تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڇا هو بدترين سانحي کان بي خبر آهن ؟

ڇا هن ملڪ جي سياسي ڌرين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اها خبر ناهي ته هن ملڪ جي اندر خوفناڪ سانحن جو بدترين ٻج پيل آهي ڇا هو اهو نٿا ڄاڻين ته سانحا ڪنهن اوچتي حادثي سبب ناهن پيدا ٿيندا، سياسي سانحا زلزلن جيان هڪ لمحي ۾ ملڪ ۽ سماج کي تحس نحس ناهن ڪندا ڇا هو ايترا معصوم ۽ بي خبر آهن؟ جيڪڏهن هو اهو نٿا سمجھن يا سمجھڻ جي صلاحيت نٿا رکن ته پوءِ يقينن انهن کي نااهل ۽ احمق ئي چئي سگھجي ٿو پر جي جو سڀ ڪجھه سمجھڻ جي باوجود سانحن جي نقصانن کان بي فڪر آهن ته پوءِ هنن کي مغرور ۽ بي حس ئي سڏينداسين.
يقينن هيءُ گروھه جنهن جو پاڻ ذڪر ڪريون پيا جيڪو هن ملڪ جي تاريخ جي هر دور ۾ قابض ۽ طاقتور رهيو آهي انهيءَ کي اها پوري ڄاڻ آهي ته قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ سانحا اهڙي مرض جيان داخل ٿيندا آهن جنهن جي شروعات معاملي نوعيت جي هوندي آهي پر خوفناڪيءَ جي شناخت ڏکي هوندي آهي اڳتي هلي اهو مرض پنهنجي سڃاڻ آساني سان ڪرائيندو آهي پر انهيءَ جو علاج تمام گھڻو ڏکيو ٿي ويندو آ ، پر جي علاج ڪندڙ ۾ صلاحيت آهي ته پوءِ ڏکيو علاج به ممڪن ٿئي ٿو.
پاڪستان جي تاريخ بر صغير جي تاريخ سان جڙيل رهي آهي. هن خطي ۾ جيڪا راند انگريزن شروع ڪئي انهيءَ جي ڀيانڪ ۽ خوفناڪ نتيجن مان هو پوري طرح واقف هئا انداهي دور جو مذهبي تعصب پرستيءَ جو عذاب جيترو يورپ ڀوڳيو هو اوتري تڪليف ۽ پيڙا ٻئي ڪنهن خطي کي ڀوڳڻي نه پئي. ان دور يورپ جي سياستدانن کي، دانشورن کي ٺيڪ طرح سان سمجھايو هو ته تعصب پرستي ترقي ۽ ارتقا جي منزل ۾ رڳو رڪاوٽ ناهي پر خوفناڪ بارود جو ڍير به آهي جيڪو وقتن به وقتن ڌماڪن سان ڦاٽندي نه رڳو انساني وجود کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري پر تاريخ ۽ معيشت کي به تحس ۽ نحس ڪندو رهيو آهي انهيءَ جي باوجود گورن پنهنجي ڪمزور طاقت کي تعصب جي هٿيار سان طاقتور ڪيو ۽ پوءِ ورهاڱي تائين سانحا رڪيا نه پر وڌندا ئي رهيا آهن. ورهاڱي جيڪا چير ڦاڙ پنجاب ۽ بنگال جي ڪئي انهيءَ جو افسوس ڪيترو به ڪجي اهو هڪ الڳ ڏکوئيندڙ باب آهي پر ورهاڱي جيڪو حشر سنڌ سان ڪيو اهو هن خطي جي ڪنهن به صوبي يا قوم سان نه ٿيو يعني لڏي ايندڙن جي وڏي آبادي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪري ۽ سنڌ جي پوري ٽوپوگرافي ڌوڏي وئي جو 70 سالن کان وٺي سنڌ جي ان آباديءَ بدترين کان بدترين بحران پيدا ڪيا يا دانسته سازشن جي تحت بحران پيدا ڪرايا ويا. ترقيءَ جي مٿانهين منزل تي پهچڻ جي باوجود غير محفوظ ۽ خوفناڪ شهر ليکجڻ لڳو. لڏي ايندڙ آبادي تي سياست ڪندڙ ڌر هر وقت تعصب ۽ ڏڦيڙ کي سياسي طاقت جو بنياد بڻايو قيادتون ڀلي هيٺ مٿي ٿينديون رهيون پر نظريو ساڳي ئي انداز ۾ رهندو آيو جو هن خطي جي اندر خوفناڪ شهرن ۾ شامل ٿيندڙ ڪراچي ۾ سياسي رهزني لاشن جا انبار ڪيرايا، ڀتاخوري ۽ ڏوهن جي دنيا ۾ ڪراچيءَ کي بدترين شهر بڻايو ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن به تعجب ۽ حيرت ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي ته جيڪي قوتون ان خوفناڪ رهزنيءَ جي رهنمائي ڪري رهيون هيون سي هتان جي مضبوط ۽ سياسي جماعتن سان گڏوگڏ اسان جي پياري اسٽيبلشمينٽ جا پيارا ۽ پاليل ٻالڪا هئا ۽ هن وقت به اهي مختلف ناز ۽ انداز سان پنهنجيون حرڪتون جاري رکيو پيا اچن.
انهيءَ ۾ ڪنهن به تعجب ۾ وڃڻ جي يا پوڻ جي ضرورت ناهي ته هيءُ جيڪو ڪجھه ٿئي پيو اهو نئون راڳ ناهي پر تسلسل سان پراڻا پلٽا کلي رهيا آهن پاڻ کي انهيءَ پلٽي بازن تي چڙ يا غصو نٿو اچي پر پاڻ جيڪا خوفناڪ سازش ٿيندي محسوس پيا ڪريون اها هيءَ ته هن ملڪ جي داخلي ۽ عالمي قوتن پاڪستان جي ڪنهن خطي ۾ جيڪڏهن خوفناڪ سانحن کي پيدا ڪرڻ چاهيو ته انهيءَ جو مرڪز سنڌ رهندي. سنڌ جا اهي شهر جتي آباديءَ جي ٽوپوگرافي توازن ۾ ناهي اتي شديد نسلي جهيڙا پيدا ڪرائي هڪ خطرناڪ قسم جي پاليسي مسلط ڪئي ويندي ۽ انهيءَ جو جواز اهو سڀ ڪجھه بڻايو ويندو جيڪو پيدا ڪيو وڃي ٿو. اسان سمجھون ٿا ته هن ملڪ جو عوام، تمام جو تمام قومون پنهنجي تاريخي رشتي ۾ جڙي يقينن انهيءَ سازش جو مقابلو ڪنديون پر جڏهن سازشون پنهنجا نقصان وڌائي ٿيون وڃن ته پوءِ انهن جو ازالو نسلن کي ڀوڳڻو پئي ٿو. اسان کي تاريخي طور تي اهو شعور مليل آهي ته عوام دشمن قوتون ملڪ کي بهتري جمھوريت ، امن ۽ انصاف ڏيڻ بدران نفاق ۽ اختلافن جي حڪمت عملي اختيار ڪندا آهن. ڇو ته امن ۽ ترقي هنن جي مفادن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هوندي آهي.
جئين پاڻ تاريخ جو هڪ مثال ورجايو ته گورن هن خطي ۾ اهو ڪجھه ڪيو جنهن جي سزا هو پاڻ ڀوڳي چڪا هئا ڄاڻ جي باوجود انهن جيڪو ڪجھه ڪيو اهو انهن جي مفاد ۾ هيو هاڻي به جيڪو ڪجھه ٿئي پيو انهيءَ جي نتيجن مان اهي پوري طرح باخبر آهن پر پوءِ به هو سڀ ڪجھه ڪن پيا جنهن جي هنن کي ڄاڻ آهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ پر جڏهن مقصد ئي خرابي ڪرڻ هجي ۽ ان خرابيءَ کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ هجي ته پوءِ اهڙي گيم کي اوهان روڪي تڏهن سگهو ٿا جڏهن منظم عوام انهيءَ جي مخالفت ڪري.
ڪراچيءَ جو سوال جيڪو ڪجھه عرصي کان بحث جو موضوع بڻجندو ٿو رهي يا انهيءَ کي بڻايو ويو آهي انهيءَ جو هڪ پهلو هيءَ به آهي ته پ پ پ جي خراب حڪمراني يا ڪرپشن پرستي سنڌ جي عوام جي مينڊيٽ کي ايترو شرمندو ڪري ڇڏيو آهي جو سنڌ جو عوام سنڌ جو دانشور پنهنجي تاريخي حق لاءِ وڙهڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ٿو ڪري سنڌ جو هڪ به اهڙو دانشور ناهي ۽ نه ڪو ميڊيا پرسن اهڙو آهي جيڪو پ پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگي تي ٿورڙو به اطمينان ڪندي نظر اچي. پ پ پ وفاقي حڪومت جي غير جمهوري حڪمت عملي تي تنقيد ڪندي جڏهن سنڌ ڪارڊ استعمال ٿي ڪري ته انهيءَ جي هڪڙي پاسي کان نااهليت ۽ ٻئي پاسي ان جو جمھوري ۽ سنڌي قوم جو تاريخي حق آهي.
وفاق پاران جيڪڏهن ڪا انتظامي ڪميٽي ( جيئن سنڌ انفرااسٽرڪچر ڪميٽي ) جوڙي وڃي ٿي ۽ سنڌ حڪومت سمجھي ٿي ته اها صوبائي معاملن ۾ سڌي سنئين مداخلت آهي ته پوءِ انهيءَ جي ابتڙ پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ جي سڀني سياسي جماعتن جيڪي سنڌ اسيمبلي جي اندر موجود آهن يا نه انهيءَ تي مشتمل هڪ ايڪشن ڪميٽي يا ورڪنگ ڪميٽي ڇو نٿي جوڙي؟ پاڻ پهريان به ان نقطي تي بحث ڪري چڪا آهيون ته وبائن ۽ آفتن ۾ يا وري سياسي بحرانن ۾ هڪ چونڊيل حڪومت جي مٿان اهو فرض آهي ته هو پنهنجي ڪمزور طاقت کي سگھاري بنائڻ لاءِ وسيع تر سياسي اتحاد جوڙي. ان سياسي اتحاد جو فائدو ٻن رخن کان ٿيندو هڪ ڪارڪردگي پ پ پ سان گڏوگڏ سڀني پارٽين جي ذميداري بڻجي ويندي ۽ ٻيو ترقياتي ڪمن جي ٽرانسپيرنسي وڌيڪ شفاف ٿيندي ۽ ٽيون پ پ پ جي سياسي اڪيلائپ ختم ٿي طاقتور اتحاد ۾ جڙي ويندي ۽ اهو اتحاد اهڙو مورچو هوندو جنهن تي وفاقي بدنيتي ڪنهن به قسم جو حملو ڪرڻ کان پهريان هڪ سو دفعا سوچيندي. پ پ پ کي سنڌ سطح جو اهو اتحاد ڪراچيءَ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ لوڪل باڊي جي اندر به سگھاري طاقت ڏيندو. ايم ڪيو جي مٿي ۾ جيڪا هوا ڀريل آهي اها به پنهنجي جاءَ تي سانت ٿي ويندي پر ڇا پ پ پ اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. مون کي نٿو لڳي ته اها اهڙي تجويز يا صلاح آهي جنهن جي اهميت کان پ پ پ انڪار ڪري يا وري پ پ پ جي سمجھه ۾ نه اچي بلڪه پاڻ هيءُ چئون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته خود پ پ پ اهو چاهي ئي نٿي ته شيون بهتر ٿين گورننس نتيجا ڏئي پ پ پ اها حڪمت عملي اختيارڪري ٿي جنهن ۾ کائڻ ۾ اڪيلي ۽ روئڻ ۾ روڊ تي، بهتري ايتري ڏکي شيءَ ناهي جيڪا نه اچي سگھي. ڪراچيءَ ۾ قبضا هٽائڻ يا پوريءَ سنڌ ۾ غير قانوني قبضا هٽائڻ ڪو ڏکيو عمل ناهي ۽ نه وري ميونسپل سروس ڏيڻ ناممڪن آهي سنڌ حڪومت چاهي ته پنهنجي سر به اهو سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿي پر سياسي اتحاد جي طاقت سان ڇھه مهينن جو ڪم هڪ مهيني ۾ ٿي سگھي ٿو پر اها نٿي چاهي ڇو ته پ پ پ کي به سياسي شهيد ٿيڻ جو تمام گھڻو شوق آهي جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي وفاقي تعصب پرستيءَ سنڌ تي حملو ڪيو ته پ پ پ جي لاءِ ايئن هوندو جو “ٻڏيءَ جا ٻيڻا.” پاڻ اهو به سمجھون ته سنڌ جي مٿان جيڪڏهن سڀاڻي ڪي خوفناڪ سانحا اچي ويا ته انهن جو عذاب پيرن ۽ ميرن تي نه ايندو ۽ نه وري ڀائي لوڪن جي قيادت اها پيڙا ڀوڳيندي. عذاب ڀوڳيندو ته صرف ۽ صرف غريب عوام جنهن ۾ سنڌي هوندو ، اردو ڳالهائيندڙ هوندو ۽ ٻيا اهي ماڻهو جيڪي هتي آباد آهن انهن مسڪينن ۽ عوام جا لاش روڊن ۽ رستن تي ڳجھن جي حوالي هوندا. مان سمجھان ٿو ته هن دفعي سانحي ۾ رڳو هڪ اڌ شهر رت نه ڳاڙيندو پر پوري سنڌ رت ڳاڙيندي ۽ شايد هن ملڪ جو مستقبل وري سواليا نشان تي اچي بيهي رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *