تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

ڇا ڪاليجي استاد ان بيرحماڻي سلوڪ جا مستحق آهن؟

اها ڳالهه بارها ڪئي وئي آهي ته هتي ڪو بادشاهي نظام ناهي، نه ئي حڪمرانن لاءِ جوڙيل عمارتون ڪي محلات آهن، جن جي اڳيان عام ماڻهن جو گذر به ممنوع هجي پر اها ڳالهه سنڌ حڪومت جي انهن اڪابرن جي مٿي ۾ نٿي اچي جيڪي ڪنهن عوامي احتجاج تي ٻاهر به ڪونه نڪرندا آهن ۽ مٿان وري احتجاج ڪندڙن جي مسئلي جو حل ڳالهين بدران لٺين وسيلي ڪڍندا آهن. ڪالهه به سي ايم هائوس آڏو اهڙا ئي منظر هئا، جيڪي ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا نظر آيا آهن. هن ڀيري لٺيون کائڻ جو وارو انهن ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جو هو جيڪي ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن نه ڏيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن کان پنهنجي دانهن کڻي پهتل هئا.
اڳ رويو هو، هاڻ حڪمرانن عادت بڻائي ڇڏي آهي ته ماڻهن جا مسئلا اول ته ٻڌڻا ئي ناهن، ٻُڌي ورتا ته حل ناهن ڪرڻا، جيڪڏهن ماڻهن احتجاج ڪيو ته نظرانداز ڪبو. ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ڪا حڪومت ئي نه هجي، پر هيڏانهن احتجاج ڪندڙن ريڊ زون ۾ قدم رکيو هوڏانهن پوري حڪومتي مشينري سازو سامان سميت جاڳي پوندي ۽ احتجاج ڪندڙن کي سنهي بُهه مان ڪڍيو ويندو آهي. ڪالهوڪو احتجاج انهي استاد برادريءَ پاران ڪيو ويو، جن جي هٿن مان پڙهي ڪي حڪمران ته ڪي انتظامي مشينري جو حصو ٿين ٿا، گهٽ ۾ گهٽ سڌريل معاشرن جيترو نه سهي پر هن ڌرتيءَ جي قديم روايتن تحت ڪجهه ته احترام ۽ مرتبو اهي استاد لهڻن ٿا. هو ڪي تخريب ڪار يا دهشتگرد ته ناهن جن سان ايڏو بي رحماڻو سلوڪ ڪيو وڃي جو کين رياستي ادارن هٿان لٺيون هڻي گهليو وڃي ۽ کين ٿاڻن ۾ بند ڪيو وڃي. اهو ڪهڙي آئين ۽ قانون ۾ لکيل آهي ته پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڏوهه آهي؟ ڇا حڪومت ۾ ويٺل همراهه انهن ئي ماڻهن جي ووٽ سان چونڊيل، انهن جا نمائنده ۽ انهن ڏانهن ئي جوابده ناهن؟ پوءِ ڇو ڪوبه حڪومتي عملدار انهن احتجاج ڪندڙ معزز استادن وٽ لڙي ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سندن مسئلا ٻڌي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟ هر ڀيري ڇو حڪومت پاران ساڳي ايڪشن فلم هلائي ويندي آهي؟ اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو حڪومت ۾ ويٺل ته پنهنجي لاءِ هر قسم جي مراعات جي منظوري ڌڪ سان پاڻ ئي ڏئي ڇڏين ٿا، آفيسر شاهي به پنهنجا مطالبا منظور ڪرائي وڃي ٿي پر استاد جيڪڏهن پنهنجا حق گهرن ڪن ٿا ته مٿن تشدد ڪري سندن تذليل ڪئي وڃي ٿي! جيتري قدر استادن جي مطالبن جو تعلق آهي ته حڪومت پاران انهن تي ڪن نه ڌرڻ سبب اهو معاملو عدالت حوالي ٿي ويو، ايئن هر اهو انتظامي معاملو عدالتن ڏانهن وڃي رهيو آهي جيڪو حڪومت جي دائره ڪار ۾ اچي ٿو ۽ حڪومت ان کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي. حڪومت پوليس پاران استادن سان اختيار ڪيل غير انساني سلوڪ جو ڪهڙو به جواز فراهم ڪري پر حقيقت اها آهي ته استادن کي مجبور ڪري جڏهن روڊن تائين آندو وڃي ٿو ۽ پوءِ عام ماڻهن جي تڪليفن کي بهانو بڻائي مٿن لٺ بازي ڪئي وڃي ٿي ته اهڙو احساس استادن جي تڪليفن جو ڇونٿو ڪيو وڃي؟اسين سمجهون ٿا ته حڪومت جو اهو رويو توڙي حڪمراني جو اهو انداز ڪنهن به ريت عوام دوست ناهي، اسين حڪومت جي اهڙي آمراڻي روش جي مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته استادن جا جائز مطالبا بنا دير جي حل ٿيڻ گهرجن ۽ حڪومت لاپرواهي ۽ ڪن لاٽار کي ان حد تائين نه وٺي وڃي جو ماڻهن کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ روڊن تي خوار ٿيڻو پوي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *