تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

 چشما جهلم لنڪ جي پڇڙي تي پاور هائوس

سال 1960ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ-طاس معاهدي تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران ان وقت جي جنرل ايوب خان ۽ هندستان طرفان ان وقت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو انهيءَ تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي جون خاص ڳالهيون هن ريت هيون:
1- ٽي اڀرندا درياهه هندستان کي ڏنا ويا. اهي هئا ستلج، بياس ۽ راوي.
2- پاڪستان ۾ ٻه ڊيم ٺاهڻا پوندا هڪڙو تربيلا ڊيم، جيڪو سنڌو درياهه تي هوندو ۽ ٻيو منگلا ڊيم جيڪو جهلم درياهه تي هوندو. انهن ٻنهي ۾ اٽڪل 14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو.
3- اٺ لنڪ ڪئنال ٺاهيا ويندا جيڪي اولهندي درياهن ۽ اڀرندي درياهن کي پاڻي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ملائيندا. اهي هي آهن.
1- رسول قادر آباد لنڪ.
2- ڀمپا والا- راوي- بيديان- ديپالپور لنڪ
3- ٽمهون-سڌ نائي جيڪو چناب کي راوي درياهه سان ملائيندو.
4- سڌنائي- ميلسي- بهاول لنڪ
5- قادر آباد-بلوڪي جيڪو چناب درياهه کي راوي درياهه سان ملوڪي واري هنڌ ملائيندو.
6- بلوڪي. سليمانڪي لنڪ جيڪو راوي درياهه کي ستلج درياهه سان ملائيندو.
7- تونسا-پنجند لنڪ جيڪو سنڌو درياهه کي چناب درياهه سان ملائيندو.
4- چار نوان بيراج ٺاهبا جيڪي هن ريت هوندا.
1- سڌنائي بيراج راوي درياهه تي
2- قادر آباد بيراج چناب درياهه تي
3- رسول بيراج جهلم درياهه تي
4- چشما بيراج سنڌو درياهه تي
سنڌ-پنجاب وچ ۾ چشما-جهلم لنڪ ۽ تونسا-پنجند لنڪ جيڪي ٻئي سنڌو درياهه تي آهن پاڻي جي ورهاست جي لحاظ کان جهيڙي جو سبب آهن. پنجاب جو ارادو اهو آهي ته اهي ٻئي لنڪ هميشه وهندا رهن جڏهن ته سنڌ جو موقف اهو آهي ته اهي خاص حالتن ۾ هلن. معنيٰ جڏهن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي هجي ۽ سنڌ جي پاڻي جي گهرج پوري ٿي وڃي تڏهن اهي هلائي سگهجن ٿا. انهي ڏس ۾ ته پنجاب چاهي ٿو ته اهي سدائين هلن پنجاب وارن هڪ پاور ڪمپني کي انهي ڏس ۾ همٿايو جنهن انهي تي چشما-جهلم لنڪ تي هڪ بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ درخواست ارسا کي ڏني. جيڪا ارسا 4:1 اڪثريتي ووٽ سان منظور ڪئي. سنڌ جي ميمبر انهي تي اعراض ڪيو ته خاطري وارو پاڻي نه هجڻ ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پاور هائوس کي سدائين پاڻي ملندو رهي. وري نيپرا وارن انهي ڪمپني کي 44:30 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو لائسنس ڏنو. سنڌ وارن ٻنهي تي اعتراض ڪيو. سنڌ وارن نيپرا کي انهي لاءِ هيٺيان دليل ڏنا.
1- نه چشما-جهلم لنڪ هڪ سدا واهه آهي نه ٻوڏ واهه آهي. پاور هائوس کي سڄو سال پاڻي کپي پر ان تي سڄو سال خاطري وارو پاڻي ڪونهي.
2- 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ ان جو ڪو حصو ناهي.
3- ماضي ۽ حال ۾ اها سنڌ جي مخالفت باوجود هلائي وڃي ٿي. ارسا ڏي لکيل خط انهي جو ثبوت آهن.
4.چشما جهلم لنڪ ڪينال جي پڇڙي تي پاور هائوس ٺاهڻ انهي کي سدا واهه ۾ مٽائڻ جي ڪوشش آهي.
5- چشما جهلم لنڪ ڪينال کي انهي بنياد تي پاور هائوس تيل تي ٺاهيو ويندو سنڌ کي زبردست نقصان ڏيندو. خاص طرح سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ انهي جي حصي تي تمام گهڻو فرق پوندو.
6- پاور هائوس انهي ڪينال تي نٿو ٺهي سگهي جنهن ۾ خاطري وارو پاڻي ڪونهي.
7- صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي حصيداري پاڻي ٺاهه جي شق 14(R) ۾ اڳ ئي ٿيل آهي. ڏهن ڏينهن واري ورهاست ۾ چشما-جهلم لنڪ جو ڪو حصو ڪونهي. چشما جهلم لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي.
8- چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي سدا واهه ڪرڻ ڪري صوبائي محبت ۽ اخوت کي نقصان پهچندو جيڪا تمام خطرناڪ ڳالهه آهي.
9- چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي ڪڏهن به سدا واهه نه ڪري سگهبو جو اها هڪ اهڙي ضرورت هئي جنهن ۾ مقرر ٿيل پاڻي جو حصو ڪونهي. پاڻي تڏهن جهلم-چناب زون ۾ڏئي سگهبو جڏهن سنڌو درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي هجي ۽ سنڌ،خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جون گهرجون پوريون ٿي وڃن ۽ ڪوٽڙي بيراج کان به هيٺ ڊيلٽا جي گهرجن لاءِ به پاڻي ڇڏيو وڃي.
10- بجلي پيد ڪرڻ جي بهاني سنڌ کي سخت نقصان ٿيندو ۽ اهو پنهنجي جائز حصي کان محروم ٿي ويندو.
11- منگلا ڊيم کي چاليهه فوٽ مٿي ٿيڻ ڪري اهو ڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم ٿي ويو آهي ۽ ان جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 6.047 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي جڏهن ته تربيلا ڊيم جي گنجائش لٽجڻ کانپوءِ تقريبن 5.4 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي جنهن ڪري سنڌو درياهه مان چشما-جهلم لنڪ جي ذريعي پاڻي ٽرانسفر ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي جو جهلم-چناب سسٽم ۾ وڌيڪ پاڻي ٿي ويو آهي.
12- پنجاب صوبي ۾ ٻين هنڌن تي بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي پوءِ خبر ناهي ڇو اتي بجلي گهر ٺاهڻ جو چيو وڃي ٿو. انهي ڪري صوبائي سالميت ۽ ڀائيچاري جو نقصان ٿيندو جيڪا هڪ سٺي ڳالهه ناهي.
سنڌ طرفان نيپرا کي مٿين ڳالهين ڪري ۽ سنڌ جي اعتراض کانپوءِ نيپرا وارن انهي ڪمپني جو لائسنس رد ڪري ڇڏيو.
انهي ڪمپني وري ارسا کي 25 ميگاواٽ جو پاور هائوس چشما-جهلم لنڪ ڪينال جي ٽيل تي هڻڻ جي اجازت گهري جيڪا ارسا وارن 4:1 ووٽن سان اڪثريت بنياد تي منظور ڪئي. سنڌ وارن انهي ڪري اهو مامرو عام مفادن واري ڪائونسل وٽ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
انهي ڏس ۾ سنڌ حڪومت پنهنجو پيپر عام مفادن واري ڪائونسل کي موڪلي ڇڏيو آهي جنهن جون خاص ڳالهيون هن ريت آهن:
1- چشما جهلم لنڪ رڳو جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ هلي ٿو. پاور هائوس هلائڻ لاءِ اٽڪل 10 هزار ڊسچارج کپي جيڪا رڳو 30 ڏينهن لاءِ دستياب آهي سڄو سال پاور هائوس ڪيئن هلي سگهندو؟
2- ارسا اين او سي غلط ڏنو آهي. ان کي اهو ڏيڻ جو اختيار ئي ناهي جو پاڻي ٺاهه ۾ چشما-جهلم لنڪ لاءِ ڪو پاڻي رکيل ناهي.
3- ارسا جي ايڪٽ جي شق 8(1) ۾ ارسا جا پاور ۽ جوابداريون رڳو پاڻي جي ورهاست لاءِ آهن. ان کي اين او سي ڏيڻ جو ڪو اختيار ناهي.
4- ارسا ايڪٽ موجب ان کي اختيار آهي ته اڪثريتي بنياد تي فيصلو ڪري پر اڪثريت اين او سي تي لاڳو نٿو ٿي سگهي.
5- سنڌ اسيمبلي ارسا جي اين او سي ڏيڻ خلاف ٺاهه پاس ڪيو آهي.
6- سنڌ حڪومت مٿين ڳالهين ڪري ارسا جو اين او سي رد ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
عام مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي 23 ڊسمبر 2019ع ۾ ٿي جنهن ۾ هن ريت چيو ويو.
“عام مفادن واري ڪائونسل سنڌ جي موڪليل سمري تي ويچاريو ۽ فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه ٻي گڏجاڻي تائين ملتوي ڪئي وڃي. انهي لاءِ پاور ڊويزن انهيءَ مامري کي ڏسي ۽ عام مفادن جي ڪائونسل جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ پنهنجي رپورٽ ڏئي”
6 آگسٽ 2020ع واري گڏجاڻي ۾ عام مفادن واري ڪائونسل اهو مامرو وري رکيو. پر اخباري خبرن ۾ اها ڳالهه پڌري آهي ته انهيءَ بابت ڪا خبر نه آئي آهي. خبر ناهي اهو مامرو زير بحث آيو يا وري ٻي گڏجاڻي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *