تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

چين ڀارت تڪرار ۽ آمريڪا جو ڪردار

چين ۽ ڀارت جو سرحدي تڪرار ڪو نئون تڪرار ڪونھي، گهڻي وقت کان ھن ٻنھي ايٽمي ملڪن جي سرحدي تڪرار سبب ھي سمورو خطو پريشاني جي عالم ۾ ورتل آهي. گذريل خميس کان ٻيھر ھنن ملڪن جي وچ ۾ ھي تڪراري مسئلو ج بيان بازي جي حد تائي ٻيھر اڀري آيو آھي. ياد رھي ھن ئي سال اپريل ۾ سرحدي تڪرار سبب چين ڀارت جا ٢٠ کان مٿي فوجي ماري ڇڏيا ھيا. تازو جمعي ڏينهن هندستان ۽ چين جي وزير دفاع روس جي گادي جي شھر ۾ ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي ايٽمي طاقتن اوڀر لداخ جي علائقي ۾ پنهنجي تڪراري سرحد تي وڌندڙ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي! ھن ملاقات ۾ چين جي دفاع واري وزير جنرل وي فينگ ڀارت جي وزير دفاع راج ناٿ سنگهه کي سادن لفظن ۾ واضع ڪيو ته هندستان سرحدي ڇڪتاڻ جو مڪمل طور تي ذميوار آهي ۽ چين پنهنجي علائقي جو هڪ انچ به ڀارت کي نه ڏيندو ان کان پوءِ ٻنھي ملڪن جي ڇڪتاڻ ٻيھر تيز ٿيندي نظر اچي ٿي. ھي ملاقات شنگھائي تعاون تنظيم جي دفاعي سربراهن جي گڏجاڻي جي موقعي تي ٿي ، جنهن ۾ چين ، ڀارت ، پاڪستان ، روس ، قزاڪستان ، ڪرغستان ، تاجڪستان ۽ ازبڪستان پڻ شامل ھيا.
تازو ئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا سرحدي مسئلي جي شدت سان متاثر ٿيا آهن ۽ ٻنهي دفاع واري وزيرن جو ھڪٻئي کي سامهون اڻ سنڌي طرح ڌمڪائڻ کان پوءِ ٻنھي ملڪن طرفان لداخ واري علائقي ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جون ڳالهيون پڻ گردش ۾ آهن. ھن خطي ۾ امن ۽ سلامتي ، اعتماد جي ماحول ، اختلافن جو پرامن حل ۽ بين الاقوامي قاعدن جي احترام جي شديد ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ھي مسئل صرف ٻن ايٽمي ملڪن جو نه پر ان ٻنھي ملڪن جي پاڙيسري ملڪن جو پڻ آهي ڀارت جي وزارت دفاع پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اجلاس ٻه ڪلاڪ ۽ 20 منٽن تائين جاري رکيو ويو جنهن مان وڌيڪ اھو مقصد نڪري ٿو ته ٻئي ملڪ ڳالهين جي موڊ ۾ ھئا. بهرحال ، هن ڪشيدگي جو ذميواري ته هندستان ئي آهي جنهن اڳ ۾ لداخ واري سرحدي علائقي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، ھي مسئلو ته رڳو دنيا جي ٻن ايٽمي ملڪن جو آھي پر صرف ھن ٻن ملڪن جي آبادي دنيا جي تقريبن 35 سيڪڙو آبادي آھي. وڏي آبادي وارن ملڪن جي وچ ۾ تڪرار 3،500 ڪلوميٽر سرحد اتر ۾ لداخ جي علائقي کان اوڀر واري رياست سکم تائين پکڙيل آهي. ٻنهي ملڪن جا هزارين فوجي ھن فوجي ميدان جنهن جي اوچائي 14000 فوٽن کان به مٿي آهي تي مقرر آهن. ھي خطو جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ ۽ چين اچي وڃي ٿو دنيا جي 42 سيڪڙو آبادي رکي ٿو. جڏھن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ٢ ملڪ ڀارت ۽ چين آمھون سامهون آهن. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سرحدي مسئلا ٿيندا آهن ۽ اھي مسئلا حل به ٿيندا آهن مگر ڀارت ۽ چين جو مسئلو حل ٿيڻ بدران سنجيده ٿيندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته گذريل ڏھاڪي کان چين جي ھن خطي ۾ وڌندڙ اثررسوخ نه صرف ڀارت کان برداشت نه پيو ٿئي بلڪه ان جي پويان آمريڪا جا مفاد پڻ آھن .
ان جي ابتڙ چين ھن خطي ۾ پنهنجو اقتصادي ۽ فوجي اثر وڌائڻ لاءِ خطي جي تقريبن پاڙيسري ملڪن سان واپاري ۽ دفاعي معاهدا ڪري چڪو آهي، خاص طور تي انهن ملڪن سان جنهن سان آمريڪا جا اختلاف آهن جيئن تازو ئي چين ۽ ايران جو اقتصادي معاھدو سامهون آيو جنهن سان چين جي ھن خطي تي وڌيڪ پڪڙ مضبوط ٿي آهي .ياد رھي ته ڪورونا جي وبا دوران آمريڪا جا چين سان اختلاف سامهون اچڻ کان پوءِ آمريڪي موقف جي حمايت نه ھجڻ ڪري آمريڪا اڪيلو رھجي چڪو آهي! جنهن جو چين ايران سان معاھدو ڪري آمريڪي اڪيلائي جو فائدو ورتو جڏهن ته آمريڪا چين جي ھن خطي ۾ بالادستي نه ٿو چاھي. آمريڪا طرفان چين جي ھر ان معاھدي جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي جنھن معاھدي ۾ ڀارت جي مرضي نه آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ڀارت جي سھڪار سان ھن خطي ۾ پنهنجي بالادستي چاھي ٿو ان مان ظاهر آهي ته هن سموري راند ۾ ڀارت پويان آمريڪا لڪل آھي.
حيرت جي ڳالهه اھا به آهي ته آمريڪي صدر ڀارت ۽ چين جي سرحدي تڪرار جي ٽياڪڙي جي آڇ پڻ ڪئي آهي ! آمريڪي صدر چين ۽ هندستان جي حوالي سان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا ته اسان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڀارت ھن آڇ کي ڪيئن ٿو ڏسي پر چين ڪو به اھڙو بيان جاري نه ڪيو آهي جنهن ۾ آمريڪا جي ھن آڇ کي ڀليڪار ڪئي ھجي . مسئلو صرف لداخ جي علائقي جو نه آهي پر چين ڀارت جي ٢ اھم اتر وارين رياستن جنهن ۾ اترکنڊ جو اتر وارو حصو ۽ ھماچل پرديش جو سرحدي علائقو اچي ٿو ان بابت به دعويٰ ڪئي آهي جنهن تي ڀارت ڪافي وقت کان قبضو ڪري ويٺو آهي.
ياد رھي ته ڀارت سياحت جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ھن علائقي مان ڪمائي ٿو ۽ ھاڻي ڀارت جي ھنن اھم سرحدي علائقن تي چين جي دعويٰ کان پوءِ يقينن سياحت تي اثر پوندا. ھن خطي ۾ ڪنهن به جارحيت جي ڪري دنيا جي تقريبن اڌ آبادي سماجي ۽ اقتصادي طور پوئتي پئجي ويندي جنهن جا اثر سموري دنيا لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *