تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪارو ڪاري جي خاتمي جي حڪمت عملي

سماجي بگاڙ جي ڪو به حمايت ناهي ڪندو، خاص ڪري اهي سڌريل قومون جيڪي ھزارين سال پراڻو وجود رکن ٿيون. هر تهذيب يافتا قوم جا اخلاقي ضابطا پنهنجا هجن ٿا، جيڪي انهن قومن جي اخلاقي عڪاسي ڪن ٿا.
سماج ۽ معاشرتي بگاڙ ۽ اٿل پٿل يا وري ڌارين قومن جي لڏ پلاڻ جي ڪري غير اخلاقي يا غيرمھذب ريتون رسمون جنم وٺن ٿيون جيڪي ڪنهن قوم جي حقيقي ريتن رسمن ۽ روايتن جي ابتڙ هجن ٿيون. جهڙي طرح ڪارو ڪاري Honor Killing جهڙي بد رسم سنڌ جي روايتي اخلاقي قدرن جو چهرو مسخ ڪري ڇڏيو آهي. ڪارو ڪاري Honor Killing ڪا گهڻي آڳاٽي رسم ڪونه آهي، هي رسم سنڌ ۾ سئو سوا سئو سال اڳ آئي هوندي جنهن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو اگر ملي به ٿو ته اهو ٻاهران آيل غير سنڌي قبيلن ۾ ملي ٿو. غيرت جي نالي تي ڪارو ڪاري Honor Killing رسم تڏھن وڌي جڏهن ضياء الحق هڪ منظم سازش تحت پنهنجي دور ۾  قبيلائي ۽ سرداري نظام کي مضبوط ڪيو. قبيلن کي تقسيم ڪري الڳ الڳ ڪيو ۽ پوءِ ان واحيات ۽ غير اخلاقي رسم کي جرڳائي ڀوتارن ۽ سردارن پنهنجي گذر سفر ۽ ڌنڌي جو ذريعو بڻايو. ڪارو ڪاري جي هن دقيانوس رسم ۾ جرڳائي سردارن ۽ ڀوتارن طرفان جرڳي جي ذريعي ڪارو ڪيل ڌر جي ماڻهو کي ڪجھه موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ ڏنڊ جي ڳري رقم سنگ چٽي يا اهي ٻئي آپشن پورا نه ٿيڻ عيوض کيس قتل ڪيو وڃي ٿو. پوءِ ڪٿي ڪارو ڪاري ٻنهي کي يعني ٻٽي قتل جا واقعا به پيش اچن ٿا. نه گهڻي ڀاگي عورت ئي ڳڀا ڳڀا ٿي ظلم ج ڇو شڪار ٿئي ٿي ڇو جو هن جهل جي زد ۾ آيل معاشري ۾ عورت کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو ۽ عورت جي ڪا ذاتي حيثيت يا سڃاڻ کي هن محل تائين تسليم ئي ناهي ڪيو ويو. عورت ڌيءَ، زال، ڀيڻ يا ماءُ سان سڃاتي وڃي ٿي، تنهن ڪري ان جي بري ڀلي ۽ اڇي ڪاري جو فيصلو به ڀاءُ، مڙس يا پيءُ ئي ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو عورت کي رڍ ٻڪري سمجهي ڪٺو وڃي ٿو يا سڱ چٽي، بَدي ۽ ٽڪن عيوض وڪرو ٿو ڪيو وڃي. ههڙي جديد دور ۾ به ڪارو ڪاري جهڙي بدبودار رسم جي انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وڃڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آھي ته ان جاهلاڻي رسم کي قبيلائي جهيڙن، ذاتي انائن، دشمنين، ملڪيتن تي پيدا ٿيل تڪرارن جي لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي. وڏو الميو اهو آهي ته توڙي جو هن مهل تائين ڪارو ڪاري يا سگ چٽي وغيره جهڙي ڪڌي رسمن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايوانن ۽ عدالتن ۾ نوان ۽ سخت قانون متعارف ڪرايا ويا آهن پوءِبه هن ڪڌي رسم مان سنڌ آجي ٿيڻ بجاءِ ڏينهنو ڏينهن وڌيڪ وڪوڙبي پئي وڃي. جيئن پوءِ تيئن غيرت جي نالي تي وڌيڪ نياڻيون ڪسجنديون ٿيون رهن ۽ ساڳي ريت جرڳائي ڀوتارن ۽ سردارن جون اوطاقون پڻ آباد آهن. ان جو ثبوت ڪارو ڪاري بابت تازو ڪيل سروي آهي جنهن موجب سنڌ ۾ هن ئي سال 2020ع ۾ ڇهن مهينن ۾ ڪارو ڪاري هيٺ 37 مرد ۽ 60 عورتون قتل ٿي چڪيون آهن. اهي ته صرف رپورٽيڊ Reported ڪيس آهن ۽ ان رپورٽيڊ ڪيسز جو تعداد الائي ڪيترو هوندو. ڪارو ڪاري جي خطرناڪ ۽ شدت اختيار ڪندڙ رسم تي ضابطو آڻڻ ۽ عورت تي مرد جي حاڪميت Man Dominancy کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي سماجي، انساني حقن جي تنظيمن، عورتن جي تحفظ وارين تنظيمن کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو. ان کان علاوه اسان کي ٽن وڏن ادارن خلاف هڪ مضبوط آواز اٿارڻ جي ضرورت پڻ آهي. هڪ ته سردار يا ڀوتار آهي جيڪو ان ڪارو ڪاري رسم جي پويان وڏو ڪارڻ آهي. ٻيو آهي اسان جي پوليس جيڪا روايتي طور ان سردار ۽ ڀوتار جي رحم ڪرم تي هجڻ ڪري انهن سان ٻٽ بڻيل هجي ٿي.
ٽيون آهي ملڪي ايوان ۽ اسيمبليون جنهن ۾ ڪارو ڪاري جهڙي رسم خلاف نئين سر قانون سازي ڪري اهڙا قانون جوڙائڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ته جيئن ڪارو ڪاري هيٺ ٿيندڙ قتل ۾ ملوث قاتلن ۽ جرڳائي نظام جي سهولتڪارن جرڳا ڪندڙ ماڻهن کي سزائون اچي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *