تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

چين ايران معاھدو ۽ ھندي سمنڊ تي قبضي جا خواب

آمريڪا جي مسلسل پابندين کي خاموشي سان منهن ڏيڻ کان پوءِ ھڪ اھم خبر سامهون اچي وئي آهي ته چين ۽ ايران وچ ۾ ھڪ تمام وڏو اقتصادي معاھدو تقريبن ٿيڻ وارو آهي جنهن سان ھن خطي جي نه رڳو سياست تبديل ٿيندي بلڪي معاشي حالتون ۽ عالمي تعلقات پڻ تبديل ٿيندي نظر اچن ٿا. ٽرمپ انتظاميا جي عالمي سياست، جوهري ۽ فوجي مقصدن جي ڪري ايراني حڪومت کي الڳ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي پر آمريڪا جي اھا ڪوشش ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿي. ھن معاھدي ۾ چين ايران ۾ 400 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن ۾ بينڪاري، ٽيلي ڪميونيڪيشن ، بندرگاھه ، ريلوي ۽ ٻين منصوبن ۾ چين پنهنجو سرمايو لڳائيندو ھن معاھدي ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي ، سچ اھو آھي ته چين کي هن علائقي ۾ داخل ٿي ھندي سمنڊ تي قبضو گھربو ھو، جنهن ۾ چين ايران جي چونڊ ڪئي پر ھن قسم جي سوچ ڏهاڪن کان آمريڪا جو هڪ اسٽريٽجڪ خيال سان رهي آهي.
ھن معاھدي مطابق گڏيل تربيت ۽ مشقون ، گڏيل تحقيق ۽ هٿيارن جي ترقي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ واري معاھدي سان گڏوگڏ “دهشتگردي ، منشيات ۽ انساني سمگلنگ ۽ سرحد پار ڏوھن کي منهن ڏيڻ واري جنگ پڻ شامل آهي “. ھن قسم جي شيئرنگ پهرين چين جي اڳواڻ شي جن پنگ طرفان 2016ع ۾ ايران جي ھڪ دوري جي دوران پيش ڪئي وئي جنهن کان پوءِ صدر حسن روحاني ڪابينا کان جون ۾ منظوري ورتي. ھي خبر عام ٿيڻ کان پوءِ ايران ۾ وڏا بحث شروع ٿي ويا آهن ته ايران ھن معاھدي ۾ ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ ڇا ڏنو آهي. ياد رھي ته ھن قسم جي معاھدي جي ايران جي پارلياميٽ کان پڻ اجازت نه ورتي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايران اندر وڏا وڏا بحث پڻ ھلي رھيا آهن جنهن ۾ معاھدي جي مستقبل بابت خدشا ظاهر ڪيا وڃن ٿا. ھي معاھدو صدر بارڪ اوباما ۽ ڇهن ٻين قومن جي اڳواڻن طرفان ٻه سالن جي سخت ڳالهين ۽ 2015ع ۾ جوهري معاهدو ڇڏڻ کانپوءِ ايران خلاف ٽرمپ انتظاميا جي جارحاڻي پاليسي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي. نئين آمريڪي پابنديون ، بشمول ايران ۾ ڪاروبار ڪرڻ واري ڪنهن به ڪمپني جو بين الاقوامي بينڪنگ نظام تائين رسائي ختم ڪرڻ جو خطرو ، پرڏيهي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سخت ضرورت کان خوفزده ڪندي ايراني معيشت کي تنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو، پر ھاڻي واپاري طبقا آمريڪي پابندين کان ڪڏهن به خوفزده نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته چين جي ھن معاھدي کان پوءِ آمريڪي لڳل پابندين جي ڪا خاص اھميت نه رھندي. ڪجھه ڏينهن اڳ ايران جي اعليٰ معاشي صلاحڪار ، علي آغا محمدي ، سرڪاري ٽيليويزن تي تازو هڪ معاشي لائف لائن جي ضرورت تي بحث ڪندي چيو ته ايران کي انرجي مارڪيٽ ۾ زنده رهڻ لاءِ تيل جي پيداوار گهٽ ۾ گهٽ 8.5 ملين بيرل ڏهاڙي وڌائڻ جي ضرورت آهي ، جنهن لاءِ ايران کي چين جي ضرورت پوندي ! ان مان ظاهر آهي ته ايران جا چين سان اندروني طور رابطا رھيا جنهن ڪري ھن معاھدي جو اعلان ڪيو ويو. ايراني اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي حامين چيو آهي ته آمريڪا جي پابندين جو ڊگهو ٿيڻ جو امڪان ختم ٿيڻ باوجود چين سان اهو معاھدو لائف لائن فراهم ڪري سگهي ٿو.جنهن سان ايران ھن خطي ۾ معاشي طور طاقتور ملڪ ٿي اڀرندو. حقيقت ۾ ھي اھڙو وقت آهي جو دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن ايران کي آمريڪا جي خوف سبب اڪيلو ڪري ڇڏيو ھو ان ڏکي وقت ۾ ھي معاھدو آمريڪي سوچ مٿان ڄڻ ڪو ايٽمي بم ٿي ڪريو ھجي. “هن وقت سڀ رستا ايران لاءِ بند آهن.“ فريدون مئجليسي هڪ اڳوڻو سفارتڪار ۽ سفارتڪاري تي ايراني اخبارن جي ڪالمسٽ پنهنجي ھڪ ڪالم ۾ لکيو آهي ته ھن وقت صرف ۽ صرف ھڪ رستو کليل آهي جيڪو چين طرف وڃي ٿو پر ايران اندر سياسي دائري ۾ ڪجهه تنقيد ڪندڙن پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن ته حڪومت معاشي طور تي ڪمزور ۽ بين الاقوامي طور تي اڪيلي ھجڻ ڪري چين کي ملڪ وڪڻي ڇڏيو آهي. ھتي ھڪ ڳالھه اھم آهي ته چين اڳ ۾ ئي ھندي سمنڊ تي بندرگاهن جو هڪ سلسلو ٺاهي چڪو آهي ، ڏکڻ چين کان سوئيز ڪينال تائين ٻيهر اڏام ۽ انهن ۾ فيول جي سپلاءِ لاءِ ھڪ وڏو پليث فارم پڻ ٺاهي ورتو آهي جنهن کي ظاهري طور تي تجارتي بندرگاهن طور استعمال ڪيو ويندو پر انهن کي فوجي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو .
چين 2015ع ۾ جبوتي ۾ پهريون وڏو فوجي مرڪز کوليو ، جيڪو صوماليا جي ساحل کان ٻاهر بين الاقوامي عملن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي فوجن جي سهڪار لاءِ کوليو ويو ھي مرڪز جيڪو لاجسٽڪ بيس طور تي شروع ٿيو پر ھن وقت وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي پيو ۽ ھن مرڪز ۾ چيني فوجين جي چرپر پڻ محسوس ڪئي وڃي ٿي. چين ايران سان تجارتي سھڪار سان گڏ فوجي سهڪار پڻ وڌايو آهي. پيپلز لبريشن آرمي نيوي ايران جو دورو ڪيو ۽ فوجي مشقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا حصو ورتو ، ھي فوجي مشق 2014ع ۾ شروع ٿيون ۽ تازو گذريل ڊسمبر ۾ پڻ ھڪ مشق ڪئي وئي . ھنن مشقن کان پوءِ چين جي رياست جي زنوا نيوز ايجنسي ايران جي نيوي جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل حسينه خانزادي جي حوالي سان ٻڌايو ته ھنن مشقن کان پوءِ “خطي ۾ آمريڪي حملن جو دور ختم ٿي چڪو آهي”. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته ھي معاھدو قدرتي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ آهي. ايران دنيا جو سڀ کان گهڻو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ٿي چڪو آهي جنهن جي ضرورت دنيا محسوس ڪري ٿي.ٽرمپ انتظاميا 2018ع ۾ ايران تي پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪيون جنهن کان پوءِ ايران معاشي طور ڪمزور ٿيندو پئي ويو . چين پنهنجي ملڪ مان نڪرندڙ تيل مان تقريبن 75 سيڪڙو ضرورت پوري ڪري ٿو پو۽ به دنيا جو سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙ ملڪ آهي ڇاڪاڻ ته چين جو رھيل 25 سيڪڙو آبادي به ايتري گهڻي آھي جو اها ايران جي آبادي کان وڌيڪ آهي. هن وقت جڏهن آمريڪا ڪورونا وائرس جي مسئلي تي عالمي سطح تي گهڻو ڪري اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي ان وقت بيجنگ آمريڪي ڪمزوري کي محسوس ڪري ھن قسم جو معاھدو منظرعام تي آندو آهي ڪيو. ھن وقت اڪثر ملڪن جي ابتڙ چين اهو محسوس ڪري ٿو ته هو آمريڪا کي اڪيلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ آمريڪا پاران چيني ڪمپنيز تي لڳل پابندين کي برداشت ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو
ھن وقت چين ۽ ڀارت جو لداخ واري سرحدي پٽي تي سرحدي تڪرار ھلي رھيو آهي جيڪو اڃا تائين نبري ناهي سگهيو، جڏهن ته ھن قسم جي معاھدي ڀارت تي نفسياتي دٻاءُ پڻ وڌو آهي. ھن وقت چين ڀارت جي چئني پاسن کان پنهنجا اڏا مضبوط ڪري چڪو آهي
ھن معاھدي سان چين ھندي سمنڊ تي اڻ سڌو ڪنٽرول ڪري چڪو آهي جنهن سان ڀارت ۽ آمريڪا جو واپار جيڪو ھندي سمنڊ رستي ٿيندو ھو ھاڻ اھو خطري ۾ پئجي چڪو آٓهي.

Bookmark the permalink.

One Response to چين ايران معاھدو ۽ ھندي سمنڊ تي قبضي جا خواب

  1. ڏاڍو ڪارائتو مضمون جنهن ۾ ريجنل معاملن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. ڊاڪٽر صاحب لکندا رهو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *