تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڇا سکر بئراج سنڌ وارن کي پاڻي ڏيندو رهندو؟

سکر بئراج سنڌ جي زراعت ۽ جياپي لاءِ ڪيترو اهم آهي، انهيءَ جو احساس مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن 1982ع ۾ انهيءَ جي 50 سالا گولڊن جوبلي ملهائڻ کان پوءِ ان جو هڪڙو در ڪري پيو، جنهن ڪري بئراج جي پانڊ ليول نه پئي رکي سگھجي ۽ واهن ۾ پاڻي نه پيو ڇڏي سگھجي. جيڪڏهن اها حالت ٻه ٽي مهينا هلي ها ته 78 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي وڃن ها ۽ ماڻهن جو روزگار ختم ٿي وڃي ها. زراعت سان واسطو رکندڙ صنعت يعني کنڊ واري ملن، ڪارخانن ۽ جيننگ فيڪٽرين تي اثر پوي ها. ٻيو وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو هو. سنڌ ۾ 90 سيڪڙو جر کارو آهي سواءِ سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي واري پٽ ۾ ۽ واهن سان لڳولڳ ايراضين جي. سنڌ جي سڀني ڳوٺن ۽ شهرن جو پيئڻ وارو پاڻي واهن مان کڻجي ٿو. جيڪڏهن واهن ۾ ئي پاڻي نه اچي ها ته عوام مٺو پاڻي ڪٿان پيئي ها؟ الله سائينءَ انهيءَ حد پهچڻ کان بچايو. جو ان وقت جي سيڪريٽري حاجي محمد ڏهر جي ڪوششن سان بند ٿيل درن مان هڪڙو در ڪڍي ڪريل در جي جاءِ تي هنيو ويو ۽ سنڌ وڏي نقصان کان بچي وئي.
سکر بئراج سال 1932ع ۾ ٺهي تيار ٿيو، ان ۾ وقت بوقت نقصان ٿيندا رهيا آهن ڪجھه نقصان انگريزن جي دور ۾ ٿيا ۽ ڪجھه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٿيا. انگريزن جي دور ۾ ساڄي پاسي وارن واهن ۾ تمام گھڻي لٽ وڃڻ جو پرابلم ٿيو.
ساڄي پاسي واري واهن ۾ گھڻي لٽ جو وڃڻ:
1932ع ۾ سکر بئراج جا واهه پاڻي کڻڻ لڳا، ڪجھه وقت کان پوءِ خبر پئي ته ساڄي پاسي وارن واهن ۾ تمام گھڻي لٽ پئجي وئي ۽ جيڪڏهن انهيءَ جو بروقت تدارڪ نه ڪيو ويو ته واهن ۾ گھربل پاڻي نه پيو لنگھي سگھي. جنهن سبب فصل گھربل مقدار ۾ نه پوکي سگھجن ها، انهيءَ جي تياري لاءِ پونا جي ليبارٽريءَ ۾ تجربا ڪيا ويا ته انهيءَ صورتحال کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو وڃي. انهيءَ تجربن جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويو ته بئراج جي 66 درن مان 10 درن کي بند ڪري هڪ ٻيٽ ٺاهيو وڃي. ٻيٽ جي ڪنڊ تي هڪ واهه ٺاهيو وڃي جنهن کي ٽيل چينل چيو وڃي ته جيئن گھڻي لٽ وارو پاڻي انهيءَ واهه ۾ هليو وڃي ۽ گھٽ لٽ وارو پاڻي ساڄي ڪپ ۾ اچي. اهو ڪم ڪرايو ويو ۽ واهن ۾ لٽ اچڻ گھٽجي وئي. پر بئراج جي ٻوڏ پاس ڪرڻ واري گنجائش جيڪا انگريزن 15 لک ڪيوسڪ رکي هئي، 10 در بند ٿيڻ جي ڪري 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي. سال 1976ع واري وڏي ٻوڏ ۾ 12 لک ڪيوسڪ وڏي تڪليف سان لنگھايو ويو، جنهن ڪري اسان هينئر چئي سگھون ٿا ته سکر بئراج جي ٻوڏ پاس ڪرڻ جي گنجائش هاڻي 12 لک ڪيوسڪ آهي.
سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ انگريز هليا ويا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي نقصان ٿيا تن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.
1.بئراج جي پرلن ۾ ڪريڪن جو پوڻ:
سال 1947ع ۾ بئراج جي ڪجھه پلرن ۾ ڪريڪ ظاهر ٿيا جن کي ڏسڻ سکر بئراج جو ڊزائين ڪندڙ انجنيئر آرنلڊ مسٽو انگلينڊ کان پاڪستان آيو، ڪريڪن کي Under Pressure Guniting ذريعي ڀريو ۽ پلرن وارا مٿيان پاسا سيمينٽ ڪانڪريٽ سان ڀريا ويا.
2.بئراج جي آرچن ۾ ڪريڪن جو ظاهر ٿيڻ:
سال 1950ع ۾ بئراج جي آرچن ۾ به ڪريڪ ظاهر ٿيا، اهي به Guriting ذريعي ڀريا ويا. سال 1956ع ۾ اهي ڪريڪ وري ظاهر ٿيا. سال 1964ع ۾ هڪ ماهرن جي فني ڪاميٽي جوڙي وئي ۽ انهيءَ جي سفارش تي انهن کي وري ڀريو ويو.
3.سکر بئراج جي 31 نمبر در جو ڪرڻ:
سال 1982ع ۾ سکر بئراج جي 50 سالا گولڊن جوبلي ملهائي وئي، اها ملهائڻ کان پوءِ سکر بئراج جو 31 هون نمبر گيٽ اوچتو ڪري پيو. انهيءَ زماني ۾ آبپاشي سيڪريٽري جناب حاجي محمد ڏهر هنگامي بنيادن تي ڏهه بند پيل درن مان هڪڙو در کولائي نقصان ٿيل در جي جاءِ تي لڳرايو ۽ بئراج کي هلڻ جھڙو ڪيو ويو. اهو محسوس ڪيو ويو ته ٻين درن جي حالت به ٺيڪ نه هئي تنهن ڪري انگلينڊ جي انگريز سرڪار جي مدد سان هوريان هوريان سڀ در نوان هنيا ويا ۽ اهو ڪم سال 1995ع ۾ پورو ٿيو.
4.ساڄي پاڪيٽ ۾ کڏو:
سال 2004ع واري جنوري واري مند ۾ بئراج جي مٿئين ڀر سڄي پاڪيٽ جي پڪي فرش ۾ کڏو پئجي ويو جيڪو 60 فوٽ ڊگھو ۽ 40 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اونهو هو. انهيءَ کي ان وقت رڳو پٿرن سان ڀريوويو ۽ تنهن کان پوءِ هڪ اسڪيم منظور ڪرائي وئي جنهن ۾ 15 ڪروڙ رقم سنڌ سرڪار جا ۽ 74 سيڪڙو رپيا وفاقي سرڪار جا هئا، انهيءَ ۾ مالڪي سنڌ سرڪار جي آبپاشي کاتي جي هئي. نظرداري جي ايڇ ڪيو ۽ نيشنل ڊيولپمينٽ ڪنسلٽنٽس جي هئي ۽ ٺيڪيداري فوج جي اداري ايف ڊبليو او جي هئي. پهرين ضرورت هئي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ پل ٺاهڻ جي ته جيئن ماڻهن، مشينن ۽ ٻيو سامان ٻيٽ تي وڃي سگھي. ايف ڊبليو او وارا انهيءَ ڪم ۾ ماهر هئا. هنن هڪ ڏينهن ۾ ٻيڙين جي پل ٺاهي ڇڏي، مکيه ڪم ساڄي پاڪٽ واري ايراضي کي خالي ڪرڻ هو ته ڏسي سگھجي ته نقصان ڪهڙو ٿيو ۽ انهيءَ کي ٺيڪ ڪرڻو هو. ٻيو مسئلو هو ته دادو ڪئنال کي ڪيئن پاڻي ڏجي، انهيءَ لاءِ رائيس ڪئنال مان هڪ لنڪ ڪڍيو ويو ۽ انهيءَ لنڪ مان دادو ڪينال کي پاڻي ڏنو ويو. بيٺل پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ 60ٽيوب ويل هنيا ويا. انهن ٽيوب ويلن سان پاڻي جي ليول ڪنٽرول ڪئي وئي. جڏهن پاڪٽ واري ايراضي خالي ٿي وئي ۽ پڪي فرش تائين ليول ڪرائي وئي ته نقصان جي جاچ ڪئي وئي. انهيءَ ۾ ڏٺو ويو ته مٿئين ڀر واري شيٽ پائل ٽٽل هئي ۽ ٻيا به ڪيترائي نقصان ٿيل هئا. اهي سڀ ڪم درست ڪيا ويا ۽ سکر بئراج سڀني واهن کي پاڻي ڏيڻ لڳو.
سکر بئراج سنڌ لاءِ تمام اهم آهي. اهو عمر ڪوٽ ۽ بدين تائين پاڻي پهچائي ٿو، ان تي آباد ٿيندڙ ايراضي سنڌ جي گڊو ۽ ڪوٽري بئراج کان وڌيڪ آهي. اسان اهو برداشت نه ڪري سگھنداسين ته سکر بئراج ڊهي پوي يا سنڌ جي 78 لک ايڪڙ ايراضي کي پاڻي نه ڏئي سگھي. پر هر ڪنهن اڏاوت جي حياتي هوندي آهي. لئنس ڊائون پل جي حياتي سئو سال هئي، جڏهن اها پوري ٿي ته حڪومت ايوب برج ٺاهي جنهن نموني سکر بئراج کي نقصان ٿي رهيا آهن اهو ڀئو رهي ٿو ته ڪٿي اهڙو نقصان نه ٿي پوي ته سنڌ سڪي وڃي.
سکر بئراج جي بحاليءَ وارا ڪم سال 1995ع ۾ پورا ٿيا، جنهن ۾ 56 دروازا نوان وڌا ويا ۽ ڪينال جي هيڊريگوليٽرن جا گيٽ به سڀ بدلايا ويا. ان جي گيرنگ نظام کي سڌاريو ويو. انهن ڪمن کي هينئر 25 سال ٿي ويا آهن. پراڻي اڏاوت هجڻ ڪري سکر بئراج جي مختلف جزن ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل ٿيندو رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن نون ڪمن جي ضرورت ٿئي ٿي. 56 ٺاهيل درن مان ڇهه اهڙا هئا جن کي ٻيهر نوان وجھڻ جي ضرورت پئي. انهيءَ لاءِ عالمي بئنڪ جي تعاون سان هڪ اسڪيم ٺاهي وئي جنهن جو نالو “سکر بئراج جي بحالي ۽ جديديت” رکيو ويو. اها اسڪيم 22 مئي 2018ع تي ايڪنيڪ منظور ڪئي. جنهن ۾ عالمي بئنڪ جو قرض 14685 ملين رپيا آهي ۽ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هر هڪ ڏيندي 1002.25 ملين رپيا. انهن ڪمن ۾ سکر بئراج لاءِ ڊريجر وٺڻ ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن پاڪٽن جي لٽ ڪڍڻ به شامل آهي. هر سال جڏهن درياهه ۾ وهڪرو اٽڪل 2 لک ڪيوسڪ ٿيندو آهي ته واهه بند ڪري پاڪٽن کي کوليو ويندو آهي ته جيئن پاڪٽن ۾ گڏ ٿيل لٽ نڪري وڃي پر ليٽ پاڻي اچڻ ڪري واسطيدار زميندار پاڪٽن جي لٽ ڪڍڻ جي مخالفت ڪن ٿا جو واهه ٽي ڏينهن بند ٿيڻ ڪري فصلن کي پاڻي نه ملندو. انهيءَ ڪري پاڪٽن جي لٽ نٿي نڪري. اهو بئراج جو هڪ نارمل عمل آهي جنهن ۾ بئراج وارن کي زميندارن جي نه ٻڌڻ کپي پر ايئن نٿو ٿئي جنهن لاءِ ڊريجر وٺڻ جي ضرورت پوي ٿي.
بئراج جا سڀ 56 گيٽ ۽ ڪئنالن جا سڀ گيٽ مٽائڻ واري ڳالهه:
ڇهن گيٽن کي نقصان ٿيڻ ڪري اهي مٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر انهن نقصان ٿيل گيٽن جي بنياد تي مارچ 2020ع ۾ گيٽن ۽ انهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ وارن مڪينيڪل حصن کي وري جاچڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن لاءِ پينل آف ايڪسپرٽس جي هڪ ماهر مين فريڊ هيڊر (Manfred Hader) ۽ مقامي مڪينيڪل ٽيم باقي رهيل 50 گيٽن ۽ ڪئنال جي هيڊ ريگيوليٽرن جي گيٽن جو معائنو ڪيو. هنن مارچ 2020ع ۾ هڪ رپورٽ ٺاهي جنهن ۾ چيو ويو ته باقي گيٽن جي حالت خراب آهي ۽ انهن کي به مٽائڻ جي ضرورت آهي. پينل آف ايڪسپرٽس جي فائنل سفارش هن ريت آهي.
“هينئر تائين ڪيل مختلف سفارشن جي بنياد تي پينل آف ايڪسپرٽس (POE) سفارش ڪري ٿي ته درياهه جا سڀئي گيٽ، پاڪٽ وارا گيٽ مٽايا وڃن ۽ انهن جي جاءِ تي Fixed wheel Gate ۽ نوان، انهن کي هلائڻ وارو سسٽم ٺاهيو وڃي جنهن ۾ رسا هجن ۽ ڊرم ٽائيپ هجي. تنهن کان سواءِ سڀني ڪئنالن جي هيڊ ريگيوليٽرن جا گيٽ به مٽايا وڃن ۽ انهن جي جاءِ تي نئون گيٽ ۽ انهن کي هلائڻ وارو سسٽم ٺاهيو وڃي.”
POE هڪ نئين ڳالهه ڪري وڌي، انهيءَ لاءِ عالمي بئنڪ کان وڌيڪ پئسن جو بندوبست ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سنڌ سرڪار انهيءَ لاءِ عالمي بئنڪ کان وڌيڪ پئسن جي گھر ڪئي آهي ۽ انهيءَ جو پي سي ون به ريوائيز ڪرڻو پوندو.
سکر بئراج سنڌ جي زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي ڏيڻ لاءِ اهم آهي. اسان کي انهيءَ کي هر طرح محفوظ رکڻو آهي. جيڪڏهن ماهر چون ٿا ته انهيءَ جا سڀئي گيٽ نوان هڻڻا پوندا ته اسان کي اهو ڪم ڪرائڻو پوندو، جو سکر بئراج جي سلامتي سنڌ جي سلامتي آهي. سکر بئراج تي سنڌ جي زراعت ۽ جياپو مدار رکي ٿو. اسان ڪنهن به طرح ان کي نقصان ۾ وجھڻ نه ڏينداسون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *