تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪافڪا جو ڪوٽ، مارڪس جو ڪَمبل!

سچي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌي ليکڪن جي وڏي کيپ لوڪ ڪهاڻيون ۽ ٻاراڻا ڪتاب، رسالا پڙهي، ٻوٽن مان وڻ ٿي آهي. نثر ۾ هنن مرزا قليچ بيگ، جمال ابڙو، امر جليل ۽ الطاف شيخ جي آڱر پڪڙي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، اردو ۾ ڪرشن چندر سندن من موهيو.
نئين رنگ ڍنگ، نج سنڌي شاعريءَ جو عهد ساز شاعر شيخ اياز آهي، تنوير عباسيءَ کان ويندي نون نوجوان شاعرن جي شاعري اياز صاحب جي پيرن جي نشان تي پير رکي سرجي آهي. هو گس نه ڏئي ها ته سڀ فيض بخشاپوريءَ جي خمخانهءِ فيض ۾ اٽڪيا پيا هجن ها. فارسي زدي سنڌيءَ ۾ سمويل هجن ها.
سياست ۾ عوامي شعور ذوالفقار علي ڀٽو جي مرهون منت آهي. نظرياتي سياسي آبياري سنڌ ۾ جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي ڪئي. ڄام ساقيءَ ڪنڌ تي چمي ڏني. پڇاڙڪي پهر ۾ هن ڪميونسٽ ميني فسٽو ڪنڊائتو رکي، مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو “بهشتي زيور” کڻي ڳچيءَ ۾ پاتو.
اسان جا مڙيو ئي ليکڪ وري ڪنهن اخبار، رسالي يا چئنل تي انٽرويو ڏيندا ته فرانز ڪافڪا جو ڪوٽ پائي پنهنجا وساري، پراون جي ساراهه ڪندا. سارتر، ڪاميو، گارشيا مارڪيز ۽ بورخيس جا نالا ايئن ڳڻائيندا ڄڻ هي سندن اوطاق ۾ ٽڪي ويا هجن. پيبلو نرودا ساڻن گڏ پڙهيو هجي. سياسي دلبر ڪارل مارڪس جو ڪمبل ويڙهي اينگلس ۽ هيگل جا نالا ايئن کڻندا ڄڻ هڪ اسڪول ۾ پڙهيا هجن.
نصرت هوٽل سکر جي ريسٽورنٽ ۾ ليکڪ دوست ۽ شاعر ويٺا هجن، ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌل هجن، هڪ شاعر کان پڇيم. “من! اڄڪلهه ڇا پيو پڙهين؟” وات کي چٻو ڪري، کريل انگريزيءَ ۾ ڪافڪا جي جڳ مشهور ڪهاڻيءَ جو عنوان ٻڌايائين، “(Metamorphoses)” مان خوش ٿيم، چيومانس، “پرڏيهي ادب پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي، مون اها ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي، مون کي سمجهه ۾ نه آئي سو تون ٻڌاءِ، ڪافڪا ان ڪهاڻيءَ ۾ چوڻ ڇا ٿو چاهي ؟” هو چپن مان سِي جو آواز ڪڍي چوڻ لڳو. “يَرَ! ڇا هي ته مون اڃان ٻه ٽي صفحا مس پڙهي ته مون وارو ننڍڙو روئڻ لڳو. ان کي پرچائڻ لاءِ ٻاهر وٺي ويم، پوري پڙهي نه سگهيو آهيان.” هن جي ان ورنديءَ تي هن جي ننڍڙي پٽ ماٺ ڪئي. مون روئڻ شروع ڪيو.
کري ڳالهه اها آهي ڪافڪا ۽ بورخيس وغيره الجبرا وانگر ڏکيا آهن. توڙي امڙ ننڍي هوندي دڪو وات ۾ وجهي کارايو هو پوءِ به اهي سمجهه ۾ گهٽ ايندا آهن. ماحول ۽ اسان جي سماج سان هنن جي مطابقت به ڪو نه آهي. گارشيا مارڪيز جو ناول “اڪيلائي جا هڪ سئو ورهيه” سگهارو ناول آهي. انگريزيءَ ۾ ڏکيو لڳو. سنڌيءَ ۾ ڏاڍو سٺو ترجمو مراد علي مرزا صاحب ڪيو آهي. کنيم. پنجاهه صفحا پڙهي، ٺپي رکي ڇڏيم. هن جي ڪردارن جا نالا ريل جيڏا ڊگها آهن. ياد نه بيٺا. هن جون سٺيون سوليون ڪهاڻيون “ڪرنل ڏانهن ڪو خط نه ٿو لکي” ۽ “هن ڳوٺ ۾ ڪو چور ناهي” وڻيون. دل ۾ گهر ڪري ويون.
اسان جا مان وارا اديب رعب وجهڻ لاءِ پرڏيهي ليکڪن جا انگريزي دوائن جهڙا نالا کڻندا آهن ۽ پنهنجن ليکڪن تي مضمون ۾ پرديسي ليکڪن سان اڻ ٺهندڙ ڀيٽ ڏيندا آهن. ٻه ٽي سال اڳ پنهنجو ڳوٺائي، سهڻو ماڻهو، بهترين نثر نويس آغا سليم صاحب لاڏاڻو ڪري ويو. هفتي اندر هڪ اخبار جي هفتي واري آچر واري مئگزين ۾ حيدرآباد ۾ رهندڙ ليکڪ جو مضمون ڇپيو، عنوان هيس، “آغا سليم سنڌ جو ڪافڪا هو.” جڏهن ته آغا صاحب ڪافڪا کان ڪوهين ڏور هو. هو روسي ليکڪن انتون چيخوف، ايوان ترگنيف ۽ اردو ليکڪا قرت العين حيدر کان متاثر هو. هن فني طور قرت العين حيدر جي ناول “آگ ڪا دريا” کان پنهنجي ناول “اونداهي ڌرتي، روشن هٿ” ۾ اثر وتو هو. اهڙو اظهار هن پنهنجن انٽرويوز ۾ ڪيو آهي. ڌڪو ته وري سکر جي شاعر ادي هنيو. حيدرآباد جي گائناڪالوجسٽ شاعره جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ کيس “سنڌ جي سيفو” بڻائي ڇڏيائين. يوناني مائي سيفو پنهنجي جنسي حوالن ڪري مشهور آهي، باقي هن جي شاعري ڪا دل کي ڇهندڙ ناهي، جڏهن ته هن جي ڀيٽ ۾ اسان جي سنڌي شاعره جي شاعري وري به چڱي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سٺي شاعر ۽ ڪالم نگار اخبار جي ڪالم ۾ بهترين ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل جي ڀيٽ روسي شاعر رسول حمزاتوف سان ڏني. رسول صاحب تمام سٺو شاعر هو، هن پنهنجي صوبي ۽ ڳوٺ جي حوالي سان سيبتو ڪتاب “منهنجو داغستان” لکيو. نثر جو شاهڪار ڪتاب آهي. اهو (Non Fiction) آهي. فڪشن جي ذمري ۾ ڪهاڻي ۽ ناول اچن ٿا. نسيم صاحب ڪهاڻيڪار هو. رسول حمزاتوف ڪهاڻيون ۽ ناول مُور نه لکيا، رسول حمزاتوف ۽ نسيم احمد کرل جي ڀيٽ ٺهي ئي نه ٿي.
سياسي ماڻهو انٽرويو ۾ ويٺا مارڪس ۽ اينگلس جا ڳڻ ڳائيندا، پنهنجن کي ليکي ۾ نه آڻيندا، جن کين سياست ۾ معتبر بڻايو. اسان لاءِ سڀ کان سٺو دڳ اهو آهي ته ڪافڪا جو ڪوٽ لاهي، جمال ابڙو صاحب جي خميسي جو ڪوٽ پايون. ڪارل مارڪس جو ڪمبل پري ڪري، ڀٽي صاحب جي سوڙ، جي ايم سيد جو اجرڪ ۽ پليجي صاحب جي ٽوپي پائي، ادب ۽ انقلاب جي واٽ تي هلي، ڪو ٻوٽو ٻاريون، جهمريون پائي گيت ڳايون.

Bookmark the permalink.

One Response to ڪافڪا جو ڪوٽ، مارڪس جو ڪَمبل!

  1. Qasim Kehar says:

    Excellent dear Aadrash.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *