تازا ترين
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

ڪاڇي پئي ڪوڪ

نئين گاج ۽ نئين نلي ٻيو ڀيرو ڪاڇي ۾ ٻوڏ برپا ڪري جاني ۾الي نقصان پھچايو آھي. ڪاڇي ۾ 8 آگسٽ تي پھرين نئين گاج جي پاڻي سبب ٻوڏ آئي جتي 18 ڏينھن بعد وري ٻيھر گاج ۽ نلي جو پاڻي ۾ٿان برسات ڪاڇي کي لاڪ ڪري ڇڏيو آھي. ڪچا گھر ڊھي پٽ پيا آھن ۽ ڪاڇي واسي کليل آس۾ان ھيٺ ڏکن بکن بي۾ارين ۾ جيئڻ جا جتن ڪري رھيا آھن. ڳوٺ جو ڳوٺ سان رابطو ڪٽجي ويو آهي جنھن سبب ڪير ڪنھن جي ۾دد ڪرڻ جي قابل نه رھيو، ھر ڪو ڊڪ ڊوڙ جا رستا بند ڏسي پاڻ بچائڻ لاءِ گھرن تائين ۾حدود رھجي ويو. ھي پھريون ڀيرو آھي جو ت۾ا۾ وڏي تباھي آئي آھي.
نئين نلي، نئين انگئي، نئين نئينگ س۾يت ننڍيون وڏيون نئيون کيرٿر جبل جي اوڀر طرف سنڌ جي حدن ۾ برسات جو پاڻي واھي پانڌي کان ڇني تائين اچي ٿو. پاڻي جا وھڪرا گھٽ ھجن ته خوشحالي ۽ وڌيڪ اچن ته ٻوڏ جي صورت ۾ تباھي بربادي جي تصوير ٺھي پوي ٿي. ھنن علائقن ۾ اڳ به ٻوڏ جو پاڻي ايندو رھيو آھي. حڪومت جي قانوني آئيني ذميواري ھجي ٿي ته عوام کي ٻوڏ جا سبب ڳولي تحفظ فراھم ڪري. ٻوڏ گذري وڃي ٿي عوام جي الھه تلھه چٽ ٿي وڃي ٿو ۽ حڪمران ڏينھن مھينا ۽ سال گذرڻ بعد سڀ وساري ويهندا آهن. ڪجھه سالن بعد وري تباھي بربادي اچي ڪاڇي واسين تي ڪڙڪي ٿي ان ۾ وري ڪامورڪو لڏمعمول موجب ٻڏي جا ٻيڻا ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پھچائي ٿو. ھن ڀيري به روڊن جي بحالي بندن کي گھارا پوڻ امدادي راشن جي خريد ڪرڻ پيٽرول ڊيزل ٻيڙين جي خرچن جو ڪاٿو لڳائڻ سان خبر پوي ٿي ته ٻوڏون اچڻ سان سرڪاري ڪامورا مايوس يا پريشان ٿيڻ بجاءِ خوش ٿيندا آهن.
نئين نلي ۾ سڀ کان وڏا قدرتي وسيلا آھن. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڪئمپ به نئين نلي ۾ قائم ٿي ھئي ۽ ھاڻ تيل گئس جا وڏا ذخيرا به ھتي آھن انھن ذخيرن جي مالڪي جي نالي ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ ڀوتارن جي لوڌ اچي گڏ ٿي آھي. نئين جي قدرتي پاڻي ريتي، پٿر، وڻن ٻوٽن تي پنھنجي ملڪيت ڏيکاري ڀتو ورتو وڃي ٿو. ٻئي طرف حڪومت کي سالياني پراڊڪشن فنڊ جي مد ۾ اربين روپيـا ملن ٿا ته پوءِ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ حڪومت ڇا ڪيو آھي ۽ ھاڻ تباھي بعد ڇا ڪري سگھندي ؟
نئين گاج ۾ سلسليوار ٻوڏون اينديون رھيون آھن. 1936ع ۾ انگريزن ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ گاج جي پاڻي جو رخ موڙڻ لاءِ اندازي مطابق 16 آرڊين تي مشتمل گاج ڊائورشن بند تعمير ڪرايو، بند تعمير ٿيڻ کان اڳ نئين گاج مان نڪرندڙ سڪ ڍورو / سڪ نئين جي ذريعي پاڻي جا وھڪرا شادڻ، پٽ گل محمد، ڪڪڙ کان سڌو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا ھئا. گاج بند تعمير ٿيڻ سان انگريز سرڪار پاڻي کي مناسب استعمال لاءِ بھترين آبپاشي نظام ٺاھي ڏنو. جتي مختلف علائقن لاءِ واھ نڪتل آھن. ڪاڇي جي غيرآباد زمين کي آبادي لائق بڻايو ويندو آھي. 1976ع ۾ نئين گاج ذريعي وڏي ٻوڏ آئي. وڏي تباھي ٿي. ان بعد گاج بند کي ٻيھر وڌايو ويو جنھن بعد سول جو ڍورو/ نئين سول جو وجود وڌيڪ اثرائتو ٿي ويو. ھاڻ جڏھن بـ نئين گاج ۾ پاڻي ايندو آھي ۽ گاج بند 36 آر ڊين تي مشتمل آھي ۽ ڊيزائن مطابق 35 ڦوٽن جي اوچائي تائين پاڻي وھڪري جي گنجائش ڏيکاريل آھي ھاڻ تـ 20/22 فوٽن جي وھڪري تي گاج بند ٽٽي ويو ۽ ڪيترائي سوال پيدا ٿي ويا آھن ته ريماڊلنگ پراجيڪٽ بعد پھرين وڏي وھڪري ۾ گاج بند ڇو ٽٽي ويو؟ گاج بند کي گھارا پوڻ بعد پاڻي ٽن حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿو. پھرين سڪ ٻيو ڊرگھه بالا ۽ ٽيون سول ذريعي وھڪرا ڪري ٻوڏ آندي آھي. ھر ٻوڏ بعد حڪومت، آبپاشي کاتو ۽ روڊس جا انجنيئر آئنده ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺڻ بجاءِ خانچا ٺاھي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويندو آھي. عام ماڻھن وٽ اھم سوال ھجي ٿو ته بيوروڪريسي جي ڪھڙي مجال جو ڊيزائن نقشا تبديل ڪري بند يا روڊ ٺاھي سگھن؟ عوام چواڻي ته اصل ذميوار چونڊيل نمائنده ھجن ٿا جنھن ڪري ھي ٻوڏ تباھي مچائي آھي.
ھڪ مھيني کان ڪاڇي ۾ ٻوڏ جون سنگين حالتون آھن. ٻوڏ وارو پاڻي مڪمل لاٿ ڪري ويو، صرف ايف پي بند وٽ ۽ ڇني ساوڙو جي ڪجھه ڳوٺن ۾ اڃا تائين پاڻي آهي. عام ماڻھن جي پيرين پنڌ اچ وڃ جاري آھي جتي ڪو بـه چونڊيل نمائندو ھڪ مھنيو گذرڻ بعد به ناھي پھتو. ڏکين حالتن ۾ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي عوامي نمائندن عوام سان ويساھ گھاتي ڪئي آھي. ڏکين حالتن ۾ عوام سان گڏ بيھڻ ئي اصل ڪردار ھوندو آھي، جيڪو حڪومت توڙي مخالف ڌر خلق خدا سان نڀائي ناھي سگھي. جيئن جيئن ڏينھن گذرن ٿا تيئن تيئن حالتون سنگين ٿي رھيون آھن. روڊ رستا بحال ناھن متبادل رستن ذريعي سرڪاري ادارا وڃڻ لاءِ تيار ناھن، جنھن ڪري ڪاڇي ۾ عام واھپي جي شين جي کوٽ آهي يا اگھه چوٽ چڙھي ويا آھن. ٻوڏ سٽيل علائقي ۾ 80 سيڪڙو پورھيت ھاري طبقي جا انسان رھن ٿا جن جو گذرسفر صرف مزدوري يا ھارپو ھجي ٿو. اھڙين حالتن ۾ حڪومتي ادارا سندن سھائتا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن ۽ چونڊيل نمائندن کي به سياست ڪرڻ جو جنون جاڳي پيو آھي، جن ذات برادري جي بنياد تي امداد ورھاست جو انداز اختيار ڪري ورتو آھي. پ پ پ تعلقي جي صدر سوشل ميڊيا تي فخريا انداز ۾ واھي پانڌي متاثرين لاءِ امداد ڏيڻ جو طريقو بيان ڪري واضع ڪيو تـ جنھن کي امداد کپي برادري جي مقامي چڱن مڙسن جي اوطاق تي سلام ڪري راشن ٽينٽ وصولي لاءِ نالو لکرائي سگھي ٿو. پ پ پ قيادت جو ھي نئون نمونو 2020ع جي ايجاد تصور ڪيو وڃي ٿو.
نئين گاج ۽ نئين نلي جي ٻوڏ واري پاڻي ۾ پنج انساني جانيون ضايع ٿي ويون آھن، جنھن ۾ واھي پانڌي ۾ ٻن عورتن سميت نوجوان قادن لغاري پراڻي ڊرگھه جو ارباب علي لغاري ۽ گاج ڊيم جو چوڪيدار به پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آھن، انھن جي خاندان وٽ تعزيت لاءِ ڪو چونڊيل نمائندو ناھي وڃي سگھيو، ڇاڪاڻ تـ ڪاڇي ۾ رستا ناھن ۽ رستا نه ھجڻ سبب ھزارين ماڻھو کاڌ خوراڪ بيمارين سميت مختلف مسئلن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آھن. جتي حڪومت جي به ڪا آئيني قانوني ذميواري ھجي ٿي ليڪن ڪو به ادارو ذميواري نڀائي ناھي سگھيو. 20/25 ڪلوميٽر فاصلي جو جيپ تي جوھي شھر اچڻ جو ڪرايو في ماڻھو ڇھ سئو روپيـا ورتو وڃي ٿو. جتي پٽا اڻلڀ ٿي وڃن معصوم ٻارڙا کاڌ خوراڪ لاءِ رڙيون ڪن ته مائرن جي اکين مان وھندڙ لڙڪن جا وھڪرا به خطرناڪ منظر پيش ڪن ٿا. پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪاڇي جي ڪوڪ ڪير ٻڌي سگھندو ؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *