تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

ڪارنهن جا الزام ۽ ڪارين جو قبرستان!

سنڌ جي عورت لاءِ هي سماج صديون پڄاڻان به سولو ۽ سهولت ڀريو ناهي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت انسان هجڻ جي ناتي جن بنيادي حقن جي گهرجائو آهي، سي اڄ به کيس ميسر ناهن. سنڌ جي عورت جيڪا صنفي اڻ برابري سميت هر شعبي ۾ ٻٽي معيار، تذليل، حوس ۽ هراسمينٽ جو شڪار رهي ٿي، تنهن جو داد فرياد ڪندڙ ادارا به گهڻي ڀاڱي انهن مردن تي مشتمل هجن ٿا جن جو رويو عورتن ڏانهن غلام وارو هجي ٿو. شهر هجي يا ٻهراڙي، عورت تعليم يافته هجي يا اڻ پڙهيل پر کين ڪارنهن جي ڪوڙي تهمت هيٺ ڳڀا ڳڀا ڪرڻ واري ڪڌي رسم جي تاريخ تمام گهڻي طويل آهي. اڄ به سنڌ جي اخبارن جون اڪثر خبرون عورتن جي ئي حوالي سان هجن ٿيون. تازو “پنهنجي اخبار” ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ شايع ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صرف جنوري کان آڪٽوبر 2019ع تائين 10 مهينن جي مختصر عرصي ڪارو ڪاري تحت 103 عورتون ۽ 39 مردن کي قتل ڪيو ويو آهي. “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيل ان تفصيلي رپورٽ ۾ سروي ڪندڙ سماجي تنظيم “سهائي سٿ” طرفان جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن، انهن ۾ سنڌ اندر 18 نياڻين کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه نياڻيون زيادتي بعد قتل ڪيون ويون آهن. سنڌ ۾ 21 عورتن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر علائقي واسين جي طرفان مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ انهن عورتن جي زندگي بچائي وئي. سروي مطابق هن وقت عورتن جي حوالي سان جيڪب آباد ضلعو تمام نازڪ آهي، جتي ڪارو ڪاري جي حوالي سان سنڌ جون وڌ ۾ وڌ نياڻيون قتل ڪيون ويون آهن. انهن عورتن جو تعداد 22، مردن جو تعداد 10 آهي. شڪارپور ٻئين نمبر تي آهي جتي ڪارو ڪاري تحت 19 عورتون، 6 مردن جو قتل ڪيو ويو آهي. ڪشمور ضلعي ۾ 20 عورتون، 3 مرد ڪارو ڪاري جي تحت قتل ڪيا ويا. سکر ضلعي ۾ 11 عورتون، هڪ مرد قتل ڪيا ويا. گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 عورتون، هڪ مرد ڪارو ڪاري تحت قتل ڪيا ويا. جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مجموعي طور تي 103 عورتون 36 مردن کي ڪارو ڪاري تحت قتل ڪيو ويو آهي. ڪارو ڪاريءَ جو لفظ سنڌ لاءِ نئون ڪونهي پر انهيءَ الزام جنهن جاهلاڻي روايت کي جنم ڏنو، “پنهنجي اخبار” جي پڙهندڙ کي اها خبر پڙهندي وڌيڪ حيرانگي ٿيندي ته چڪ ويجهو هڪ اهڙو قبرستان آهي جتي صرف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورتن کي دفنايو ويندو آهي. ان قبرستان کي اڄ به “ڪارين جو قبرستان” سڏيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري اتر سنڌ ۾ ڪارنهن ڄڻ ته باقاعده ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ سڀ کان مک سبب ذاتي پلاند پاڙڻ ۽ ملڪيت ڦٻائڻ سامهون آيا. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪجهه عرصو پهريان “پنهنجي اخبار” ۾ ڏهرڪي مان رپورٽ ٿيو جنهن ۾ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ پٽن حج تي ويل ماءُ کي نوجوان سان ڪاري قرار ڏئي ڇڏيو. سماجي ناسور کان وڌيڪ هي معاملو قانوني ۽ رياستي اهميت جو آهي، هاڻ ڪاري ڪاريءَ جو معاملو انگريز دور جي غيرت جو نه پر سڌي قتل جو معاملو ڊڪليئر ٿيل آهي. تنهنڪري اهڙن واقعن ۾ رياست يا قانون اڻ ڌريو ۽ خاموش تماشائي رهي نٿا سگهن. جڏهن ڪارنهن هيٺ ڪنهن کي مارڻ کليو قتل آهي ته پوءِ ڪارنهن جو الزام لڳائڻ پڻ ارادهءِ قتل جي ذمري ۾ اچي ٿو، جنهن تي فوري طور تي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. اڪثر واقعن ۾ ڪارنهن جو الزام ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ هنيو ويندو آهي پر ڏٺو وڃي ته لڳ ڀڳ سمورن ڪارنهن جي واقعن پٺيان اهڙيون ئي ڪهاڻيون هونديون آيون. تنهنڪري اهڙن واقعن کي فردن جا ذاتي يا گهريلو تڪرار قرار ڏئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن افسوسناڪ واقعن جي ڪردارن کي فوري طور قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ۽ کين عبرتناڪ سزائون ڏياريون وڃن ته جيئن آئنده ڪوبه ملڪيت جي لالچ ۾ ايئن رشتن جي بي حرمتي نه ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *