تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ڊجيٽل دور ۾ سماجي ميڊياجو ڪردار

سماجي ميڊيا سماجي رابطن جو هڪ ڄار آهي تنهنڪري هي هاڻوڪي دور ۾ رابطن کي قائم رکڻ جو هڪ اهم وسيلو يا ميڊيا آهي جنهن ذريعي دنيا ۾ رهندڙ فرد ۽ برادريون هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويون آهن. اهڙي طرح تاريخي واقعن، سائنسي ترقي، سماجي ترقي، حڪومتن، سماجي ۽ سياسي حرڪتن وغيره جي ڄاڻ به گهر ويٺي حاصل ڪري رهيون آهن. سماجي رابطن لاءِ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا ڪا هن دور جي پيدائش نه آهي هي به ايتري پراڻي آهي جيتري قومن ۽ سماجن جي ٺهڻ جي تاريخ پراڻي آهي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا کي هاڻوڪي دور جي پيدائش تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.هر دور ۾ رابطن لاءِ مختلف اوزار ۽ ٻوليون استعمال ٿيا آهن جن ڌرتي تي آباد سماجن، قومن، آبادين ۽ ملڪن ۾ رابطا قائم رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن ۽ اڄ به اهي ئي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ، هاڻوڪي دور ۾ ته ٽيڪنالاجي جي ترقي ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ميڊيا جو هاڻوڪي ڊجيٽل دور ۾ ڪم انٽرنيٽ تي موجود ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو آهي. ويب 2.0 سوشل ميڊيا کي ترقي جي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي. ماڻهن کي گهر ويٺي رابطن جا ذريعا مهيا ڪرڻ سان گڏ ڄاڻ جا خزانا پڻ مهيا ڪيا آهن. ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ يا ڊجيٽل دور کان اڳ ۾ ماڻهو رابطا رکڻ لاءِ سير ۽ سفر ڪندا هئا يا اهي رابطا مختلف شهرن، علائقن ۽ ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ڪري قائم ٿيندا هئا. اهڙي ريت ڄاڻ وري اخبارون پڙهڻ، اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ، سفر ڪرڻ، مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ، ڏيهان ڏيھه گهمڻ جي ذريعي حاصل ڪندا هئا. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون، آباديون يا فرد ڪا عام يا ڪامن ٻولي ڳالهائيندا هئا جنهن ذريعي هو هڪ ٻئي سان رابطا قائم ڪري وٺندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان ڪم جي ڳالهه ڪري وٺندا هئا يا واپار ڪندا هئا. جن کي ڌاري ٻولي نه ايندي هئي ته اهي وري اشارن ذريعي پنهنجي ڪم جي ڳالھه ڪري وٺندا هئا يا ڪو وکر کپائيندا هئا يا وٺندا هئا. پر سماجي رابطن جو هڪ سلسلو قائم هيو جيڪو هاڻوڪي دور ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي.
هاڻوڪي دور ۾ سماجي رابطن جي ميڊيا ماڻهن جي ڄڻ ته ضرورت بڻجي وئي آهي. ماڻهو 24 ڪلاڪن مان اڪثر وقت سماجي رابطن جي اوزارن کي ڏين ٿا ۽ هو دنيا ۾ ٿيندڙ مختلف ڪمن، تعليمي عملن، تحريڪن، سياسي ۽ سماجي ڪمن، سائنسي عملن، نوڪرين ۽ واپار جي خبرن ۽ مختلف فيصلن کان واقف ٿي رهيا آهن. ايتري تائين جو پنهنجي مسئلن کي سماجي ميڊيا ذريعي حل ڪرائين ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا ته ملڪي سرحدن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو دنيا جي ڪنهن به تعليمي يا تربيتي اداري، نوڪري ڏيڻ وارن ادارن، فوجي ادارن، واپارين ، انڊسٽريز جي ڄاڻ جلدي ۾ حاصل ڪري وٺن ٿا. اڪيلائپ محسوس ڪرڻ جو خيال به ختم ٿيندو وڃي پيو. هڪ دفعو سماجي رابطن جي اوزارن تي اچڻ کان پوءِ ايترو ته مواد ۽ دوست ملي وڃن ٿا جو ايئن لڳي ٿو ته ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي ويا آهيون جتي هر قوم، نسل، تهذيب، طبقي جا فرد موجود آهن، جيڪي پنهنجا تجربا، ڪم، ڏک، سک، سور هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. ماڻهو پنهنجي سوچ، طبيعت ۽ ڪم مطابق پاڻ جهڙا ماڻهو ڳولي وٺن ٿا ۽ انهن سان رابطو قائم رکن ٿا.
سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي بيروزگاري کي گهٽائي سگهجي ٿو. ماڻهو سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ڪو واپار ڪري سگهن ٿا ۽ وکر پوري دنيا ۾ وڪڻي سگهن ٿا جنهن ذريعي ججھي رقم ڪمائي سگهن ٿا. هن وقت سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو واپار ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو گهر ويٺي ناڻو ڪمائي پنهنجي گهروارن کي سکيو ستابو رکيو ويٺا آهن. تنهنڪري سوشل ميڊيا جي اهميت کان ڪنهن به حوالي سان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سماجي رابطن جا اوزار زندگي جي هر عمل ۽ وهنوار ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي انهن اوزارن جي استعمال کان سواءِ زندگي گذارڻ ڏکي ٿيندي وڃي پئي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا جي ترقي ۽ اهميت مان فائدو وٺندي پاڻ به ڪي نوان ڪم ۽ واپار شروع ڪري سگهون ٿا ۽ ناڻي ڪمائڻ سان گڏ هڪ معياري زندگي گذاري سگهون ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا جي اهميت کي ڏسندي، سماجي رابطن جي ميڊيا جي ڪمن ۽ اهميت کي ڪجھه حصن ۾ ورهائجي ٿو، جن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجو ٿو. ان سان اها خبر پوندي ته سماجي رابطن جي اوزارن کي استعمال ڪندي ماڻهو يا ادارا ڪهڙي قسم جو ڪم ڪن ٿا.
بڪمارڪنگ: هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا مخصوص قسم جي ويب صفحن، ڊاڪيومينٽس، لنڪس، پروفائيلس ۽ اڪائونٽس کي نشان لڳائي محفوظ بڻائي سگهن ٿا ۽ ضرورت وقت انهن کي ٻيهر ڏسي ، چڪاسي يا استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سان فائدو اهو ٿيندو جو ڪو به ڊاڪيومينٽ يا ڪا به لنڪ ضايع نه ٿيندي. خاص ڪري، ڪتابن ، نوڪري ۽ ڄاڻ جا صفحا ته بڪ مارڪ ڪري ڇڏجن ته جيئن اهي بار بار استعمال ڪجن. سماجي رابطن جي اوزارن خاص ڪري لنڪڊان، فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر تي ساڄي پاسي کان اسان کي اهڙا صفحا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
سماجي خبرون:سماجي رابطن جو اوزار هڪ سماجي ويب سائيٽ آهي جيڪا ويب 2.0 ذريعي هلي پئي. جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجون ڪهاڻيون، شعر يا خبرون و مختلف قسم جي ماڻهن ۽ اداران تائين پهچائن ٿا. سماجي خبرون يا سوشل نيوز هڪ فقرو آهي جيڪو سماجي رابطن جي اوزارن تي عام طور انهن سڀني ماڻهن ذريعي استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪي سماجي رابطن جا اوزار خاص ڪري فيسبڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، لنڪڊان وغيره استعمال ڪن ٿا. ماڻهو ڪا نه ڪا خبر پنهنجي صفحي تي رکي دنيا جي مختلف ماڻهن، قومن، آبادين ۽ ادارن سان ونڊن ٿا. سياسي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجون خبرون، ڪم ۽ ڄاڻ پنهنجي سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي مختلف سماجن، عوام، آبادين، فردن ۽ حڪومتن تائين پهچائن ٿا. عام ماڻهو پنهنجي خوشي يا غم يا ڪنهن مسئلي کي سماجي رابطن جي اوزارن تي ٺاهيل پنهنجي صفحن ذريعي رکن ٿا. اهڙي طرح انهن سان ڳنڊيل يا لاڳاپيل دوست اهي سڀ سماجي خبرون پڙهن ٿا ۽ پنهنجا مشورا ۽ رايا ڏين ٿا ته ڪي وري انهن خبرن کي پسند ڪري ٻڌائين ٿا ته اسان هي خبر پڙهي ورتي آهي.
ميڊيا شيئرنگ يا فوٽو ۽ وڊيوز ونڊڻ: ميڊيا شيئرنگ هاڻوڪي دور ۾ سماجي رابطن جي اوزارن يا ميڊيا جو اهم ڪم آهي. ان ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجو ڪم، ڪارڪردگي، پروگرامز، اٿڻي ويهڻي ۽ مختلف واقعن کي فوٽو، آواز يا وڊيو کي سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي پنهنجي دوستن، مائٽن، مختلف قسم جي گروهن، فردن، آبادين يا ادارن سان ونڊين ٿا جيڪي سموري دنيا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. ماڻهو يا ادارا اهڙا فوٽو يا آڊيو آواز يا وڊيو سماجي رابطن جي صفحن تي اپ لوڊ ڪن ٿا ۽ انهن کي محفوظ بڻائي ڇڏين ٿا ته جيئن مختلف وقتن تي انهن کي ڏسي سگهجي ۽ پنهنجي لاڳاپيل دوستن يا ادارن سان ونڊي سگهجن. فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊان، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ مخلتف قسم جا بلاگ اهڙن فوٽو، آڊيو آوازن ۽ وڊيو اپ لوڊ ، لائيو نياپو، ڪانفرنس ڪرڻ ۽ انهن کي ونڊڻ لاءِ بهترين سماجي رابطن جا اوزار آهن، جن ذريعي پنهنجو نياپو پوري دنيا ۾ پهچايو وڃي ٿو.
مائڪرو بلاگ: سماجي رابطن جي اوزارن مان هڪ اوزار مائڪرو بلاگ به آهي. هي بلاگ روايتي بلاگ کان مخلتلف آهي. مائڪرو بلاگ ۾ ننڍڙن جملن، فوٽو، وڊيو ۽ مختلف لنڪس ذريعي ڪنهن به قسم جو نياپو مختلف ماڻهن، قومن، ادارن ۽ ملڪن تائين پهچايو وڃي ٿو. ٽوئيٽر مائڪرو بلاگ جو بهترين مثال آهي جنهن ذريعي مختلف قسم جا فرد، سماجي ۽ سياسي تنظيمون۽ ادارا پنهنجا خيال، نظريا، ڪم، نياپا مختلف فردن، عوام، قومن، حڪومتن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن تائين پهچائين ٿا. هي بلاگ ننڍڙا هوندا آهن تنهنڪري پڙهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو آهي. جڏهن ته روايتي بلاگ پڙهڻ سان وقت گهڻو لڳندو آهي.
وڪي پيڊيا مطابق سماجي رابطن جي ميڊيا هڪ انٽرنيٽ بيسڊ ڪمپيوٽرائزڊ ميڊيا آهي جيڪا ڄاڻ، مختلف اطلاع، نوڪرين جون خبرون، خيال، قياس آرايون، نظرين جي پرچار ۽ مختلف قسم جي راين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي جنهن کي ڊيسڪٽاپ، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي ماڻهو يا ڪو به ادارو مخلتف قسم جي ادارن، گروهن، آبادين، قومن ۽ ملڪن تائين مختلف قسم جا خيال، قياس آرايون، تصويرون، وڊيوز، ڪلام، مضمون، ڪهاڻيون، پنهنجا ، دوستن جا ۽ سماج جا حال احوال، سماجي ۽ سياسي خبرون، ننڍا وڏا واقعا منٽن ۾ پهچائي ٿو. ان عمل جي ڪري پوري سماج، ملڪ ۽ دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي ٿو جنهن ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پوري دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا به موقعا حاصل ڪن ٿا. اهڙي طرح سياستدان ۽ حڪومتون پنهنجي ايجنڊائن جي مطابق مختلف قسم جي ماڻهن، آبادين تائين پنهنجون ڳالهيون ۽ ترقياتي ڪم جي ڄاڻ پهچائين ٿا. ماهرن مطابق سوشل ميڊيا هڪ گهرو ۽ ڏکيو ڄار آهي جنهن ۾ فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊان، ويبو (چائينز مائڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ)، ماءِ اسپيس اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا ته جيئن هو پوري دنيا سان ڳنڍيل رهن. سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي ماڻهو نوان نوان خيال ۽ ترڪيبون حاصل ڪري ٿو اهڙي طرح قابل ۽ ڄاڻو دوست بڻائي ٿو.
(حصو پهريون)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *