تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ٿر سارون  وسڪارون

اها سحر انگيز باک جنهن ۾  مورن جا ٽهوڪا موذن جي آذان جيان لڳي رهيا هيا ماڪ وڻن جي پنن تي وارن ۾ لڳل تيل جي تري جيان محسوس ٿي رهي آھي ان ويلي ڳئن جي چڙن جا آواز ڪنهن جاڳائيندڙ سڏن وانگي لڳي رهيا ھئا اها باک وٽ جي ڳوٺ ”ڪهڙي”جي هئي.
  ٿر ۾ مهراڻو، وٽ، ڍاٽ، سامروٽي ونگو،ڪنٺو ، کائڙ۽ پارڪر جا علائقا آھن مهراڻو، ڇاڇري  ۽ مٺي جي اولھه  ۽ عمرڪوٽ جي  ڏکڻ اولھه وارو حصو سڏجي ٿو  وٽ ،  ڏيپلي ۽ مٺي  جي ڏاکڻي ڀاڱي کي سڏجي ٿو  هن علائقي جو آخري حصو ڪڇ جي رڻ سان وڃي لڳي ٿو، هتي پاڻي تانگهو ٿئي ٿو. ڍاٽ، وري ٿر جي وچ وارو حصو آھي جڏھن ته سامروٽي مٺي جي ڏکڻ اولھه ۽ ڏيپلي جي اتر واري ڀاڱي کي چئجي ٿو. ونگو ، ڏيپلي جي اتر اولھه وارو حصو سڏجي ٿو. ڪنٺو، وري ڇاڇري جي ڏاکڻي ۽ ننگر پارڪر جي اتر واري ڀاڱي کي سڏجي ٿو. هن حصي ۾ ڀٽون ڪو نه آھن زمين پٿرائين ۽ ڪڪري واري آھي هن علائقي ۾  ڪارونجهر جون ٽڪريون  موجود آھن  منهنجي خيال ۾ آڳاٽي دور ۾ اهي علائقا راجائن پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ورهائي رکيا هئا، جيتوڻيڪ انهن علائقن جي فطري بيهڪ هڪجهڙي آھي  ماڻھن جي رهڻي ڪهڻي لباس ريتون رسمون لوڪ گيت هڪ جهڙا آھن البته گاهه ، وڻ ۽ ٻوٽن جا قسم ساري ٿر ۾ هڪجهڙا نه ٿا ملن. ڪجھه علائقن ۾  انهن گاهن ۽ وڻن جي گهڻائي آھي ته ڪٿي اهي وڻ ۽ گاهه بنھه ٿوري مقدار ۾ يا نه ھئڻ برابر آھن.  اها ڳالھه جعفر سميجي به ڪئي هئي جنهن وٽ ڳوٺ “ڪهڙي” ۾ اسين هڪ رات رهيا هئاسين، جعفر جيڪو اڌ عمر ته گذاري چڪو هو ليڪن هٺو ڪٺو لڳي رهيو هو. هن ٻڌايو ته هن هيل تائين مال جي چاري سانگي هزارين ميل پنڌ ڪيو آھي اڃان پيرن کي ڪيترو پنڌ ڪرڻو آھي ان جي ڪائي خبر نه آھي هن جي ڳالھه ڳالھه ۾ مزاح ھو جنهن ڪري هر ڳالھه تي ٽھڪ ڇڏائي ٿي ويو.  هن ٻڌايو ته ٿر ۾ ڪافي بلائون بنھه خطرناڪ آھن جن ۾ نانگن ۾ ڪونڀاريو، گورهيڙو، آڳھه، ٻه منهين،لنڊي،پيئڻ ۽ ٻيون بلائون اچي وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته لنڊي بلا جڏھن پوڙهي ٿي ويندي آھي ته آڳھه بلا جي صورت اختيار ڪندي  آھي جا  تمام ٿلهي ٿي ويندي آھي ۽ مشڪل سان هلي سگهندي آھي، ليڪن ڪونڀاريو نانگ رنگ جو ڳاڙهو ڀورو ۽ ڪنڌ تي وار ٿيندا اٿس هو ٽپ ڏيئي چڪ پائيندو آھي. آڳاٽي وقت ۾  ڪکيل ماڻھو جهاڙ رکڻ لاءِ ڀوپن وٽ ويندا هئا يا وري ڪنهن وٽ مڻ ھوندي هئي ته ان جي وسيلي زهر چوسائيندا هئا هاڻي ته اسپتالون موجود آهن ان ڪري هرڪو ماڻھو ڪکيل مريضن کي اسپتال پهچائي ٿو. انهن نانگن کانسواءِ ھڻ کڻ، وڇون۽ سوپيريون به زهريليون بلائون آھن جن جي ڏنگ سان ماڻھو جو موت واقع ٿئي ٿو.
جعفر اڌ رات اوندھه ۾ آسمان ڏانهن ڏسي سگريٽ دکايو ان مان ٻه ٽي ڪش ھڻي ٻيهر پنهنجي ڳالھه جاري رکي چيائين ته ٿر ۾ ڀٽن ۽ لڪن جا به نالا آھن جيئن جهرڪلي ، سامي ڀٽ، ماري  واري ڀٽ ، ٻانهياري، ڪوهياري، لوڻڪي ، ڌئونري ڀٽ، ڍوڪاڻي ڀٽ وغيره. لڪن ۾ ٿوهرن وارولڪ  گاڏي وارو  لڪ، اٺ  لڪ، مور  لڪ، ڪاسائي وارو لڪ وغيره، جعفر ٻڌايو ته ٿر جا ماڻھو هوا جي ڦير گير آسمان ۾ نڪرندڙن ڪڪرن جي رنگن ڳئن ۽ ٻڪرين جي اٿ ويھه مورن ۽ تاڙن جي ٻولين جي اندازن مان سمجهي ويندا آھن ته هاڻي برسات وسڻ واري آھي. يعني ٿري ماڻھن جو برسات بابت اندازو گهڻي قدر صحيح ٿيندو  آھي برسات نه پوڻ جي صورت ۾ ساٺ سنئوڻ ڪندا آھن  جيئن مندرن يا تلائن تي هون ڪرڻ،  مسجدن ۾ دعائون گهرڻ، ڏوجھه ڏيڻ  ،يعني مال جو کير ورهائڻ ٻاجهري۾ مٺو ڀت رڌڻ جنهن کي گگهريون چوندا آھن يا وري ڪورس جي انداز ۾ ڳوٺ جا ٻارڙاگهر گهر مان خيرات وٺندا “ڪارڙو ڪمارڙو ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي” چوندا ٻئي ڳوٺ ڏانهن پيا ويندا آھن ۽ آخر ۾ مٺو ڀت رڌي کائيندا آھن.
جعفر ٻڌايو ته مينهن جاڪيترائي قسم آھن جيئن دڙڪي وارو مينهن ،روهي وارو مينهن ۽ لري مينهن.  ٿورو مينهن وسي اوڪاڻو ته ان کي دڙڪي وارو مينهن چئبو آھي، گهاٽو مينهن وٺو ته ان کي روهي وارو مينهن چئبو ۽  هوا ۽ سيءَ وارو مينهن وٺو ته ان کي لري چئبو آھي.
ڀاڄين ۾مريئڙو، للر، پپون،کنڀيون،۽ ماماموري اچي وڃن ٿيون جعفر هڪڙو سگريٽ ڇڪي وري ٻيو سگريٽ دکايو۽ ڳالھه جاري رکي چيائين ته  هتي گاهن جا به ڪيترائي قسم آھن جن ۾ڀرٽ، لنب سيڻ ،ڳنڍير،  ڊڀ ،ڊامڻ ،چيهو ،وينجهل ،سائون ،ڪرنگھه ، ٻرو ،کوائي ،سيارڇ ،مکڻي ،مانڌاڻو ، ڏنوهي ،۽ ٻيا گاهه اچي وڃن ٿاهن ٻڌايو ته پارڪر جي علائقي جو گاهه طاقتور هجي ٿو ۽ اهو گاهه کائيندڙ جانور کير به وڌيڪ ڏئي ٿو.هن چيو ته هن مند ۾ اسان ڍور ڏينهن رات چاريندا آھيون فقط ڏھائي ويل ڍور وٿاڻ تي آڻيندا آھيون. ٿر ۾ ڳئون ۽ ٻڪريون وڏي تعداد ۾ پاليون وڃن ٿيون جڏھن ته اٺ ، رڍون ۽ مينهيون به ڪٿي ڪٿي پالجن ٿيون پر اهو مال ڏڪار جي سٽ سهي نه ٿو سگهي ۽ ٿر جي ماحول سان نه ٿو سهمت ڪري سگهي.  رات جو گهڻو حصو گذري چڪو هو ان کان اڳ ڪجهه دوست سمهي چڪا ھئا، جڏھن ته حيدر اڃان ويٺو هو حيدر ۽ جعفر جي پاڻ ۾ پراڻي واقفيت هئي تنهنڪري جعفر ٽيون سگريٽ دکائي حيدر جي پاسي ۾ وڃي ويٺو ۽حال احوال اورڻ لڳو ڪجھه دير کان پوءِ آئون به سمهڻ لڳس ته جعفر  هڪل ڪري چيو رات جي پوئين پهر ۾  ڪرڙ لڳندي آھي. آئون ان لفظ تي سوچي رهيو هوس ت  اها ڪرڙ ڇا  آھي  پاڻ چيائين ته واهوندي جي ٿڌي هوا کي ڪرڙ چئبو آھي جنهنڪري رلي مان سيءَ پوندو آھي. ٿر ۾ اولھه اتر ڪنڊ کان لڳندڙ ھوا کي ڪامھه به چئبو آھي. مون ڪاسبو ڳوٺ ۾ان شام ڪامھه محسوس ڪئي هئي، جڏھن ڪونجن جون قطارون ڏکڻ کان اتر شفق ۾ اڏامندي نظر آيونهيون ،اتي پپيهي نالي هڪ همراهه ٻڌايو هو ته سال جي نائين مهيني ڪونجون اتر وينديون آھن ۽نئين سال جي ٽئين مهيني واپس ڏکڻ  موٽنديون آھن. مون جڏھن هن کان پڇيو ته ڪونجن جي سونهن جي خاص  علامت ڪهڙي آھي ته هن ٻڌايو ته هن جي ڊگهي ڳچي ڏسندڙن کي موهيندي آھي. مون سامروٽي ۽ مهراڻي ۾ ڊگهين ڳچين واريون ڪامڻيون ڏٺيون هيون جيڪي ڏھرن ۾ بيٺل  فصلن ۾ ڪم گڏ ڪري رهيون هيون، هڪ نينگري جي مٿي تان هوا لڳڻ ڪري جڏهن پوتي لٿي هئي ته سندس ڊگهي ڳچي ڪيلي جي کل لٿل ڦار جيان محسوس ٿي رهي ھئي سندس ڳچي تي وارن جو وانگوڙو ايئن ٿي لڳو گويا پهاڙي تي پوئين رات جو چنڊ.
اسين جڏھن ڪهڙي کان  پارڪر ،ڪاسبو ۽ واپسي ۾ مختلف هنڌن کان ٿيندا عمر ڪوٽ تائين پهتاسين ته اهي سڀ منظر ايئن ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن مصور انهن کي وڏي محنت سان چٽيو آھي. اسين عمرڪوٽ جي قلعي تي پهتاسين  ته شام به دور اولھه ۾ لهي رهي هئي. ان وقت مون کي ايئن لڳو ته گويا زندگي جي ديوي رٺل مومل جيان روئي رڙي رهي آھي، وقت هليو ٿو وڃي ڪير جيئي ڪير مري.؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *