تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڪارنهن الزام هيٺ قتل جا وڌندڙ واقعا!

ھونئن ته گھوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جو مسئلو سدائين سنڌ سرڪار لاءِ مسئلو بڻيل رھي ٿو، پر ڪجھ سالن کان امن امان جي صورتحال ضابطي ھيٺ رھڻ بعد هاڻ وري امن امان جي مسئلي ٻيھر ڪر کنيو آھي. ماڻھن کي عورتاڻي آواز تي گھرائي اغوا ڪرڻ، چورين، ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ باوجود گھوٽڪي پوليس جتي سڀ ڪجھ ٺيڪ ھجڻ جو راڳ آلاپي رھي آھي، اتي گھوٽڪي ضلعو عورتن جي لاءِ به مقتل گاهه بڻيل آھي. گھوٽڪي ضلعي ۾ عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جا واقعا پھريون به رپورٽ ٿيندا رھيا آھن، پر ڪجھ وقت جي ٺاپر کانپوءِ ھاڻي انھن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي. گھوٽڪي جي رحم والي محلي جي رھواسڻ ساجدہ چاچڙ، ولو مھر جي رھواسڻ پسند جو پرڻو ڪندڙ رخسانا شيخ ھجي يا لوھي پل لڳ عارباڻي برادري جو کير وڪرو ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندڙ پورھيت نوجوان مير علي عارباڻي ھجي انھن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ھيٺ قتل ڪيو ويو آھي. رات جي وقت مون ڏي هڪ فون آيو ۽ ان دوست چيو ته گهوٽڪي ۾ ڪنهن شاگردياڻي کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي پر معاملي کي لڪايو پيو وڃي مون فوري طور گهوٽڪي ٿاڻي تي رابطو ڪيو ۽ پڇا ڪئي ته پوليس به معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي، جڏھن صبح جو اھا خبر اخبار ۾ رپورٽ ٿي ته پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ناري جي والد رٽائرڊ پوليس عملدار عطا محمد چاچڙ کي ٿاڻي تي گهرائي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري هڪ جوابدار شاگردياڻي جي چاچي غلام محمد چاچڙ کي پڪڙي لاڪپ ڪيو. گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ڀائيٽي ساجدہ چاچڙ کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڪيس جي جاچ آفيسر جوابدار غلام محمد چاچڙ کي ساڻ ڪري سنڌو درياهه تي وٺي ناري جي لاش جي ڳولا ڪئي پر ڪيترائي ڏينھن گذرڻ باوجود ناري جو لاش ھٿ اچي ناھي سگھيو، جنھن ڪري پوليس جي ڪارڪردگي به سواليه نشان بڻيل آھي. پوليس ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار کي ڪيترن ئي ڏينھن کان گرفتار ڪري قتل جي حوالي سان کانئس جاچ ڪري رھي آھي، پر پوليس جي جاچ جو نتيجو اڃان تائين سامھون ناھي آيو. جيتوڻيڪ مقتول ناري جي والد جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي پر ڄاڻايل قتل بابت سوشل ميڊيا تي خبرون ھلي رھيون آھن ته قتل ۾ مبينا طور تي ناري جو والد به ملوث آھي، اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس اھڙين ڳالھين کي ڪوڙو ۽ افواھن تي مبني قرار ڏنو آھي، عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جي قتل جا ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيا ويندا آھن پر اي سيڪشن پوليس ناري ساجدہ چاچڙ ۽ شادي شدہ عورت رخسانا شيخ جي قتل جي پاڻ فريادي ٿي ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ سندن وارثن کي فريادي بڻايو آھي. جنھن تي سول سوسائيٽي ۽ انساني حقن توڙي گھوٽڪي ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ فيمنسٽ گروپ پاران ڪارو ڪاري قرار ڏنل عورتن جي داخل ڪيل ڪيسن تي خدشن جو اظھار ڪيو آھي. ماضي ۾ پڻ اھو ٿيندو رھيو آھي ته ڪڌي رسم جي ور چڙھي جانيون وڃائيندڙ عورتن جي فريادين پاران ٺاهه ڪرڻ جي صورت ۾ قاتل سزا کان بچي وڃن ٿا،جڏھن ته گيمڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل عارباڻي برادري جي پورھيت نوجوان مير علي عارباڻي جو جيتوڻيڪ قتل ڪيس ته داخل ڪيو ويو آھي پر قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار ناھي ڪري سگھي. نوجوان جي مارجڻ کانپوءِ برادري جي ماڻھن عورت جي حياتي بچائي ورتي. اھڙي ريت رخسانا شيخ جو قتل ۽ سندس وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان قومي شاھراہه تي احتجاج ڪرڻ به انھن جو ڏوہه بڻجي ويو، احتجاج ڪرڻ دوران ميرپور ماٿيلو جي ايس ايڇ او جيڪا ٻولي ڌرڻي وارن لاءِ استعمال ڪئي، سابه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي. ايس ايس پي گھوٽڪي اڻپڙھيل ۽ جاھل ايس ايڇ او خلاف قدم کڻڻ بجاءِ احتجاج ڪرڻ وارن مٿان ڏمرجي 57 ڄڻن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين جوابدار ڄاڻائي ڇڏيو آھي. گھوٽڪي پوليس ڪارو ڪاري تحت قتل ٿيندڙ عورتن جي ڪيسن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان نابري واري بيٺل آھي ته ٻئي طرف پر امن احتجاج ڪرڻ تي رخسانا شيخ جي وارثن ۽ صحافين خلاف دھشتگردي ڪيس داخل ڪري اھو پيغام ڏئي رھي آھي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ پوليس ئي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل آھي، ھتان جا اقتدار ڌڻي به سرڪار جا مزا ماڻڻ ۾ مست آھن ۽ پروٽوڪول جي چڪر ۾ پوليس جي ٿيندڙ زيادتين تي خاموش آھن. اقتدار ڌڻين کي جيڪڏھن ڪا فرصت ملي ته گھوٽڪي پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *