تازا ترين
  • *سنڌڙي: ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون، 15دڪان سيل *اي سي سنڌڙي پاران ٻارهون ميل، هنڱورنو ۽ ڦلھڏيون ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا *
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

ڊجيٽل دور ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي اهميت

جڏهن 1990ع کانپوءِ انٽرنيٽ پوري دنيا لاءِ عام ٿي وئي هئي ۽ 1992ع ۾ آءِ بي ايم(IBM) جيڪو ٽيڪنالاجي ۾ هاٿي جهڙي حيثيت رکي ٿو، سمن پرسنل ڪميونيڪيٽ ) Simon personal communicator) کي لانچ ڪيو هو ته ان وقت دنيا سمجهي ورتو هو ته هاڻي وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، خاص ڪري ٽيليڪميونيڪيشن جي نظام ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي جيڪا ان جي شڪل ۽ پروسيس کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ان تبديلي وڏي ۽ وزندار فون کي ننڍو ۽ هلڪو ڪري سمارٽ فون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اها سمارٽ فون هڪ سيل ( Cell ) وانگر هلندڙ ڦرندڙ فون ) Mobile phone ) بڻجي وئي، جيڪا هر ماڻهو سان اڪثر وقت چنبڙيل رهي ٿي. اها تبديلي ايتري ته طاقتور هئي جو پوري دنيا کي ڊجيٽل دنيا بڻائي ڇڏيائين ۽ دنيا جي شڪل عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين.
حقيقت ۾30 سالن ۾ جيڪا دنيا ۾ تبديلي آئي آهي يا دنيا ترقي ڪئي آهي، ايتري تبديلي يا ترقي هزارن سالن ۾ به نه آئي آهي، تنهنڪري هن 30 سالن جي تبديلي يا ترقي هزارن سالن جي ترقيءَ کان گوءِ کٽي ورتي آهي. سيليولر فون نيٽ ورڪ Cellular Phone Network) ) يا ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جو نظام، ڪمپيوٽر سسٽم ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ان تبديليءَ ۾ ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊجيٽل دور نيون نوڪريون ۽ ادارا پيدا ڪيا آهن، جنهنڪري تعليم ۽ تعليمي ڊگرين جي طريقن ۽ شڪل ۾ به تبديلي آئي آهي. اڳ ۾ ڊجيٽل مئنيجر يا سوشل ميڊيا مئنيجر جي نوڪرين جو وجود نه هيو پر هينئر اهي نوڪريون ايڊورٽائيز ڪيون وڃن ٿيون. هينئر ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرائي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ڊگريون ڏنيون وڃن پيون. جڏهن ته اڳ ۾ انهن نوڪرين ۽ تعليمي ڊگرين جو ڪو وجود نه هيو. انٽرنيٽ ورچوئلي پوري دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. سيل فون ، سمارٽ گجيٽس(Smart Gadget) ) ۽ ڪمپيوٽر سسٽم انٽرنيٽ جا اوزار ٿي استعمال ٿي رهيا آهن.
ڪنهن به رابطي لاءِ ڪي مهانگا ڪارڊ گهربل نه آهن پر واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ ٻيا سماجي ميڊيا جا اوزار نياپن ۽ ڳالهائڻ جون اهي سهولتون پوري دنيا ۾ مفت ۾ مهيا ڪري رهيا آهن. تنهنڪري پوري دنيا ۾ رابطو مفت ۾ ٿي رهيو آهي. ڪنهن به ملڪ يا شهر يا ڳوٺ جو ماڻهو ساڳئي ملڪ يا دنيا جي ڪنهن به ڳوٺ. شهر يا ملڪ ۾ رهندڙ دوستن، مٽن مائٽن وغيره سان ڪنهن به وقت رابطو مفت ۾ قائم ڪري سگهي ٿو. ڊجيٽل دور ۾ مارڪيٽنگ جا
طريقا به بدلجي چڪا آهن. رواجي مارڪيٽنگ ۾ ڪيترائي سيلز ايجنٽ ۽
ٻيا ملازم رکيا ويندا هئا جيڪي ڪنهن به وکر جي مشهوري لاءِ هڪ در
کان ٻئي در يا هڪ مارڪيٽ کان ٻي مارڪيٽ ويندا هئا پر نئين مارڪيٽنگ جي نظام، جنهن کي ڊجيٽل مارڪيٽنگ چئجي ٿو، تنهن مارڪيٽنگ
جي انداز ، ساخت ۽ هنر کي بدلائي ڇڏيو آهي. هاڻي ڪجھه ماڻهو، جيڪي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ ۾ مهارت رکن ٿا تن کي هڪ آفيس ۽ ڪجھه ڪمپيوٽر سسٽم يا سمارٽ فون ڏنا وڃن ٿا جيڪي انٽرنيٽ جي ذريعي پوري دنيا سان ڳنڍيل رهن ٿا، اهي ماڻهو مختلف وکرن جي روايتي مارڪيٽنگ کان بهتر مارڪيٽنگ ڪن ٿا. جنهن جا نتيجا به بهتر اچي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڪا ڊگري ته نه پئي ڏني وڃي پر ڊجيٽلائيزيشن جي جيڪا لهر هلي پئي سا يونيورسٽين ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي مجبور ڪندي ته هو پاڪستان ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڊگري ڪلاس شروع ڪن. هن وقت پاڪستان ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ موجود يا عام نه آهي، تنهنڪري والدين يا مائٽ پنهنجي ٻارن کي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ ڪا ڊگري حاصل ڪرڻ جي صلاح به ڪونه پياڏين پر اڳتي هلي ان ڊگري جي اهميت والدين کي مجبور ڪندي ته هو ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ پنهنجي ٻارن کي ڊگري ڏيارين.
ڪيترائي ماڻهو سوشل ميڊيا خاص ڪري يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽوڪ ذريعي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن پر اسان وٽ اهو رجحان گهٽ آهي. ماڻهو پروفيشنل طريقي سان يا عالمي گهرجن مطابق يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽوڪ تي پنهنجي وڊيو نه ٺاهي رهيا آهن. عالمگيريت جي دور ۾ ٻين واپارن ۽ ڪرتن سان گڏ جيڪڏهن يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽوڪ کي به واپار طور کنيو وڃي ۽ پروفيشنل وڊيو ٺاهيون وڃن ته هي به هڪ ڌنڌو ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح ٻين ڌنڌن وانگر انهن ڌنڌن جي فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا جي اوزارن جهڙوڪ ٽوئيٽر، لنڪڊان وغيره تي مارڪيٽنگ ڪري سگهجي ٿي. اسان وٽ اڪثر ڪري مزاحيه يا ڊانس وغيره جون نان پروفيشنل وڊيو ٺاهيون وڃن ٿيون جن کي گهڻي موٽ نه ٿي ملي .
دنيا جي مارڪيٽ جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍجي وئي آهي. تنهنڪري ڪوبه واپاري يا ڪابه ڪمپني پنهنجي وکر جي باري ۾ پنهنجي آفيس يا اداري مان پوري دنيا کي منٽن ۾ ڄاڻ مهيا ڪري سگهن ٿا. ٽيڪنالاجي پوري دنيا کي ڊجيٽل مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. ڊجيٽل مارڪيٽ کي سنڀالڻ ۽ ان کي موثر بڻائڻ ۾ ڊجيٽل مئنيجر جو اهم ڪردار آهي. ڊجيٽل مئنيجر پوري دنيا جي مارڪيٽ ۾ يا جيڪا مارڪيٽ ڪنهن وکر لاءِ ضروري آهي، ان مارڪيٽ ۾ سوشل ميڊيا، ويب 2.0 ۽ سيليولرنيٽ ورڪ ذريعي رابطا قائم ڪن ٿا جنهن ذريعي پروڊڪٽ جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. ان کانسواءِ اهي مئنيجر گراهڪن جي ضرورتن کي به ظاهر ڪن ٿا جنهنڪري ڪمپني يا ڪارخانا انهن گراهڪن جي ضرورت مطابق شيون يا وکر ٺاهين ٿا. ڊجيٽل مئنيجر پنهنجي ٽيم ٺاهن ٿا، اهڙي طرح اها ٽيم ٽيڪنالاجي جا مختلف اوزار استعمال ڪري پوري دنيا يا مختلف قسم جي مارڪيٽ تائين پنهنجي وکرن جي ڄاڻ پهچائڻ سان گڏ گراهڪن کي سهولتون مهيا ڪن ٿا ته جيئن هو گهر ويٺي آساني سان اهي وکر گهرائي سگهن.
ڪنهن به ڊجيٽل واپار لاءِ ڪو پليٽ فارم ضروري هوندو آهي. ڊجيٽل مارڪيٽنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ پليٽفارم کي ڊجيٽل پليٽ فارم چئجي ٿو.ڊجيٽل پليٽ فارم لاءِ ڪا بهترين قسم جي ويبسائيٽ، سوشل ميڊيا تي صفحا، يوٽيوب تي چينل، واٽس ايپ يا وائبر تي اڪائونٽ ۽ ٻين سوشل ميڊيا ۽ ويب 2.0 جي اوزارن جو ھجڻ ضروري آھي. ان سان وکر جي ڄاڻ گراھڪن وغيره تائين آساني سان پھچي سگهي ٿي.ڊجيٽل واپار روايتي واپار کان مختلف آهي جيڪو تمام گھڻو تيز ي سان پکڙجي ٿو. ڊجيٽل واپار کي بھتر ڪرڻ لاءِ پروڊڪٽ يا وکر ۽ پليٽفارم جي واضح ڄاڻ ڏيڻي ھوندي آھي ته جيئن گراهڪ آساني سان رابطو ڪري سگهي. ان کان سواءِ رابطي جا ذريعا به چٽا ۽ واضح بيان ڪرڻ گهرجن ته جيئن پروڊڪٽ جي باري ۾ گراهڪ يا مختلف ادارا رابطو ڪري ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.
ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ واپار ۾ شفافيت جو ھجڻ ضروري آھي. وکر جي باري ۾ جيڪا بھ ڄاڻ مھيا ڪئي وڃي اھا شفاف ھجي. وکر جيئن آھي ان کي ايئن ئي ٻڌايو وڃي. جنھنجو مطلب ٿيو تھ ڪنٽينٽ مارڪيٽنگ اصلي ۽ شفاف طريقي سان ڪئي وڃي. ان سان گراھڪ جو يقين مضبوط ٿيندو ۽ ھو بار بار وکر وٺندو. ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي ڪري روايتي مارڪيٽ يا بازار تي نوان اثر پوڻ لڳا آھن جنھن سان واپار ۾ واضح اضافو ٿيو آھي. ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ان جي موثر اوزارن جي ڪري گراھڪ وکر استعمال ڪرڻ کان پوءِ ان وکر جي باري ۾ پنھنجا رايا ۽ مشورا به ونڊن يا شيئر ڪن ٿا. مثبت رايا وکر جي اھميت کي وڌائين ٿا . ان سلسلي ۾ رڪيمنڊيشن سسٽم ۽ راين کي ماپڻ ۽ انھن جي تجزيي ڪرڻ جا اوزار مارڪيٽ ۾ موجود آھي، جيڪي ھن وقت سنڌي ٻولي ۾ پڻ موجود آھن، جن کي استعمال ڪري مثبت ۽ منفي راين جو تجزيو آساني سان ڪري سگھجي ٿو.
ڊجيٽل مارڪيٽنگ واپار ۾ جدت پيدا ڪئي آھي جنھن ذريعي مارڪيٽنگ ايجنٽس ۽ گراھڪن کي ھمٿايو وڃي ٿو ته وکر کي ھر حوالي سان جاچي سگھن. ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگھار سان گڏ ڪميشن ڏني وڃي ٿي ته جيئن ھو وڌيڪ محنت ڪن ۽ آن لائين مارڪيٽنگ جي اوزارن کي استعمال ڪري وکرن جي باري ۾ وڌ کان وڌ ماڻھن کي ڄاڻ مھيا ڪري سگھن.
سماجي رابطن جي ميڊيا هڪ انٽرنيٽ بيسڊ ڪمپيوٽرائزڊ ميڊيا آهي جيڪا ڄاڻ، مختلف اطلاع، نوڪرين جون خبرون، خيال، قياس آرايون، نظرين جي پرچار ۽ مختلف قسم جي راين وغيره کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي جنهن کي ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر، ليپٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي ماڻهو يا ڪو به ادارو مخلتف قسم جي ادارن، گروهن، آبادين، قومن ۽ ملڪن تائين مختلف قسم جا خيال، قياس آريون، تصويرون، وڊيوز، ڪلام، مضمون، ڪهاڻيون، پنهنجا ، دوستن جا ۽ سماج جا حال احوال، سماجي ۽ سياسي خبرون، ننڍا وڏا واقعا وغيره منٽن ۾ پهچائي ٿو. ماهرن مطابق سوشل ميڊيا هڪ گهرو ۽ ڏکيو ڄار آهي جنهن ۾ فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊ ان، ويبو (چائينز مائڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ)، ماءِ اسپيس وغيره اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا ته جيئن هو پوري دنيا سان ڳنڊيل رهن.ڊجيٽل واپار ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۾ به سماجي ميڊيا جي تمام گھڻي اھميت آھي، جنھنجا ھونءَ ته ڪيترائي اوزار آھن پر ڪجهه اوزار جيڪي گھڻا مشھور آھن، سي ڊجيٽل واپار ۽ مارڪيٽنگ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. انھن اوزارن ۾ يوٽيوب، فيس بوڪ، لنڪڊان، ٽوئيٽر ۽ واٽس ايپ تمام گھڻا اھم ۽ ڪارائتا آھن، انھن اوزار کي استعمال ڪري واپار ۽ ان جي مارڪيٽنگ آساني سان ڪري سگھجي ٿي.
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،
واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا.
(شاهه، سُر کاهوڙي)

Bookmark the permalink.

2 Responses to ڊجيٽل دور ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي اهميت

  1. Shazia Mazhar Abro says:

    A very good article which discusses the current requirements as per demands of globalization

  2. Sohrab Khan Channar says:

    Very informative article

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *