تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڊيمن جو ڀرجڻ ۽ ڪچي جي زندگي

الله تعليٰ جي فَضل سان تربيلا ۽ منگلا ڊيم 28 آگسٽ تي فل ڀرجي ويا. تربيلا جي فل ليول 1550 ۽ منگلا جي هاڻوڪي فل ليول 1242 فوٽ آهي، منگلا ڊيم جي اڳ ۾ فل ليول 1202 فوٽ هئي، جنهن کي 40 فوٽ اوچو ڪري 1242 فوٽ تي پهچايو ويو.
ڊيمن جي ٽمٽار ٿيڻ جو اهو مطلب ناهي ته هاڻي به ڊيم فل پاڻي ڏيندا، ڊيمن ۾ انهي ڏينهن کان لٽ وهڻ شروع ٿئي ٿي. جڏهن اتان پاڻي رڪيو وڃي ٿو، وري سڀني دريائن ۾ لٽ هڪ جيتري نٿي اچي. جهلم درياءَ ۾، جنهن تي منگلاڊيم ٺهيل آهي، ۾ رڳو 15 سيڪڙو لٽ اچي ٿي، اهو ڊيم تربيلا کان 7 سال اڳ ٺهيو هو. جهلم جي ڀيٽ ۾ سنڌو درياءَ ۾ سال 2017 جي سروي مطابق 37.5 سيڪڙو لٽ آئي، منگلا ڊيم ۾ساليانو 15 سيڪڙو لٽ ڀرجڻ ڪري ڪري ان ۾ پاڻي ذخيري جي گنجائش 0.80 ملين ايڪڙ فوٽ گهٽجي وئي، يعني منگلا جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 5.3 ملين ايڪڙ فوٽ مان گهٽجي 4.5 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي، هاڻ منگلا کي 40 فوٽ اوچو ڪري انهي ۾ پاڻي ذخيري جي گنجائش 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌائي وئي آهي، هن وقت منگلاڊيم جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 7.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، هاڻ اچو تربيلا ڊيم تي، انهي ڊيم جي پاڻي ڀرڻ جي صلاحيت 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي، جيڪا لٽ ڀرجڻ سبب 3.5 فوٽ گهٽجي 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي. سنڌ کي پاڻي تربيلا ڊيم مان ملي ٿو، انهي جي صلاحيت گهٽجڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌ کي گهٽ پاڻي ملندو، تنهنڪري ئي سنڌ وارا ٻئي متبادل ڊيم يعني ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
ڪچي جي زندگي:
سال 2013ع ۾ هڪ انگريزي اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪچي جي علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، اها گهر سول سوسائٽي ۽ انساني همدردي وارن ادارن ڪئي هئي. هنن اهو به چيو ته جيڪي ماڻهو مري ويا هجن يا جن جي ملڪيتن کي نقصان پهتو هجي، انهن کي سرڪار رليف يا معاوضو ڀري ڏنو وڃي. هنن مطابق انهي ٻوڏ۾ 13 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا، 22 لک ايڪڙ ايراضي کي نقصان ٿيو، هنن ڪچي ۾ پُلون ٺاهڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي پڻ گهر ڪئي هئي .
ڪچو ڇا کي چئجي ٿو؟
سنڌ صوبو ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءُ جي ڊيلٽا رهي چڪو آهي، درياءُ ۾ آيل چاڙهه وارو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو آهي، چون ٿا ته ڪنهن دور ۾ ڊيلٽا ملتان تائين هو، درياءُ بادشاهه پنهنجي موڊ تي وهندو هو، ڪڏهن ڪهڙي پاسي ته ڪڏهن وري ڪهڙي پاسي؟ وڏن ماڻهن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ زمينداري بند ٺاهيا پر اڪثر حالتن ۾ درياهه انهن کي به لوڙهي ويندو هو. ائين آبادي ٿيندي رهي ۽ درياءَ پنهنجي موج مستي ۾ وهندو رهيو، 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، هنن سنڌ ۾ زراعت کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، سال 1869ع ۾ انگريزن سکر ڪئنال جي منهن ويجهو پهريون سرڪاري بند ٺاهيو، 1874 ۾ سنڌ ۾ هڪ زبردست ٻوڏ آئي، جنهن ڪري اتر سنڌ جا 80 شهر ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا، جيڪب آباد شهر جو هڪ وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو، انهن نقصانن کان بچڻ لاءِ بيگاري ڪئنال جي منهن کان 48 ميل بند ٺاهيو ويو. 1878ع کان وٺي سرڪار سکر بيگاري بند پنهنجي تحويل ۾ وٺي ان کي سرڪاري خرچ تي سنڀالڻ لڳي. 1932ع ۾ سکر بئراج مڪمل ٿيڻ بعد انگريزن سنڌ جي ساڄي ڪپ تي سيوهڻ کان وٺي سنڌ پنجاب سرحد تائين بند ٺاهي ڇڏيا، ڪوٽڙي کان هيٺ سونڊا کان سمنڊ تائين 337 ميل بند ٺهيل هئا. جنهن ۾ لوپ بند به اچي وڃن ٿا. 1974ع تائين سنڌو جي ٻنهي پاسن تي، جتي پاڻي اٿلي ايراضيون ٻوڙي پي سگهيو، بند ٺاهيا ويا، درياءُ سان لڳندڙ ايراضي کي پڪو يعني protected سڏيو ويو، جڏهن ته بندن جي وچ واري ايراضي، جيڪو درياهه جو لنگهه هو، تنهن کي وري ڪچو (likely to inundated) سڏيو ويو،يعني ٻوڏ واري وقت ۾ درياءُ کي لنگهڻ جو رستو ڏنو ويو ته جيئن درياءُ اٿلي بند ٽوڙي پڪي کي نه ٻوڙي.
ڪچي ۾ ماڻهن جو رهڻ:
ڪنهن زماني ۾ جڏهن سنڌو کي بند نه هئا، ڪچي ۽ پڪي جو تصور نه هو . ماڻهو جتي به رهندا هئا، يقينا اتي درياءُ ۾ آيل چاڙهه وقت ٻڏي ويندا هئا، جن ماڻهن کي خبر هوندي هئي ته ڪهڙي وقت ٻوڏي ايندي ۽ اهي ٻڏندا؟ اهي بوڏ کان اڳ ئي پڪي تي اچي ويهندا هئا، ٻوڏ جو پاڻي لهڻ کانپوءِ اهي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندا هئا، ٻوڏ ڪري سندن جيڪو ٿورو گهڻو نقصان ٿيندو هو. انهي کي ٺاهي وري رهڻ شروع ڪندا هئا. قدرت طرفان وري انهن کي اها مدد ٿيندي هئي جو ڪچي ۾ فصل زبردست ٿيندا هئا، جنهن لاءِ پهاڪي طور چيو ويندو هو ته ”ٻڏي جا ٻيڻا“ . سنڌو درياءُ جو ٻوڏ وارو پاڻي پاڻ سان لٽ ۽ فصلن کي طاقت ڏيندڙ ٻيا جزا آڻيندو هو. جيڪي فصلن لاءِ ڀاڻ جو ڪم ڏيندا هئا، جنهن ڪري ڪچي ۾ زبردست فصل ٿيندا هئا، هينئر به ٿين ٿا، ڪچي جا ماڻهو ٻوڏ جي وقت اتان لڏڻ ۽ ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽڻ تي هريل هئا، اهي ٻوڏ وقت ڪا به مدد يا معاوضو ڪو نه گهرندا هئا.
ڪچي ۾ زمينداري بندن جو ٺهڻ:
ڪچي ۾ ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ کانپوءِ فصل پوکيل وڃن ٿا، جن مان زبردست اپت ٿئي ٿي. هينئر سڀني کان سٺا فصل ڪچي ۾ ٿين ٿا پر انساني لالچ جي ڪا به حد ناهي، ڪي زور وارا ماڻهو ڪچي ۾ ڪمند ۽ ڪيلا به پوکن ٿا، جن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ وڏا زمينداري بند ٻڌن ٿا، انهن مان ڪجهه زمينداري بند وري دريائي وهڪرن کي روڪين ٿا، پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ڪري سرڪاري بندن ۾ کنڊ پئجي سگهن ٿا، ٻيو وري زمينداري بندن کي سرڪاري بندن سان نه ڳنڍڻ کپن، جو انهيءَ ڪري کنڊ پئجي سگهن ٿا.
ڪچي ۾ درياءُ تي پُل
ڪچي ۾ درياءُ تي پُل اڏڻ سان پاڻي جو وهڪرو رڪجي ٿو، تنهنڪري يا ته اهي پلون نه ٺهڻ کپن يا وري اهي ايتريون ويڪريون هجن، جيئن درياءُ جي پاڻي کي پاس ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجي،
ڪچي ۾ ترقياتي ڪم:
ڪچي ۾ هن وقت ڪيترائي پڪا ڳوٺ ٺهي ويا آهن، جن ۾ اسڪول، اسپتالون، بجلي ۽ روڊ رستا آهن، ٻوڏ جي وقت انهن کي نقصان پهچي ٿو، سنڌ ۾ جنهن نموني آدمشماري وڌي رهي آهي، اسان ڪچي ۾ ٿيندڙ ترقي کي روڪي نٿا سگهون پر انهي ڳالهه جو خيال ضرور رکڻ کپي ته انهن ترقياتي ڪمن ڪري درياءُ جو وهڪرو نه رڪجي، جيئن بندن کي نقصان نه ٿئي ۽ پڪي جا ماڻهو نه ٻڏن.
زندگي نالو آهي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو، جڏهن ته سرڪار جو ڪم آهي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جو، ڪچي جا ماڻهو به سرڪار جي مدد ۽ سهڪار جا محتاج آهن. اميد ته سرڪار سندن هر طرح مدد ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *