تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪامورن ۾ سرد جنگ ۽ ترقين لاءِ لڳايل نوان شرط..!!

سنڌ ۾ ڪامورن جي جتي الڳ ٿلڳ دنيا آهي اتي ڪامورن ۾ ايترا ته شديد اختلاف هجن ٿا جو هو هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ به ڪا ڪثر نه ٿا ڇڏين. ڪامورن ۾ خاص طور تي اختلافن جي شدت تڏهن ڀڙڪي اٿندي آهي جڏهن ڪامورن جي ترقين وارو مرحلو سامهون ايندو آهي، تازو ئي ٺاهيل رولز موجب ايڪس پي سي ايس ڪامورن ۽ خاص طور تي ان ڪامورن لاءِ جيڪي مختيارڪار کان ترقيون ماڻي ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدن تائين وڃي پهتا آهن انهن لاءِ اهڙو ماحول تيار ڪيو ويو ته هاڻي کين مٿين عهدن تي ترقي لاءِ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ون ۽ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽو جا امتحان ڏيڻا پوندا، جيتوڻيڪ ڄاڻايل ڪامورن پاران هڪ ڀيرو ڪميشن جا امتحان به پاس ڪيا ويا پر اوچتو ئي سندن ترقين لاءِ “نئين امتحان” وارو رولز آڻي بيهاريو ويو. جنهن سان سوين ڪامورن جي ترقين ۾ ڏکيائيون پيش اچي ويون آهن.سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ موجود ذريعن وٽان معلوم ته اهو به ٿيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه رڳو ان ڪامورن لاءِ ڪيو پيو وڃي جيڪي وڏي وزير جي خاص اختيارن جي استعمال سان سڌي ريت گريڊ 17 ۾ ڀرتي ٿيا هئا. انهن کان ڪنهن طريقي سان امتحان وٺڻ لاءِ جيڪي ترقين جا شرط لاڳو ڪيا ويا آهن انهن ۾ ڪامورن جي اها اڪثريت ڀوڳي رهي آهي جيڪي اڳ چٽاڀيٽي جا امتحان پاس ڪري مٿين گريڊ وارن عهدن تي پهتا آهن، اهڙي شرطن تي وڏي وزير جي خاص اختيارن ذريعي سڌي ريت گريڊ 17 ۾ ڀرتي ٿيندڙ ڪامورا رڳو 6.75 سيڪڙو متاثر ٿيندا، ايڪس پي سي ايس آفيسر جيڪي متاثر ٿيندا انهن جو تعداد 50 سيڪڙو آهي ۽43.75 سيڪڙو ڪامورا اهي آهن جيڪي مختيارڪار کان ترقيون ماڻي ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تائين پهتا آهن. هاڻوڪي رولز موجب انهن سڀني کي ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جو امتحان ڏيڻو پوندو. اهڙي فيصلي کان پوءِ نه رڳو ڄاڻايل ڪامورن ۾ پر پوري صوبي جي بيوروڪريسي ۾ هلچل مچي وئي آهي. جيتوڻيڪ ايڪس پي سي ايس ۽ مختيارڪاري مان مٿين عهدن تي ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن پنهنجي سينيئر ۽ خاص طور تي رٽائرڊ آفيسرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن پر اندروني طور تي ناليواري قانوندانن سان به لهه وچڙ ۾ اچي ويا آهن ۽ عدالت جو در کڙڪائڻ جو سوچي رهيا آهن. نئين رولز تحت صوبي جا گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين جا لڳ ڀڳ 220 ڪامورا آهن جن جون ترقيون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن ۽ پروموشنز وارو معاملو مونجھاري ۾ پئجي ويو آهي. هاڻي اتي سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪي ڄاڻايل ڪامورا سينيئر آفيسرن ۽ قانوندانن سان صلاح مشوري بعد عدالت به وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن عدالت سندن حق ۾ فيصلو به ڏئي ڇڏي ٿي ته پوءِ به کين هڪ سال تائين جو وقت لڳي ويندو. ايستائين سندن ترقيون پائيپ لائين ۾ ئي هونديون ۽ ڪامورا سينارٽي باوجود ساڳين ئي گريڊن ۾ موجود رهندا. ان ڪري کين سخت پريشاني آهي. ان حوالي سان اهو به معلوم ٿيو آهي ته خاص طور تي سيڪريٽريٽ واري پاسي ڪامورن جي هڪ ٻئي سان سرد جنگ هلندي ئي رهي ٿي، سينارٽي جي بنياد تي ترقيون ماڻڻ لاءِ به ڪنهن “سگھاري لابي” جي حصي جو هجڻ ضروري آهي ، ٻي صورت ۾ انڪوائرين ۽ ٻين ڪيئي معاملن ۾ سندن فائيل اڻپورا قرار ڏئي پوئتي ڌڪيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو ڪامورو ڪنهن مضبوط ڌر يا مضبوط ڪيڊر جي حصي ۾ هجن ٿا ته پوءِ سندن ترقيون پائيپ لائين مان پاڻي جيان اڳتي هليون وڃن ٿيون ۽ سندن مٿان هلندڙ انڪوائريون به ظاهر نه ٿيون ٿين ته ٻيا معاملا به لڪايا وڃن ٿا. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جيئن تازو ئي ٺهيل پراونشل مئنيجمينٽ ڪيڊر جي ڪامورن کي چٿيو پيو وڃي، ان جو به مکيه ڪارڻ اهو ئي آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سندن “لابي” موجود ناهي، ان ڪري انهن کان رولز کان هٽي ڪري ڪم ورتو پيو وڃي. پي ايم ايس ڪيڊر جي آفيسرن لاءِ آفر آرڊر ۾ به اهو ئي واضح لکيل آهي ته کين يا ته سيڪشن آفيسر طور مقرر ڪيو ويندو يا ته فيلڊ آفيسر (اسسٽنٽ ڪمشنر) لڳايو ويندو پر پي ايم ايس جي ڪميشن پاس نوجوان ڪامورن کي “هيڊ ماستر” مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جهڙو ڪارنامو به سرانجام ڏنو ويو آهي! جيتوڻيڪ اها ان نوجوان آفيسرن جا حوصلا گھٽائڻ واري پاليسي آهي جيڪا به صرف رولز جي ابتڙ آهي پر آفيسرن کي مايوس ڪرڻ جي برابر به آهي. سنڌ سرڪار پاران تازو ئي ايڪس پي سي ايس ۽ ٻين مختلف ڪيڊر جي ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ لاءِ به اڱاري تي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان اجلاس ۾ گريڊ 17 کان گريڊ 20 تائين جي ڪامورن کي 75 هزار رپين کان 2 لک رپين تائين جو ايگزيڪٽو الائونس ڏنو ويندو. پر ان اجلاس جي ايجنڊا ۾ پي ايم ايس ڪيڊر جي آفيسرن کي ايجنڊا ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو! ان جو ڪارڻ به اهو ئي آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ توڙي صوبائي حڪومت ۾ پي ايم ايس آفيسرن جي لابي ڪمزور آهي. حڪومت توڙي سنڌ سيڪريٽريٽ جي اعليٰ اختيارين کي گھرجي ته ترقين وارا رولز به اهڙي طرح آندا وڃن جيئن ڪنهن آفيسر سان ناجائزي نه ٿئي، جيڪڏهن ڪو ڪامورو هڪ ڀيرو چٽا ڀيٽي جو امتحان ڏئي عهدا ماڻي ٿو ته رڳو ڪنهن مخصوص گروپ جي ڪامورن کان ٻيو ڀيرو امتحان وٺڻ به ساڻن ناجائزي جي برابر آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻين ڪيڊرز جي ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ٿي ته پي ايم ايس ڪيڊر کي به الائونس واري صف ۾ شامل ڪيو وڃي. جيئن ڪامورن ۾ محرومي جو احساس جنم نه وٺي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *