تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڏکڻ ايشيا جوامن داءُ تي لڳل

ڀارت جي حرڪتن جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ،چين، پاڪستان ،سريلنڪا ۽ نيپال جو امن غير محفوظ ٿي ويو آٓهي. ھر نئين ڏينهن ملڪي سرحدن تي گولاباري ڄڻ ته معمول بڻجي چڪي ھجي.نيپال اھو ملڪ آهي جنهن لاءِ اھو تصور آهي ته ڀارت نيپالين جو ڄڻ ٻيو ملڪ هجي پر ڀارتي حرڪتن جي ڪري تازو نيپال پنهنجي قومي ريڊيو تان ڀارت مخالف ملي نغما شروع ڪري ڇڏيا آهن جيڪي نه صرف نيپال ۾ بلڪه ڀارت جي ڪافي رياستن ۾ پڻ ٻڌي سگھجن ٿا، جيڪو ڀارت خلاف نفرت جو ثبوت آهي. ١٩٧٠ع جي ڏھاڪي کان ٢٠٠٩ع تائين ڀارت سرڪار سريلنڪا ۾ جيڪا مداخلت ڪئي ان جا نتيجا اڄ تائين محسوس ڪيا وڃن ٿا. جنهن تامل باغين جي مدد ڪري تامل ٽائيگرس نالي تنظيم ٺهرائي ۽ سريلنڪا ۾ ھزارين ماڻهن جو قتل عام ڪرايو.ھي تنظيم جافنا جي علائقي ۾ سريلنڪا جي فوجين ۽ عام ماڻهو جي قتل جو ذميوار هئي. عام تاثر آٓهي ته ھنن کي ڀارت ھر قسم جي مدد ڪئي. ياد رهي ته ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ 1987ع کان 1990ع تائين اهو جهيڙو هلندو رهيو.
ھن وقت هندستاني وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي پاڙيسري ملڪ سري لنڪا جو مختصر دورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته چين پڻ سري لنڪا ۽ مالديپ ٻنهي ملڪن ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن سان ڀارت جي پريشاني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڪنهن کان لڪيل نه رھيا آهن سچ ته اھو آھي ته 1947ع کان اڄ تائين ڀارت پاڪستان کي سماجي، سياسي يا معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جا ھن خطي جي امن ۽ ترقي جي شرح تي خراب اثر پيا آهن.
1965ع ،1971ع سياچن، ڪارگل يا سرڪريڪ تي ٿيندڙ جنگيون يا ڪشمير ۾ مداخلت ڪنهن کان لڪل آهي. ڀارت سدائين ھن خطي ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڀارت پاران عالمي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي. سي پيڪ جي عالمي منصوبي کان پوءِ ڀارت ھن منصوبي جي کليل مخالف ڪرڻ ۽ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ جي ھر اھا ڪوشش ڪئي جيڪا ڀارت کان ٿي سگهي آهي.
تازو ڀارت چين ۽ ڀارت جي سرحدي علائقي “لداخ” ۾ غيرمعمولي ڇڪتاڻ جي ڪري ڀارت جا ٢٠ فوجيمارجڻ سان ھن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا فوجي جٿا لداخ واري علائقي ۾ موڪليا ويا آهن .اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڀارت ۽ چين وچ ۾ ڪا ڇڪتاڻ ٿي ھجي ، پهريون ڀيرو 1962ع ۾ جھڙپون ٿيون ، پر چين هي جنگ کٽي ورتي ، انهي کانپوءِ هڪ ڀيرو ڀارت 1965ع ۽ 1975ع ۾ چين تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ به چين ڀارت کي شڪست ڏني. گهڻي وقت کان پوءِ چين ۽ ڀارت وچ ۾ ھي ڇڪتاڻ وڌي آهي جنهن ۾ ڀارت جي بھار ريجمينٽ جي ھڪ ڪرنل سميت 20 فوجي مارجي ويا آهن.
لداخ ڪشمير جي اتر ۾ هماليه جبل تي هڪ اهڙو علائقو آهي جنھن جي پنهنجي دفاعي حيثيت ٻنهي ملڪن لاءِ اھم آھي .
اصل ۾ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کان پوءِ هن خطي تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي پاليسي پڻ بدلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آهي ، ڇاڪاڻ ته ڀارت عالمي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهو رڳو والاريل ڪشمير ۾ ه پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ ڪري رھيو آهي. اها هڪ اهم ڳالهه آهي ته ڀارت جي وزير اعظم مودي گذريل ڇهن سالن ۾ 18 ڀيرا چين جي وزير اعظم سان ملاقات ڪئي آهي. انهي ڪري اهو عام نظريو هو ته ھنن ملڪن جي وچم ڪوبه مسئلو نه آهي.
لداخ جي اهميت :
هي علائقو چين ۽ ڀارت جي سرحد تي آهي ، اصل ڪنٽرول لائين ڀارت ۽ چين جي وچ تي آهي ، اهو علائقو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پاليسي لاءِ اهم آهي ، هن وقت چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سٺا آهن پر ڀارت جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن سان بھتر نه آهن ، انهي ڪري ڀارت لداخ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ، ڇاڪاڻ ته سياچين گليشيئر ۽ ڪارگل وارو سمورو علائقو پڻ ھن خطي ۾ اچي وڃي ٿو.
١٩٩۵ع جي ھڪ معاهدي مطابق ٻنھي ملڪن جي سپاهين کي ھن علائقي ۾ بندوقون کڻڻ جي اجازت نه آهي پر انهي ويڙه ۾لوھي شيخن جو استعمال ٿيو جنهن سان ڀارتي فوجين مان ڪجهه ڀارتي فوجي هيٺ وادي ۾ موجود درياءَ ۾ ڪرڻ سبب مري ويا.
هن وقت ڀارت جي خواهش آهي ته هن تڪراري علائقي ۾ روڊ ٺاھي جنهن سان ڀارت کي پاڪستان ۽ چين جي نگراني ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي گڏوگڏ ڀارت کي قراقرم جبل تائين آسانيءَ سان پھچ پڻ ٿي سگهي ٿي.
جاگرافي طور لداخ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي ، جنهن مان ڪجهه حصو پاڪستان ۾ آهي ۽ ڪجهه علائقو چين جي قبضي هيٺ آهي ۽ ڪجهه علائقو ڀارت جي قبضي هيٺ پڻ آهي. لداخ جو ڪل علائقو 1،17000 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي.
سنڌو درياءَ جو سرچشمو لداخ جي جابلو چوٽين جي ويجهو شروع ٿئي ٿو ، جيڪو پاڪستان کي آبپاشي ۾ مضبوط ڪري زراعت جي لائق بڻائي ٿو ، انڊس واٽر معاهدي جي روشني ۾ هي درياءَ پاڪستان جي ملڪيت آهي ، جيڪڏهن ڀارت ان ايراضي تي قبضو ڪيو ته پوءِ هو سنڌو درياءَ جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ڀارت سنڌو طاس معاهدي جي سدائين ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
ڀارت جي جارحيت وارن ارادن سبب ھن وقت ٽنهي ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي تڪرار مسلسل وڌي رهيو آهي ، تنهن ڪري بين الاقوامي فورمن کي هن مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ هن حساس معاملن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيئن ڀارت جي جنگي جنونيت کي روڪي علائقي جي امن کي پيدا ٿيندڙ خطرن کان بچائي سگهجي.

Bookmark the permalink.

One Response to ڏکڻ ايشيا جوامن داءُ تي لڳل

  1. Sajjad Shar says:

    سر توھان ڏکڻ ايشيا جي موجودہ حالت بابت بھترين ڄاڻ ڏني

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *