرف چوڌاري بيوسي جو عالم آهي پر ڪري ڪير به ڪجهه نٿو سگهي. دادو ۾ صرف دانهون ۽ دعوائون آهن ته هيئن ڪبو هوئن ڪبو پر ٿيندو ڪجهه به نه، ۽ جوهي جو جيءُ جهري پيو آهي ڇو ته هن جا رهواسي بي يارو مددگار آهن اهي سڀ کين هن مصيبت جي گهڙي ۾ اڪيلو ڇڏي ويا آهن، جن جي لاءِ هو جيئي جيئي ڪندي نه ماپندا آهن. هي مسئلو انتهائي اهم ۽ حساس مسئلو آهي ، هن تي سياست نه ٿيڻ کپي هن تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ کپي ماڻهن کي هن مشڪل جي گهڙي ۾ وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون وڃن. سنڌ حڪومت کي متاثرين جي مدد لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪرڻ کپي، پراونشل دزاسٽر منيجمنٽ اٿارٽي کي اتي پهچي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي،پر انهي کان به اهم مسئلو رستن جي بحالي آهي جيڪڏهن ترت رستا بحال نه ڪرايا ويا ته بک سان گڏ ماڻهو بيمياري ۾ مرڻ شروع ٿيندا ،ڇو ته چوطرف پاڻي هجڻ ڪري وبائون پکڙبيون ۽ ماڻهن وٽ نڪرڻ جو ڪو رستو ئي نه هوندو.
ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر ۽ چولستان جا ماڻهو به غريب ته وري انهن جا نصيب به غريب ، يا هو سدائين ڏڪار ۾ يا هو سدائين ٻوڏن ۽ مينهن ۾، مصيبتن سان سندن پڪي ياري آهي. هي وقت به گذري ويندو پر تڪليفون ،درد ۽ حڪومتي نااهليون ماڻهن جي دلين تي ٻوڏ وانگر پنهنجا پيرا ڇڏي وينديون .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *