تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر منصوبو ختم ڪرايو!

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ به گذريل ڏينهن چشما-جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ بابت ارسا پاران جاري ڪيل اين او سي تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري جي ڪنهن به دليل کي نه مڃيندي ارسا چيئرمين پاران سنڌ کي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ کڻي وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته پنجاب جي نمائندي پنهنجي ضد تي قائم رهندي بجلي گهر جي حمايت ڪئي آهي.
پهرين ڳالهه ته خود چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جي وهائڻ جي حوالي سان اڳ ئي اختلاف ۽ تڪرار موجود آهن، مٿان وري ارسا اها مهرباني ڪئي جو سنڌ جي تحفظات کي ٻڌڻ بدران چشما-جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي اجازت ڏئي ويتر ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. ڳالهه بنهه سادي آهي، هڪ ته اهو فلڊ ڪئنال آهي، جيڪو هلائڻو ئي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ هوندو آهي، هن وقت به انگن اکرن موجب اهو ڪئنال سال ۾ ڪڏهن 15، ڪڏهن 30 ڪڏهن 100 ڏينهن هلي ٿو. ته ان تي بجلي گهر ڪهڙي ريت فزيبل ٿي سگهي ٿو؟ ٻي ڳالهه ته ارسا اين او سي ۾ اهو واضح ڪري چڪي آهي ته اها بجلي گهر لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. هاڻ جيڪو ادارو پاڻيءَ فراهمي جو ذمو نٿو کڻي سگهي ته اهو اڏاوت جي اين او سي ڪيئن ٿو ڏئي سگهي؟ فرض ڪجي ته پنجاب بجلي گهر کي پنهنجي حصي مان پاڻي ڏيندو ته ان جي ضمانت ڪهڙي آهي ته هو پنهنجي حصي جو ئي پاڻي ڏيندو؟ جنهن بجلي گهر جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان ۾ ٽي ٽربائين لڳائڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو، هر ٽربائين کي اڍائي هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو، اهڙي ريت مجموعي طور ساڍا ست هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو، سنڌ جو سڀ کان وڏو نارا ڪئنال آهي، ان ۾ مشڪل سان 11 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويندو آهي ته هڪ بجلي گهر کي گهربل ننڍڙي سائيز جي درياهه جيترو پاڻي پنجاب آڻيندو ڪٿان؟ ظاهر آهي ته ان لاءِ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال مستقل طور وهائڻو پوندو جو بجلي گهر ڪو هفتي يا ڏهن ڏينهن لاءِ ته نه پيو لڳايو وڃي! سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪا پارٽي بجلي گهر لڳائي رهي آهي، جنهن کي اين او سي به جاري ڪئي وئي آهي، ان کي جيڪڏهن گهربل پاڻي نٿو ملي ته اها سڀاڻي عدالت ۾ به وڃي سگهي ٿي ۽ پاڻي فراهمي جي دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ رهي ڳالهه سي سي آءِ ۾ معاملو کڻي وڃڻ واري ته سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽئين مهيني طلب ڪرڻ آئيني گهرج آهي، اهو هڪ عرصي کان باوجود سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪيترائي خط لکڻ جي وفاقي حڪومت نه پئي سڏائي، ٻي ڳالهه ته سي سي آءِ ۾ ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڇڏي سمورا حڪومتي ميمبر آهن، ٽئين ڳالهه ته هي معاملو سنئون سڌو صوبائي هم آهنگي کي ڌڪ هڻڻ جو آهي، تنهنڪري ان ۾ وفاق سڌي مداخلت ڪري ان اين او سي کي ختم ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. جيڪڏهن ارسا اڳ ڪئنالن ۽ هيڊورڪس تي بجلي گهر اڏڻ جا اجازت ناما ڏئي چڪو آهي ته اهي غير تڪراري هنڌن تي آهن، هن وقت به بقول ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي جي 300 اهڙا هنڌ آهن جتي بجلي گهر اڏي سگهجن ٿا ته پوءِ تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي گنجائش آهي؟ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هي نهايت حساس معاملو آهي، سنڌ جا اعتراض جائز آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هي سنڌ جي پاڻيءَ تي هڪ وڌيڪ ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش آهي، ان بابت سنڌ اسيمبلي اڳ ئي اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت تي اعتبار ناهي ته پنهنجي ئي چونڊيل نمائندن کان پڇي وٺي ته انهن ڪهڙي بنيادن تي سي جي ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي مخالفت ڪئي آهي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *