تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڊجيٽل دور ۾ سماجي ميڊيا جي اهميت

سماجي ميڊيا جي ڄار جي ڪري دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن ۽ ماڻهن، گروهن ۽ مختلف قسم جي سماجن يا آبادين جا سماجي ۽ سياسي مسئلا حل به ٿيا آهن. ڪي ماڻهو سماجي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو سکي رهيا آهن ته ڪي وري پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رهيا آهن. ڪمپيوٽرسائنس ۾ سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ان سان دنيا جي مختلف سماجن جي ته خبر پوي ٿي پر مختلف ٻولين جي گرامر، لفظ ۽ جملن جي بناوٽ جي به خبر پوي ٿي. ان کانسواءِ ماڻهن ۽ سماجن جي نفسياتي، سماجي۽ سياسي مسئلن جي ڄاڻ پڻ پوي ٿي. سماجي محققن سماجي ميڊيا تي موجود مواد کڻي بهتر قسم جي تحقيق ڪئي آهي جنهن ذريعي هاڻوڪي دور جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن وقت سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا تي مختلف رخن کان تمام گهڻي تحقيق ٿي رهي آهي. اهڙا عمل سماجي ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪري رهيا آهن.
سماجي ميڊيا جي ڪري دنيا جون اصلي يا ديسي ٻوليون به ترقي ڪري رهيون آهن. ماڻهو سماجي ميڊيا جي اوزارن تي پنهنجي ٻولي ۾ لکي رهيا آهن. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ ڪا نه ڪا لنگئا فرئنڪا ٻولي استعمال ڪندا هئا جنهن سان ديسي ٻوليون ختم ٿي رهيون هيون. مثال طور پاڪستان ۾ موبائيل فون ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي کي جيڪو نياپو موڪليندا هئا اهو اردو ۾ لکندا هئا پر سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿيو آهي جنهن سبب ماڻهو نه صرف موبائيل فون تي پنهنجي ديسي ٻولين ۾ نياپو موڪلين پيا پر سوشل ميڊيا جي مختلف وسيلن يا اوزارن تي به پنهنجي ديسي ٻولي يا انگريزي ۾ لکن پيا. جنهن سبب انگريزي زبان پوري دنيا ۾ هڪ مضبوط لنگئا فرئنڪا ٿيندي وڃي پئي.
جيتوڻيڪ سماجي رابطن جي ڄار دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي تفريح ۽ ڄاڻ جا خزانا مهيا ڪرڻ سان گڏ اڪيلائپ جي احساس کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي ڪري ماڻهو خاندان، سماج کان به ڪٽجي رهيو آهي. سماجي ميڊيا کي ماڻهو پنهنجي دنيا ٺاهي ڇڏين ٿا. هنن کي سماجي ميڊيا جي اوزان کان سواءِ ٻئي هنڌ يا ٻي ڪنهن محفل ۾ خاص مزو نه پيو اچي. هو محفل۽ گهر ۾ هوندي به پاڻ کي سوشل ميڊيا تي ڳنڍيل رکن ٿا. جيتوڻيڪ ان سان تازيون خبرون ۽ ڄاڻ ته حاصل ڪري وٺن ٿا پر هو نفسياتي به ٿيندا وڃن ٿا. جنهنڪري هنن جا گهر وارن، دوستن، مٽن مائٽن سان رويا تبديل ٿيندا وڃن ٿا. هو سمورن رشتن کان ڪٽبا وڃن ٿا. سماجي ميڊيا کي استعمال ڪندڙ فرد پنهنجي يا خاندان جي مسئلن ۾ گهٽ پر ٻين ماڻهن جي مسئلن ۾ وڌيڪ ملوث نظر ايندا آهن يا دلچسپي وٺن ٿا، جنهنڪري هو مختلف قسم جي پريشانين ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جنهن سبب ڪجھه وقت کان پوءِ پاڻ نفسياتي مريض ٿي وڃن ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو سماجي مسئلن کي فطري طريقن سان سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ بدران سماجي رابطن جي اوزارن تي ڏنل خبرن جي ذريعي سمجهي ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جنهنڪري سماجي ترقي ۽ بناوٽ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا نه پيا ڪري سگهن بلڪه ڳالهين جي حد تائين محدود رهن ٿا. سماجي ميڊيا ۾ مختلف قسم جي مسئلن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري يا انهن مسئلن کي پنهنجي دماغ تي سوار ڪرڻ جي ڪري اهي ماڻهو گهرو ذميوارين کان پري ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي نفسياتي مسئلن ۽ بيمارين جي ڪري ڪيترائي گهرا رشتا ٽٽي وڃن ٿا جنهن ڪري اهڙي قسم جا نشائي يا عادي ماڻهو دائمي اڪيلائيپ ۾ هليا وڃن ٿا جنهن جو نتيجو خطرناڪ نڪري ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي خودڪشي جا اهڙا ڪيس به سامهون آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا جي اوزارن جو گهڻو استعمال ڪرڻ آهي. ڪيترن شادي شده جوڙن جي وچ ۾ طلاق جو سبب به سماجي ميڊيا رهي آهي ڇاڪاڻ ته زال يا مڙس يا ٻنهي جي سماجي ميڊيا ۾ گهڻو مشغول هجڻ جي ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي کي وقت نه ڏئي سگهندا آهن ۽ هو پنهنجا نوان دوست ٺاهي ڇڏيندا آهن تنهنڪري هنن کي هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. سماجي ميڊيا ۾ گهڻي ملوث هجڻ جي ڪري ٻار به نظر انداز ٿي وڃن ٿا اهڙي طرح هنن جي گهربل تربيت ڪونه ٿئي ٿي. اهي ٻار نه صحيح تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا، نه ئي وري پيءُ ماءُ جو گهربل پيار حاصل ڪري سگهن ٿا تنهنڪري هو اڪيلائيپ جو شڪار ٿي ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ وٺجي وڃن ٿا. اهڙي طرح ٻار مستقبل ۾ سماج لاءِ منفي ڪردار ادا ڪن ٿا.
بهرحال، سماجي ميڊيا اسان کي سهولتون مهيا ڪري رهي آهي ته اسان پاڻ کي دنيا جي مختلف ماڻهن، طبقن، فني ۽ غير فني ماڻهن، آبادين، سياستدانن، هنرمندن سان ڳنڍي رکون ۽ مختلف قسم جي ڪارائتي ڄاڻ حاصل ڪريون، نوڪريون ۽ تعليم حاصل ڪريون، سائنس، فنون لطيفه، سياست۽ سماجيات جي ڄاڻ حاصل ڪريون. پنهنجي قوم، ملڪ، ٻولي، تهذيب، ثقافت۽آثارِ قديمه جي سڃاڻپ پوري دنيا سان ڪرايون ۽ پنهنجي حيثيت کي مڃرايون. اهڙي طرح پاڻ کي سماجي رابطن جي ڄار جي نقصانن کان به بچايون. سماجي ميڊيا کي ايترو وقت ڏيون جيترو ضروري هجي. پنهنجو قيمتي وقت صرف سماجي
ميڊيا تي ضايع نه ڪريون پر پنهنجي گهروارن، خاندان ، دوستن، مٽن مائٽن، تعليم، سماجي ۽ سياسي سرگرمين کي به ڏيون.
(آخري حصو )
حوالو: ڪتاب “عالمگيريت ۽ سنڌي سماج ”

Bookmark the permalink.

One Response to ڊجيٽل دور ۾ سماجي ميڊيا جي اهميت

  1. Ali Muhammad says:

    تمام سٺو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *