تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڀِتيون

ڇا اوهان ڪڏهن ڀتين کي غور سان ڏٺو آهي؟ ڀتين مان مراد رڳو پنهنجي ڪمري جون نه پر ٻاهر شهر ۾، گهٽين جون ڀِتيون، ڪنهن چونڪ تي اڪيليون لاوارث ڀتيون، ڪنهن پريس ڪلب جي آسپاس جون ننڌڻڪيون ڀتيون؟؟
جيڪڏهن اوهان انهن ڀتين کي ڏسندا ته گهڻو ڪري اوهان کي اهي ڀتيون نظر ئي ڪونه اينديون. اتي اوهان کي ڪيئي اشتهار نظر ايندا. ڪيئي نعرا، ڪيئي هدايتون ڪيئي نصيحتون ۽ ڪٿي ڪٿي ته ذري گهٽ گاريون به!اصل ۾ ڇا آهي ته ڀتيون مزاحمت نه ڪنديون آهن. انڪري جو انهن کي هٿ پير، عقل دماغ وغيره وغيره اهڙو ڪجهه به نه هوندو آهي. هي جيڪو هڪ نه ٻيو اهو چوندو آهي ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن ته يقين ڄاڻو ته اهو به نسورو ڪوڙ آهي. ڀتين کي ڪن ڪونه ٿيندا آهن. اکيون، ڪن وات يا دماغ وغيره مان جيڪڏهن ڪا هڪ به شيءِ ڪنهن هڪ به ڀت کي هجي ها ته اها وڏي مزاحمت ڪري ها. پوءِ ڪنهن کي مجال ئي ڪونه ٿئي ها جو ڪنهن ڀت تي ان جي مرضي خلاف ڪو فيصلو مڙهي ها!
ڀتين تي هرڪو پنهنجا ئي فيصلا مڙهيندو آهي. هر ڪو پنهنجي مرضي هلائيندو آهي. جنهن جي مرضي، جيڪو به لکي وڃي، يا جيڪو به اڳ لکيل ڊاهي وڃي! ڀت ان کي ڪجهه نه چوندي آهي. ڀتين کي هرڪو پنهنجي ئي مقصد جي لاءِ استعمال ڪندو آهي سو به بنا پڇڻ ڪرڻ جي! ڀلا ڀتين کان پڇڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي.
ڀِتين کي ڏسڻ منهنجي پراڻي عادت آهي. آئون پنڌ هلندي، رڪشي تي يا فور سيٽر تي پٺيان لٽڪندي به آسپاس جون ڀتيون ننڍي هوندي کان پڙهندو رهيو آهيان. ان عادت جي ڪري ڪيئي ڀيرا ڪريو به آهيان ۽ نتيجي ۾ مٿو به ڦاٽو آهي پر آئون اناسو، سو اڃان تائين ان عادت کان مڙيو ڪونه آهيان. مون شهر جي ڀتين کي ڪيترائي هيرو رات پيٽ ۾ زيرو ٿيندي ڏٺا آهن ۽ ڪيترائي زيرو، اک ڇنڀ ۾ هيرو ٿيندي به ڏٺا آهن. مون صبح جو هڪڙي ڀت تي پڙهيو، “جاڙو خان زنده باد” ۽ شام وري ان ئي ڀت تي ان ئي جاءِ تي ڏٺم ته لکيو پيو هو، “جاڙو خان مرده باد!” ان ڏينهن مون ڏٺو، هڪڙي چونڪ تي هڪڙي ڀت تي ڪنهن نئين پيدا ٿيل ليڊر جو خوبصورت فوٽو لڳو پيو هو ۽ ان ئي ڏينهن واپسي ۾ جو ڏسان ته ان فوٽو تي هڪ وڏو پان ٿڪيو پيو هو!! سو چوڻ جو مقصد اهو ته ڀتين تي سدائين پرائي مرضي هلندي آهي.
هڪڙي ڪم واري ڳالهه اوهان کي اها به ٻڌايان ته آئون رڳو ڀتيون ئي پڙهندو آهيان. اخبار نه. ڀتيون پڙهڻ کان پوءِ گهڻي ڀاڱي اخبار پڙهڻ جي به ضرورت نه پوندي آهي. اوهان به ايئن ڪري پنهنجا پئسا بچائي سگهو ٿا.ڀتين تي نه رڳو اشتهار لڳائي سگهجن ٿا، پنهنجا من پسند نعرا لکي سگهجن ٿا پر اوهان ڏٺو هوندو ته ماڻهو بي ڌڙڪ ڀتين تي پان به ٿڪين ٿا، ڪي پيشاب به ڪن ٿا. اڪثر دڪاندار گند به ڀتين جي ڀر ۾ اڇلائي ويندا آهن. آئون اهو چوان ته به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته اسان جي سماج ۾ وڌ کان وڌ استعمال ۾ ايندڙ شيءَ جيڪڏهن آهي ته اها ڀت آهي! جيڪڏهن ڀتيون نه هجن ته اسان جي ملڪ ۾ وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو. شايد ملڪ جو هلڻ ئي محال ٿي پوي! جيڪڏهن ڪنهن غيرجانبدار اداري کان سروي ڪرائجي ته پتو پوندو ته اسان جو ملڪ هلي ئي ٻن شين تي ٿو. هڪ ڪاغذن تي ۽ ٻيو ڀتين تي! خير، ڪاغذن جي اهميت تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو. اڄ ڳالهه ڀتين جي هلندي.مون کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏاڏي مرحوم ڏوئي هڻندي چيو هو ته ڀت ۾ مٿو هڻندين ته رهندو مٿو ئي ڦاٽندئي باقي ورندئي سرندئي ڪجهه به ڪونه! تڏهن کان ئي آئون سمجهي ويو هئس ته ڀت سان مٿو هڻڻ اجايو آهي، مٿو فقط مٿي سان ئي هڻڻ سجايو آهي. ڀت ۾ مٿو ٿيندو ئي ناهي سو بهتر آهي ته پنهنجو مٿو ڦاٽڻ کان بچائجي.ها، سو ڀِتين جا فيصلا ڀتيون پاڻ نه ڪنديون آهن. ڀتيون سدائين پرائي مرضي تي هلنديون آهن. ڀتيون ڪڏهن مزاحمت نه ڪنديون آهن ڇاڪاڻ جو ڀتين کي اکيون، ڪن، وات ۽ دماغ وغيره ڪجهه نه ٿيندو آهي. پر اوهان کي ته الله جو ڏنو سڀڪجهه آهي، پوءِ اوهان ڇو خاموش آهيو؟؟ اوهان ته ڀتيون نه آهيو!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *