تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڊاڪٽر ماها جو آپگهات يا قتل ، ڪيس ڳجهارت بڻيل

ميرپور خاص ڄائي ڊاڪٽر ماها شاهه ڪراچي ۾ آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو هو اهو مامرو هڪ ڳجهارت بڻيل آهي! شروعاتي طور تي اهو پتو پيو ته ڊاڪٽر ماها شاهه آپگهات ڪيو آهي پر وقت سان گڏوگڏ ان ڪيس ڪيترا ئي نوان رخ اختيار ڪري ورتا آهن، اهو هر ماڻهو جي ذهن ۾ سوال آهي ته پڙهيل لکيل خوشحال خاندان سان لاڳاپيل ڇوڪري آخر ڇو ته خودڪشي ڪئي جنهن جو ڪم ئي ماڻهن جي حياتي بچائڻ هو ان پنهنجي زندگي جو انت ڇو آندو؟ اها ڳالهه هن وقت تائين واضع نه ٿي سگهي آهي.
شروع وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ماها ڪيس ۾ جنهن پسٽل سان فائر ٿيل هو ان جي مالڪ سعد ۽ ڊاڪٽر ماها کي اهو پسٽل ڏيندڙ تابش جو پوليس پتو لڳائي انهن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو پر انهي دوران جڏهن ڊاڪٽر ماها کي اڃان مٽيءُ ماءُ ئي حوالي نه ڪيو ويو هو ۽ ان جون آخري رسمون ئي ادا نه ٿيون هيون ته سندس ئي هڪ دوست جنيد خان ميڊيا جي سامهون اچي دعويٰ ڪئي ته ڊاڪٽر ماها مون سان شادي ڪرڻ پئي چاهي پر ان جا گهرڀاتي راضي نه پيا ٿين جنهن سبب هو ڊپريشن ۾ هئي ۽ تمام گهڻو پريشان رهندي هئي. جنيد خان شڪ ڏيکاريو ته شايد ماها ان سبب ئي خودڪشي ڪئي آهي ۽ جنيد خان ماها جي والد آصف شاهه جيڪو گرهوڙي شريف جو گادي نشين به آهي ان بابت به تمام گهڻا انڪشاف ڪيا هئا. جنيد خان جي انڪشافن ۾ اهو ئي لڳي پيو ته ماها خان پنهنجي والد ۽ گهرڀاتين سبب ئي پنهنجي زندگي جو انت آندو آهي.
جنيد خان جي اهڙن بيانن کان پوءِ ڊاڪٽر ماها جو والد به منظر عام تي آيو ۽ ان جنيد خان جي سمورن بيانن جي ترديد ڪندي جنيد خان کي ئي ڊاڪٽر ماها جي آپگهات جو ڪارڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته جنيد خان منهنجي نياڻي کي ڊرگس، شراب نوشي سميت ٻين نشن جو عادي بڻايو، ماها شاهه کي ان حراسان ڪيو، ماها شاهه سان جنيد جنسي لاڳاپا به رکيا جنهن جي بنياد تي هو ماها کي بليڪ ميل ڪندو هو جنهن سبب ماها تنگ اچي پنهنجي زندگي جو انت آندو ۽ پوءِ ماها جي والد پير آصف شاهه جنيد خان، ڊاڪٽر عرفان قريشي، وقاص سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ انهن کي ماها شاهه جي آپگهات جو ذميوار قرار ڏنو، ڪيس ته داخل ٿي ويو پر اميراڻي ۽ اثر رسوخ رکندڙگهراڻن جي جوابدارن جنيد خان، عرفان قريشي ۽ وقاص گرفتاري کان اڳ ئي عدالتن مان پنهنجي حفاظي ضمانت منظور ڪرائي ورتي، جنهن سبب اهي جيل جو منهن ڏسڻ کان بچي ويا،
ماها ڪيس ۾ جنيد خان مرڪزي جوابدار ۽ وقاص ان جو ساٿاري ڄاڻايل آهي پر ڊاڪٽر وقاص تي اهو الزام آهي ته جڏهن جنيد جي تشدد کان ماها تنگ ٿي ڊاڪٽر عرفان وٽ پهتي هئي ته ان ڊاڪٽر ماها کي پنهنجي گهر ۾ گهرائي اتي نشو پتو ڪرائي ماها سان زبردستي جي ڪوشش ڪئي هئي. اها ڳالهه ماها پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌائي هئي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر عرفان خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو ۽ اها ڳالهه به سامهون آئي ته ڊاڪٽر ماها جو پوسٽ مارٽم به ڊاڪٽر عرفان جي سبب نه ٿي سگهيو هو. ايئن ايف آءِ آر ۾ مرڪزي جوابدار طور نامزد ٿيل ڊاڪٽر عرفان به 5 لکن رپين عيوض ضمانت منظور ڪرائي ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه جو پٽ شبير شاهه جيڪو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تي هيو ان ڊاڪٽر عرفان جي ڪري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ ڊاڪٽر عرفان جو وڪيل بڻجي ويو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر ماها ڪيس ۾ جيڪي به مک جوابدار آهن اهي سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ طاقتور ۽ اثر رسوخ رکندڙ آهن، جن جي لاءِ پئسو ڪو مسئلو ئي ناهي، ڪنهن جي زندگي سان کيڏڻ به معمولي ڳالهه ئي هوندي. ڊاڪٽر آصف شاهه جي بيانن کانپوءِ ڊاڪٽر ماها شاهه جو دوست جنيد خان جيڪو هن ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار آهي ان سومر ڏهاڙي هڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو ته ڊاڪٽر ماها مون سان بيوفائي ڪئي هئي ۽ ٻين ڇوڪرن سان به ان جا لاڳاپا هئا! پر پوءِ به آئون ماها سان محبت ڪندو هيس، ڊاڪٽر ماها جو کائڻ پيئڻ سميت موبائل فون تائين جو خرچ به آئون ڪندو هيس ۽ ڊاڪٽر ماها پنهنجي والد جون اڪثر شڪايتون ڪندي هئي مون کي شڪ آهي ته ڊاڪٽر ماها خودڪشي ناهي ڪئي پر ان جو قتل ٿيو آهي.
جنيد خان پنهنجي ۽ ماها شاهه جي 4 سالن دوران ٿيل واٽس اپ تي ڳالهه ٻولهه جا به ثبوت ڏنا ۽ هن ماها جي نشي جي عادت ۽ ان تي تشدد ڪرڻ وارين ڳالهين جي ترديد ڪئي، اهي ڳالهيون ڪي نيون نه هيون جنيد خان اهي ڳالهيون پهريان به ڪري چڪو هو، پر ان جي باڊي لينگوئج مان مون سميت اتي موجود سڀني صحافين اهو ئي محسوس ڪيو ته هو گهٻرايل آهي ۽ پنهنجي ڳالهين مان پاڻ ئي مطمئن ناهي، پر اتي سوال اهو ٿئي ٿو ته آخر ماها شاهه جيڪڏهن آپگهات ڪيو ته ان ڇو ڪيو ان بابت نه ان جي فيملي ڪو خاطر خواهه جواب هن وقت تائين ڏئي سگهي آهي نه ئي پنهنجو پاڻ کي ماها شاهه جو پريمي چوندڙ جنيد خان ٻڌائي سگهيو آهي. پوليس به هن وقت تائين ان ڳجهارت کي ڀڄي نه سگهي آهي. هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو ته آخر ڊاڪٽر ماها شاهه آپگهات ڪيو يا ان جو قتل ٿيو جي قتل ٿيو آهي ته ان جا سبب ڪهڙا هئا، ڇاڪاڻ جو ڪا اهڙي دشمني به سامهون نه اچي سگهي آهي سواءِ جنيد خان جي ڳالهين جي ته ڊاڪٽر ماها جا ٻين سان به لاڳاپا هئا ڇاڪاڻ جو جنيد خان خلاف ڪجهه ايف آءِ آر به داخل ٿين آهن پر وڌيڪ پوليس ۽ عدالتون ئي ان مامري کي پنهنجي انجام تائين پهچائي سگهن ٿيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *