تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

ڌرڻي مان مولانا کي ڇا ملندو؟

هن وقت پنڊي ۽ اسلام آباد جي حواسن تي ٻي ڪا اهڙي شيءِ طاري ناهي سواءِ مولانا فضل الرحمان جي. مولانا جي طرز سياست يا سندس نظرئي سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر هن جيڪو سول-ملٽري لاڳاپن جي پيج جي مٿئين ڪُنڊ موڙي آهي، يا کانئس موڙائي وئي آهي تنهن کيس هاڻوڪي سياسي منظرنامي ۾ وڌيڪ Relevant بڻائي ڇڏيو آهي.
اسٽيبلشمينٽ بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ پنهنجي ديرينه “سنگت” کان دوري اختيار ڪرڻ تي مجبور هئي، اهو ئي سبب هو جو 2018ع جي چونڊن جا نتيجا وڄ وانگر ساڄي ڌر مٿان ڪڙڪيا. جڏهن ته مولانا جي مجبوري اها هئي ته هن جي سياسي وجود ۽ جيئاپي جو سوال هو. هن کي جهڙي ريت ڪنهن ٻئي هٿان نه پر سياسي نابالغ خان حڪومت هٿان شڪست ڏياري وئي، تنهن تي کيس پي ٽي آءِ حڪومت کان وڌيڪ “ادارن” جي بي رُخيءَ جي شڪايت هئي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جي پهرين ڏينهن مولانا خطاب ڪيو ته سندس مخاطب به “ادارا” ئي هئا ۽ هو انهن سان ئي ڳالهين جو خواهشمند هو، نه ڪي حڪومتي ڪايمٽيءَ سان. بعد جي ڏينهن ۾ مولانا پنهنجي ڌرڻي ۾ ماحول ۽ پنهنجي سياسي مطالبن جو محور اهڙو جوڙيو جنهن سان خان حڪومت ۽ خود وزيراعظم ڄڻ Irrelevant (غير متعلق) ٿي ويا آهن، اهو ئي سبب آهي جو حڪومتي ڪيمٽي زور لڳائڻ جي باوجود به مولانا کي قائل نه ڪري سگهي ۽ هاڻ ان جي اهميت علامتي بڻجي وئي آهي، هاڻ ميدان تي ٻه ڌريون آهن، هڪ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيو مذاڪرات ۾ “ادارن” جو سياسي چهرو “چوڌري برادران.” هاڻ اصل ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جن جي خواهش مولانا آزادي مارچ جي پهرين ڏينهن ڪئي هئي. مولانا اڳواٽ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو “ادارن” سان ٽڪراءُ نٿو چاهي، هو ناراض ضرور آهي، ڪاوڙيل آهي پر ايترو جذباتي به ناهي، کيس اندازو آهي ته هو جيڪي ڪارڪن پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهي، اهي جڏهن “ادارن” جي سامهون ٿي بيٺا ته پوءِ انجام ڇا ٿيندو؟ تنهنڪري ڊِي چوڪ ڏانهن چڙهائي مونکي نٿو لڳي ته ڪو مولانا جي ڪارڊس ۾ آهي.
هيل تائين مولانا سياسي طور تي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، هڪ ته پنهنجي ووٽر/ پوئلڳن کي نئين سر منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، پنهنجي پارٽيءَ کي قومي ڌارا جي حيثيت ۽ پاڻ کي مک اپوزيشن اڳواڻ طور اُڀارڻ سميت پنهنجو سياسي اثر به وڌائي چڪو آهي، جيڪڏهن هو ان حالت ۾ واپس هليو وڃي تڏهن به اها مولانا جي هار نٿي چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن سان گڏ جيڪو ڪيڊر آهي، تنهن کي سوال ڪرڻ نه پر امير جي حڪم يا هدايت ملڻ جي تربيت مليل آهي، سو اهو هونئن به ساڻس گڏ هوندو، ٻين جي پرواهه مولانا کي به ڪانهي ته دنيا ڇا چوندي، ميڊيا تي ڪهڙا تبصرا ڪيا ويندا، وغيره. ها باقي هو پنهنجي مطالبن ۾ جيترو اڳتي وڌي ويو آهي، ان صورت ۾ هو ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ کانسواءِ نه اُٿندو، جو هو علامه طاهرالقادري ناهي. هن جا ڪارڪن پي ٽي آءِ جي ممي ڊيڊي ڪارڪنن جهڙا نازڪ نفيس نه پر سخت جان آهن، اهي اسلام آباد ۾ مسلسل برسات ۽ وڌندڙ ٿڌ باوجود کليل آسمان هيٺ ايندڙ حڪم تائين ايئن ئي ويٺل رهندا. تنهنڪري هاڻ هي معاملو حڪومت جي هٿ ۾ نه رهيو آهي، اها ته پهرين ڏينهن کان ان خيال جي هئي ته اهو “سليڪٽرن” جي مٿي جو سُور آهي، اهي ئي منهن ڏيندا ۽ هاڻ اهي ئي ڏئي رهيا آهن.
اسٽيبلشمينٽ جهڙي ريت پنهنجي “نظريهءِ تسلسل” واري حڪمت عمليءَ کي اڳتي وڌايو آهي ۽ موجوده حڪومت سان ملي سيٽ اپ جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت افورڊ نٿا ڪري سگهن. پارليامينٽ کان ميڊيا، نيب کان عدليه تائين جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي، اهو انهيءَ “نظريهءِ تسلسل” جي ئي پيداوار آهي.ان ڪري مونکي ڪو تعجب ڪونه ٿيندو جو مولانا وزيراعظم جي استعيفيٰ توڙي نين چونڊن جي مطالبي تان هٿ کڻي وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده سيٽ اپ ۾ اهي ٻئي آپشن اسٽيبلشمينٽ جي 10 سالا ويزن ۾ فٽ نٿا ٿين. پر مولانا فضل الرحمان، نهايت زيرڪ سياستدان آهي جنهن کي مذاڪرات ۾ کُٽائڻ ايترو سولو ناهي، اها مولانا کي به خبر آهي ته هن جيڪي پهريان ٻه مطالبا رکيا آهن، اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکڻ برابر آهن پر هڪ هوشيار مذاڪرات ڪار جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هو پهرين پنهنجي بارگيننگ پوزيشن کي مضبوط بڻائيندو آهي، پوءِ مطالبن کي اهڙي ريت ترتيب ڏيندو آهي، جنهن سان اڳلي کان جيترو ٿي سگهي اوترو حاصل ڪجي. هن وقت مولانا وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، ٻئي پاسي ڪيترائي اسٽيڪ آهن. مولانا جي هزارين ماڻهن سان موجودگي جيتري پُرامن ۽ شانت نظر اچي ٿي، اوتري ئي خطرناڪ پڻ آهي. ان جو اندازو هڪ ناتجربيڪار سياسي پارٽيءَ جي حڪومت کي ڪونهي، جيڪا ڪڏهن اهڙي چئلينج مان گذري ئي ڪونهي. هن حڪومت وٽ ته پارليامينٽ اندر ئي مخالف ڌر کي منهن ڏيڻ جي اهليت ڪونهي، هي ته هزارين ماڻهن جي هجوم کي منهن ڏيڻ جو معاملو آهي، تنهنڪري حڪومت جو ڪردار هن پوري صورتحال ۾ فقط نمائشي رهجي ويو آهي. ڪٿي آهي اهو گهرو وزير جيڪو پنجابي فلمن جي ولين وانگر بڙهڪ هڻي داٻا ڏيندو هو، ڪٿي آهن اهي وزير جيڪي مولانا جو مذاق اڏائي “ڌرتي تنگ” ڪرڻ جهڙا بيان ڏيندا هئا، انهن جو ڪردار پورو ٿي چڪو، هاڻ ڪهاڻي ۾ نوان ڪردار شامل ٿي چڪا آهن، جن جو حدف مولانا کي هيٺ لاهي گهر روانو ڪرڻ آهي. هن مارچ ۾ ٻيون سياسي ڌريون علامتي طور پنهنجو حصو وجهي ويٺيون آهن، جن جو ٽارگيٽ “ادارا” نه پر حڪومت آهي. کين خبر آهي ته اهي جنهن مشڪل ۾ آهن، تنهن ۾ مولانا جهڙو ايڊوينچر کين ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو، انهن جون پنهنجين سياسي مجبوريون آهن ۽ مولانا ان ڳالهه کان واقف آهي.
هينئر جيڪي ٻه ڌريون آمهون سامهون آهن، فيس سيونگ ٻنهي کي گهربل آهي. ملڪ جنهن نموني معاشي بحران ۾ مبتلا آهي، سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي، ايف اي ٽي ايف جو دٻاءُ آهي، تنهن ۾ اهو ممڪن ناهي ته هي ڌرڻو ڪو پي ٽي آءِ جي ڌرڻي وانگر 126 ڏينهن تائين جاري رهي. هن مارچ/ڌرڻي دوران نواز ليگ في الحال ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي. نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن، نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج ۽ مبينه ڊيل جي حوالي سان به خبرون گردش ۾ آهن. ان ڪري نواز ليگ جي مولانا جي مارچ ۾ فقط ٽوڪن شرڪت آهي. پ پ جي آصف زرداري کي جيتوڻيڪ نواز شريف وانگر ضمانت ناهي ملي پر پ پ مٿان هٿ في الحال هلڪو آهي، تنهنڪري پ پ چيئرمين به اسلام آباد ڇڏي مختلف شهرن ۾ مصروف آهي. رهجي ويو مولانا ته هن ڌرڻي مان ڪاميٽين، ڪميشنن کان علاوه بظاهر ڪجهه هڙ حاصل ٿيندي نظر نٿو اچي. پر هن ملڪ جا بنيادي سوال اتي ئي رهجي ويندا. عوام جي حقن جي نالي تي “عوامي تحريڪن” جي بي توقيري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ماڻهن جي مايوسي وڌندي، نواز شريف جي ججز جي بحالي واري لانگ مارچ کان ويندي، علامه طاهرالقادري، عمران خان جي ڌرڻي ۽ هاڻوڪي مولانا جي آزادي مارچ تائين جا احتجاج جڏهن هن ملڪ جي بنيادي مسئلن کي ايڊريس ڪرڻ بدران مخصوص مفادن چوڌاري ڦرندا هجن ته پوءِ ماڻهن جي نااميدي فطري آهي. سياسي اڳواڻن جي ساک وڌيڪ زخمي ٿيندي، هن ملڪ جا موجود تضاد اتي جو اُتي رهندا. قومي تعميرِ نو کان ويندي هن ملڪ جي سڃاڻپ واري بحران ۽ سول- ملٽري لاڳاپن توڙي آئين جي سربلندي، جمهوريت جي آزادي ۽ خودمختياري، پارليامينٽ جي مضبوطي ديواني جي خواب جي مثل هوندا، هي سماج جنهن گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار آهي، تنهن لاءِ ڪنهن تازي هوا جو جهوٽو وري به ممنوع ئي رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *