تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر به قبول ناهي

جڏهن به ڪي حڪمران پنهنجي مقبوليت وڃائڻ لڳندا آهن يا عوام انهن مان بيزار ٿيڻ لڳندو آهي ته اهي سدائين ماڻهن کي تڪراري معاملن ۾ منجهائي سندن ڪارڪردگي بابت اٿندڙ سوالن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن يا وري پنهنجي اقتداري عرصي کي انهي فارمولي تحت ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ،اهو اهڙو فارمولو آهي جنهن کي هر حڪمران استعمال ڪيو آهي پوءِ ڀلي کڻي اهو عوام جي اڪثريتي مينڊيٽ سان چونڊجي آيو هجي يا اقتدار تي قبضي لاءِ ڪو آئين ٽوڙي ايندڙ آمر هجي،اهڙن مثالن سان اسان جو ملڪ ڀريو پيو آهي پر اقتدار جي نشي ۾ گم اهڙا حڪمران اها سادي ڳالهه سمجهي نه سگهندا آهن ته ڪهڙا به حربا هلايا وڃن پر عوام ۾ مقبوليت وڃاڻ کانپوءِ اهي نه ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهي سگهندا آهن نه ئي وري اهڙن تڪراري معاملن کي عوام ڪڏهن قبول ڪندو آهي.
پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته وڏا ڊيم ٺاهڻ واري حڪومتي منصوبي ۾ٻه وڏا تڪراري منصوبا ڪالاباغ ديم ۽ اکوڙي ڊيم به شامل آهن، سينيٽ ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ پاڻي واري وزارت لکت ۾ ٻڌايو ته ملڪ ۾ جيڪي وڏن ديمن واريون رٿائن آهن انهن ۾ ڪلاباغ ۽ اکوڙي ڊيم به شامل آهن جنهن تي سنڌ ،ڪي پي ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽرن احتجاج ڪيو،جنهن تي سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏني ته جيستائين سي سي آءِ منظوري نه ٿي ڏئي تيستائين ڪجهه نه ٿيندو جڏهن ته مملڪتي وزير علي محمد وضاحت ڪندي چيو ته موجوده حڪومت ڪالاباغ ڊيم منصوبو شروع ڪرڻ جو ارادو نه ٿي رکي ۽ سي سي آءِ جي اجازت کانپوءِ ئي اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويندا.پاڻي تي پڇڙي وارن جو پهريون حق عالمي اصول طور تسليم ٿيل آهي پر اسان وٽ سدائين گنگا ابتي وهندي آهي جيڪو ڏاڍو سو گابو ۽ جيڪو مهڙ وارو هوندو اهو پنهنجي من ماني ڪندو.پاڻي جي معاملي تي سنڌ سدائين ڀوڳيو آهي ۽ ان جي جياپي جي وڏي ۾ وڏي سهاري سنڌو درياءَ تي سدائين بند ٻڌي ان کي سوڙهو ڪيو ويو آهي جو ڪنهن وقت ۾ ان جي پڇڙي جا زرعي اپت جي حوالي سان شاهوڪار ضلعا اڄ ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن ۽ سمنڊ ڏينهون ڏينهن والار ڪندو وڌي شهري آبادين کي پنهنجي پٽن تان لڏڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي پر اسان جي حڪمرانن جي نيت اڃان سنڌ درياءَ تي بند ٻڌڻ جي آهي جنهن سان باقي بچيل سنڌ به سڪي ٺوٺ ٿي ويندي.ڪالاباغ ۽ اکوڙي ڊيم تڪراري ته ننڍي ڳالهه آهي اهي مڪمل طور ردٿيل منصوبا آهن ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ لاءِ رڳو سنڌ جي اسيمبلي نه پر ڪي پي ۽ بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون به ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن،جڏهن ملڪ جون ٽي صوبائي اسمبليون بار بار انهي رٿا کي ردڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن ته پوءِ انهي کان وڌيڪ ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي بار بار انهن منصوبن کي قبر مان کوٽي کڻي اچي عوام کي مڇرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن .سنڌو درياءَ تي بند ٻڌڻ خلاف سنڌ جي عوام جي تاريخي احتجاج رڪارڊ تي آهن جڏهن مشرف جهڙو آمر به سنڌ ۾ ڊيمن جي مهم هلائڻ لاءِ آيو ته سنڌ جي عوام کان وٺي سنڌ جي ساڃاهه ۽ ميڊيا تائين کيس هڪڙو پيغام مليو ته ڪالاباغ ڊيم تي ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه ان جو ذڪر به سنڌ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ڀلي کڻي پوءِ ان ڊيم کي ڪهڙو به پاڪ نالو ڏنو وڃي تڏهن به اهو ڊيم قبول نه ڪيو ويندو.جڏهن هڪڙو معاملو ٽن صوبائي اسيمبلين مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ به ان کي سي سي آءِ جي منظوري جي آسري يا اتفاق راءِ واري رينگٽ سان گڏ ڇو زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڇا انهن اسيمبلين جي ٺهرائن جي ڪا حيثيت ناهي اتفاق راءِ ته ٿي چڪو انهن ٺهرائن وسيلي ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو کپي پوءِ ڇو اهو اڃان تائين وفاقي حڪومت جي پاڻي وارن منصوبن ۾ شامل آهي.اسان سمجهون ٿا وفاق ، ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هڪڙيون بدگمانيون وسيلن جي ورڇ،اختيارن ۾ مرڪز جي مداخلت،وفاق جي سهڪار نه ڪرڻ سبب موجود آهن مٿان وري ڪالاباغ ڊيم بابت حڪومت جو اعتراف سنڌ جي عوام کي وڌيڪ بدگمان ڪري ٿو، تنهن ڪري وفاقي حڪومت فوري طور ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم رٿائن کي خارج ڪري سدائين لاءِ اهو باب بند ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *