تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڇا دردن جي پڄاڻي ٿيندي؟

هن جي اکين ۾ اٿاهه اونداهي ٿي لڳي، جڏھن هو  جدوجهد ڪندي ڪندي زندگي جي تاريخي موڙ تان مايوس ٿي موٽي رهي هئي ، هن آھستي ڀڻڪيو ،زندگي جي ڳوڙهي فلسفي کي ڪوئي نه سمجهي سگهيو آھي ،بس ، ڪجھه لمحا ان کي امر به بڻائين ٿا ، ته گڏوگڏ ان جي موت ڏانهن تڪڙي موٽ به ڪن ٿا ، زندگي کي امر بڻائڻ لاءِ گوتم ٻڌ به ڪپل وستو کان ڪشن ڳڙھه تائين يوڳي بڻجي دنيا جي سڀني آرائشن کي ڇڏي وڃي رڻ وسايو هو ،پر ڪهڙي خبر ته هن نرواڻ حاصل ڪري حقيقي زندگي جي امرتا حاصل ڪئي به يا نه ، هونئن ڀل هو دنيا ۾ ڊگهي عرصي تائين ٻوڌين جو مذھبي پيشوا ۽  تاريخ ۾ ياد رکيو ويندڙ شخص طور رهيو آھي ، ليڪن دنيائي جدوجهد ۾ ھن جو خاموش ڪردار ملي ٿو، اهڙي طرح حقيقي زندگي  جو ڪارج ڪيئن حاصل ڪجي؟ ۽ زندگي ۾  روحاني چانڊوڪيون ڪيئن چمڪن ؟ اهو هڪ ڊگهو موضوع آھي ۽ زندگي ان مقصد کي حاصل ڪندي ڪندي خود ختم ٿي وڃي ٿي. هن اهي ڳالهيون مون کي گڊي ڀٽ تي  لهندڙ شام دوران  ٻڌايون هيون ، جڏھن ڪيئي سال اڳ آئون ٿر ياترا تي ويو هوس هوءِ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پهرين  فنڪاره ۽ پوءِ شاعره هئي ، جيئن هڪ ئي وقت زرينا بلوچ فنڪاره ۽ ڪهاڻيڪار هئي ،  مائي الهوسائي شاعره ۽ ڳائڻي هئي ،هن سان منهنجو تعارف بهار شايد ڪرايو هو ، هو ان وقت سسئي جي سڪ جهڙي لڳي رهي هئي ، جڏھن مون هن کان ڪجھه ٻڌڻ لاءِ زور ڀريو ته هن  آهستي نثري نظم گنگنائيندي ٻڌائڻ شروع ڪيو .
اف ، هيلوڪو بهار ،
دور ديس ڏانهن ويندڙ ،
ريل گاڏي جي دري مان ،
محبوب جي آخري موڪلاڻي ويل
 هلايل هٿن جيا ن لڳي رهيو آھي
هن جڏھن شاعري ٻڌائي ٿڌو ساهه ڀريو ته  مون کي ايئن لڳو ، ڄڻ سنڌو درياءَ جي هڪ وڏي ڇولي ڪناري تي پهچي ختم ٿي آھي.  مون کي نثري نظم ۾ پلٽيل گهرو درد محسوس ڪري ، سنڌ جون ڪيئي اهي پورهيت عورتون ياد آيون،  جن کي سماج  ۾ هڪ جانور وانگي سمجهي نه فقط کيتن ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو  ،پر ڪڏھن ڪڏھن وري  رنج ۾ اچي انهن کي قتل به ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي ڪاري هجڻ جو الزام هنيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڪيتريون عورتون  پنهنجي زندگي جو درد ،ڪهاڻين ، شاعري ۽ موسيقي ۾ بيان ڪنديون رهيون آھن ، پوءِ اهو درد ڪڏھن مائي مرکان شيخڻ جي ڳيچن ۾  پاڻي سان ڀريل ٿانو جيان ڇلڪي ٿو ته ڪڏھن وري  نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۾  دکندڙ آگ جيان محسوس ٿئي ٿو .
پروين شاڪر جي شاعري هجي يا  رخسانا پريت جي شاعري هجي ،  ان ۾ نه فقط پيار تي  لڳل پهرن  تي احتجاج آھي ،ليڪن مرداڻي ۽ زالاڻي سماج  کي ورهائي رکڻ ۽ عورتن تي صدين کان وحشياڻي تشدد  خلاف هڪ  اهو اداس سڏ آھي ، جنهن جو آواز  رڃ مان ايندڙ  رڙ جيان  رهيو آھي ،اها رڙ  اداس ڪوئل جي  ان ڪوڪ جيان  آھي ، جنهن ۾  اداسين جو هڪ وڏو عالم هوندو آھي  ،جنهن  کي صحرا  ئي سمجهي پاڻ ۾ سمائيندو آھي. دنيا ۾  عورتاڻي دل ڪجھه وڌيڪ نازڪ ۽ نفيس آھي ، ان کي  اڻ برابريون ۽ ستم  تڪڙو جهوري وجهندا آھن ، ان کي پيار جي نالي ۾  ملندڙ دوکا تباهه ڪري ڇڏيندا آھن اها  اندر ۾  اجهامي ويل دونهين جي  رک جيان ٿي ويندي آھي.
مون  کي اوچتو ھڪ ٻي ڇوڪري ياد آئي ، جنهن مون کي  هڪ  پروگرام  ۾  روئيندي چيو هو ته  مون کي  ڪنهن به وقت قتل ڪيو ويندو، توهان کي ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجهان ، هن جي آواز ۾ خوف واري لرزش ھئي،  هن جي اکين ۾  لڙڪ شايد ختم ٿي ويا هئا ليڪن آلاڻ اڃان باقي هئي ، هن سان منهنجي پهرين ملاقات تڏھن ٿي هئي جڏھن هو ڪميشن جي تياري ڪري رهي هئي ،جيتوڻيڪ هو ڪميشن ۾ ناڪام ويئي ، پوءِ ڪجھه عرصي لاءِ ھو ٻاهر هلي ويئي جتان واپسي ۾ عمرو ادا ڪري موٽي هئي . هن جي شادي حيدرآباد ۾ ٿي ليڪن ٻن سالن اندر ئي سندس ور ٻي شادي ڪري ڇڏي  ۽ هي واپس اباڻي گهر هلي آئي، هو پوءِ ڪيترو عرصو  گمنام رهي، نيٺ ٻيهر  دبئي هلي ويئي ۽ پوءِ ڪڏھن به پنهنجي ماڳ تي موٽي نه آئي.
محترمابينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت هئي ، پاڪستان ۾  عورتن جي ذھني اوسر مٿي اڀرڻ شروع ٿي هئي ، ان دوران  حيدرآباد ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو هو ، جنهن ۾  سماجي ۽ سياسي زندگي ۾ عورتن جي ڪردار تي تقريرون ڪيون پئي ويون ،  پروگرام ۾ ڪيتريون ئي عورتون اوچي ڳاٽ  ڊائيس تي اچي تقريرون ڪندي ٿي ويون ،  جڏھن  مس امرتا نالي هڪ ڇوڪري تقرير ڪرڻ لاءِ پهتي ته هن چيو ته بينظير حڪومت کي ڀل ته ڪجھه مرد ماڻھو قبولڻ لاءِ تيار نه هجن، پر انهن کي اها ڀل آھي ته تاريخ ۾  مردن جي ڪردار کان عورتن جو  ڪردار ڪٿي ڪٿي سوايو نظر اچي ٿو. توهان کي يقين نه اچي ته شاهه ڀٽائي جي شاعري پڙھي ڏسو.  جبلن جا پنڌ سسئي ڪري ٿي ،نه ڪي پنهون ، سانوڻي رت ۾ درياءَ سهڻي تري پار ڪري ٿي نه ڪي ميهار ، عشق سان آخري  نيباهه  مومل ڪري ٿي نه ڪي راڻو ، ڪينجهر نوري سان چمڪي ٿو نه ڪي ڄام تماچي سان ، عورتن جو ڪم رڳو طعام تيار ڪرڻ ۽  سورنهن سينگار ڪرڻ نه آھي ، عورتون  ان اپائڻ لاءِ کيتن ۾ به ڪم ڪن ٿيون ته ملڪي ادارن ۾ محنت سان  ڪم ڪري بهتر معاشرن جي جوڙ جڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڏسو هن وقت اسان جي ملڪ جي وزير اعظم به عورت آھي جنهن هڪ ڊگهي جدوجهد ڪري جمهوريت بحال ڪرائي آھي، باقي ته اسان جي ملڪ ۾  مارشل لائن جو ڊگهو دور رهيو آھي تنهنڪري اها سوچ  ھاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ته عورتون ڪمزور ۽ بيوقوف آھن. امرتا جڏھن تقرير ڪري واپس اچي رهي هئي ته مون کي ايئن ٿي لڳو گويا جنگ آزادي ۾ جهانسي جي راڻي وڏو ڪو معرڪو سر انجام ڏيئي موٽي رهي آھي. گهڻي وقت کان پوءِ هڪ هنڌ ڏٺومانس  ته سڪل پنکڙي جيان نظر آئي هئي ،لڳو ٿي ته وقت سندس سڀ تازگيون ۽ ھمتون واءُ ۾ ڄڻ اڏائي ڇڏيون هيون ، هن مون کي ڏسي چيو ته هن نظام ۾ ڪيئي مينڌريون وارا وڄائي ويون  ،پر وريو سريو ڪجھه به نه، هڪ ڏينهن اسان به هليا وينداسين اهو نظام ايئن ئي پيو هلندو ، عورتون سور ئي سهنديون رهنديون ، قتل ٿينديون رهنديون .  مون هن کي چيو سماج ۾ عورتن جي برابري واري سوچ وقت به وقت اڀرندي ۽ ختم ٿيندي رهي آھي، ان کي دائمي قوت ڏيندڙ عورتن جي تنظيمن  کي گهٽو ڏيئي مروڙيو ٿو وڃي ۽ ان جا امڪان بنھه گهٽ آھن ته ملڪي ۽ عالمي عورتن جون تنظيمون ٻيهر مٿي اڀري سگهنديون ۽ دنيا ۾  عورتن تي ٿيندڙ ذھني ، جسماني تشدد ۽ جنسي حراسمينٽ ختم ٿيندي. گهڻي وقت کان پوءِ جڏھن هن شاعره ۽ فنڪاره کي مون ڀالوا تي ڏٺو هو ته هن جو رنگ ڇڻندڙ پنن جهڙو زرد ٿي ويو هو ۽ھن جي چمڙي ۾ گهاريون پئجي ويون هيون ، ايئن جيئن ويڙھي رکيل سوٽي ڪپڙي ۾ گهنج پوندا آھن.    هن کي ڏسي مون کي ايئن لڳو ته عورتن سان ٿيندڙ ظلمن تي هوءَ اڃان غصي ۾ آھي. طبقاتي نظام تي هن جي تلخي اڃان جهڪي نه ٿي آھي.  ھن جي ڳايل موسيقي صحرائن جي سڃ جي ور چڙهي ويئي آھي.  هن جي شاعري جي سمورن پنن کي اڏوهي کائي ويئي آھي ،هن جا سارا پيار پاڻي جي پالوٽن ۾  ٻڏي ويل ٻار جيان گم ٿي ويا آھن ، هن جي عورتاڻي جدوجهد سان ڪمنٽمينٽ ،ميثاق جمهوريت جيان ٽٽي ويئي آھي. هو صحرا ۾ لٽيل ان مسافر جيان لڳي رهي هئي ،جنهن کان ڦورو سڀ ڪجھه ڦري ويا هجن ، جنهن جي واهر جو ڪو به وسيلو  باقي نه بچيو هجي، ان ويلي سج سامهون اولھه واري ڀٽ پويان لهي رهيو هو ،  ڀالوا کوهه تي ڪجھه ماڻھن جو ميڙ ايئن لڳي رهيو هو  ڄڻ  مارئي جي کنڀجڻ جي ڏک ۾  اداس بيٺل هجي ، ان ويلي هو لهندڙ سج ۾ ايئن ڏسي رهي هئي ، ڄڻ اهو  سج آخري دفعو لهي رهيو آھي ،ان پڄاڻان ٻيو سج اڀرڻو ئي ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *