تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڇا احتساب جو عمل غير جانبداري وڃائي رهيو آهي ؟

ڪرپشن هن ملڪ جو ايترو پراڻو مسئلو رهيو آهي،جيترو هي ملڪ پراڻو آهي.جمهوري حڪومتون هجن يا آمريتن جا دور ڪڏهن به هي ملڪ ڪرپشن کان پاڪ نه رهيو آهي ۽ ڪرپشن جي ڪينسر هن ملڪ کي کوکلو پئي ڪيو آهي جيڪا هڪ حقيقت آهي ،پر جيئن ڪرپشن حقيقت آهي تيئن ڪرپشن ختم ڪرڻ جي نالي تي احتساب جي عمل کي هن ملڪ ۾ مخالفن کي نشانو بڻائڻ يا سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪرڻ به اهڙي ئي حقيقت رهي آهي ۽ انهي کان انڪار حقيقت کي پٺي ڏيڻ برابر آهي.توڙي جو پي ٽي آءِ حڪومت انصاف جو نعرو هڻي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۽ ملڪي ناڻو لٽيندڙن کي بنا ڪنهن فرق جي انجام تائين پهچائڻ جي دعويٰ ڪري عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ آئي،پر 2 سال گذرڻ کانپوءِ نتيجو اهو ساڳيو ماضي جي حڪومتن وارو نظر اچي رهيو آهي جو نه ملڪ مان ڪرپشن ختم يا گهٽ ٿيندي نظر ٿي اچي ۽نه ئي احتسابي عمل پاڻ کي شفاف بڻائي انهن الزامن کان آجو ڪرائي سگهيو آهي جيڪي ماضي ۾ به لڳندا رهيا آهن.
نواز شريف جي دور ۾ سيف الرحمان جي اڳواڻي ۾ ٺاهيل احتساب بيورو ڪنهن کان وسريو هوندو جنهن ۾هڪ به سياسي مخالف کي بخش نه ڪيو ويو ۽ سڀني مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو،جنهن کانپوءِ مشرف جڏهن اقتدار تي قبضو ڪيو ته ان به ملڪ مان ڪرپشن کي پاڪ ڪرڻ جو نعرو هنيو ۽ پوءِ جڳ جهان ڏٺو ته ڪيئن انهي نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ۽ جن جن تي ڪرپشن جا ڪيس هيا انهن کي چونڊي چونڊي وزارتون ڏئي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو،جن سياسي وفاداريون نه مٽايون انهن کي يا جيل موڪليو ويو يا کين جلاوطن ٿيڻو پيو .انهي وقت ۾ اهو محاورو عام استعمال ٿيڻ لڳو ته جن وزارتون ورتيون اهي نيب زادا بڻجي ويا جن سياسي وفاداريون تبديل نه ڪيون ۽ جيل ويا اهي نيب زده سڏجڻ لڳا.ڪرپشن روڪڻ ۽ احتساب ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ادارن جي اهڙي حالت ڏسي ماڻهن جو احتساب تان ئي ايمان کڄي ويو ۽ ڪرپشن کي ئي ملڪ جو مقدر سمجهڻ لڳا. پ پ دور ۾ نواز ليگ ۽ پ پ ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي نيب جي قانون ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون پر انهن به پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ ڪجهه اهڙا جهول ڇڏيا جو اڄ اهي ئي جهول انهن کي ڳچي ۾ پئجي رهيا آهن. جنهن ڪري نيب هن وقت پاڻ کي هڪ قومي ادارو ثابت ڪرڻ بدران ڄڻ ته هڪ ڌر لڳي رهيو آهي ۽ حڪومت انهي کي آساني سان استعمال ڪري سگهي ٿي جنهن جون دانهون هن وقت جون مخالف ڌر جون پارٽيون بار بار اهو الزام هڻي ڪري رهيون آهن ته نيب ۽ حڪومت جو ڳٺ جوڙ سياسي مخالفن خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. جنهن لاءِ هو جواز اهو ڄاڻائن ٿا ته جيڪي حڪومت ۾ شامل آهن ۽ انهن تي ڪرپشن جا الزام به آهن پر تڏهن به نيب انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿو ڪري پر سياسي مخالفن کي بنا ريفرنس ۽ ڪيس جي ئي مهينن جا مهينا نيب جي حراست ۾ رکيو وڃي ٿو. ڪجهه وقت اڳ خواجا برادران جي ضمانت واري درخواست دوران سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس پڻ انهي الزام کي صحيح ثابت ڪري رهيا هيا جيڪو ڪنهن به ريت هڪ قومي اداري لاءِ بهتر ناهي.
اسان سمجهون ٿا ته ڪرپشن هن ملڪ جو اهم مسئلو آهي جيڪو هن ملڪ جون معاشي پاڙون ڪمزور ڪري رهيو آهي جيستائين انهي ڪرپشن مان جند نه ڇڏائبي تيستائين هي ملڪ اڳتي وڌندي نظر نه ايندو ان لاءِ سڀني خلاف هڪ بلڪل غير جانبداراڻي احتساب جي عمل جي ضرورت آهي پر جيڪڏهن احتساب جي عمل کي سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته نيب جهڙو قومي ادارو پنهنجي غيرجانبداري ۽ ساک وڃائي ويهندو ته ٻئي طرف ملڪ ڪڏهن به ڪرپشن کان پاڪ نه ٿي سگهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *