تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پ پ حڪومت جي سوديبازي سنڌ لاءِ مسئلا پيدا ڪندي

13آگسٽ 2020ع واري ڏينهن تي سينيٽ ۾ آئيني ماهر ميان رضا رباني تقرير ڪندي چيو آھي ته “ رياست سنڌ کي تقسيم ڪرڻ لاءِ پارٽي قائم ڪئي جيڪا ان جي ڪنٽرول کان نڪري وئي ” ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري جناح پور بنائڻ کان وٺي سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ايم ڪيو ايم جي نه رڳو ايجنڊا رهي آھي پر ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي ۾ سنڌ کي تقسيم ڪري ٻه صوبا قائم ڪرڻ جا آئين ۾ ترميم جا بل به جمع ڪرائيندي رهي آھي مسلسل سنڌ جي تقسيم لاءِ آئيني ترميم جا بل جمع ڪرائڻ باوجود ناڪامي ملڻ تي جڏهن ايم ڪيو ايم ان ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق چار کي محسوس ڪيو ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ جي هن ئي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ان شق کي ئي آئين مان خارج ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمي بل جمع ڪرائي ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم مٿي ڄاڻايل جنهن آئيني شق کي ختم ڪرائڻ چاهي ٿي ان شق ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته قومي اسيمبلي ،سينيٽ اگر ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ آئيني ترميم منظور به ڪري ڇڏي تڏهن به صدر پاڪستان ان آئيني ترميم جي منظور بل تي تيستائين صحي نه ڪندو جيستائين لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اهڙي ترميم بابت بل منظور نٿي ڪري سو ايم ڪيو ايم کي معلوم آھي ته سنڌ اسيمبلي مان سنڌ صوبي جي حدن ۾ تبديلي جو بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ٿيڻ ممڪن نه آهي جنهن ڪري ايم ڪيو ايم پنهنجي مقصد اڳيان رڪاوٽ نظر ايندڙ آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق چار ئي ختم ڪرڻ جو بل جمع ڪرائي ڇڏي.
سنڌ جي تقسيم جي ته ايم ڪيو ايم جو هر اڳواڻ فرض سمجهي هر پريس ڪانفرنس ۽ تقرير ۾ ڳالهه ڪندو رهيو آھ پر ڪراچي جي مسئلن بابت وفاقي حڪومت پاران اختيار ڪيل طريقيڪار حيران ڪن ان ڪري به آھي جو آئين ۾ وفاقي ۽ صوبائي اختيارن جي دائرو واضح ٿيل آھي آئين ۾ ان حوالي سان ليجسليٽو لسٽ پارٽ ون ۽ ليجسليٽو لسٽ پارٽ ٽو شامل آھي وفاقي حڪومت اگر صوبائي مامرن ۾ آئيني دائري کان نڪري مداخلت ڪري ٿي ته اها نه رڳو آئين جي خلاف ورزي آھي پر جڏهن صوبن جي اختيارن جو آئين به دفاع نه ڪري سگهي تڏهن صوبن ۽ انهن ۾ رهندڙ قومن کي ڪيئن احساس محرومي کان بچائي سگهبو ؟ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ ،ايم ڪيو ايم کي اسٽيڪ هولڊر تسليم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي قيام تي به اتفاق ڪيو ويو آھي اهڙو اتفاق ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه جي رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار جي دٻاءُ ۾ اچي ان ڪميٽي جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اهو آئين ۾ ڏنل اختيارن جي ڍانچي جا بکيا اڊيڙڻ برابر نه آھي آئين تحت ته صوبائي اسيمبلي ۾ جنهن به ڌر کي هڪ ميمبر جي به اڪثريت حاصل آھي ان کي ئي صوبي ۾ حڪمراني جو اختيار آھي ان ئي اصول تي پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ پيٽرياٽ ٺهرائڻ بعد به ظفرالله جمالي هڪ ووٽ جي اڪثريت سان وزير اعظم ٿي حڪمراني ڪئي هئي پوءِ پ پ ڇو دٻاءُ ۾ اچي انهن ڌرين جن کي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي تعداد تحت مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي انهن کي ڇو حڪمراني جي دائري ۾ ايندڙ مامرن ۾ حصيدار ڪري ان آئين جي خلاف ورزي ڪري رهي آھي جيڪو آئين پ پ جي باني چيئرمين ذوالفقار ڀٽو پاران منظور ڪرايو ويو هيو.
سوال هي به آھي ته پ پ دٻاءُ ۾ اچي هن وقت جيڪي مامرا ڪري رهي آھي اڳتي هلي وفاقي حڪومت ان کي پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مرضي وارو بلدياتي نظام آڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل منظور ڪرائڻ لاءِ چوي ته ڇا سنڌ حڪومت ان دٻاءُ کي به قبول ڪندي ڏسجي ته هن وقت کان ئي سنڌ حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جو مقصد به ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي مرضي جو بلدياتي قانون آڻڻ آھي جنهن بابت قانون جو وزير اظهار به ڪري چڪو آھي ۽ اهو به چئي چڪو آھي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي هدايتون ڏيندي اگر انهن تي غور نه ڪيو ويو ته مامرو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويندا سين .سنڌ حڪومت کان سوال آھي ته ڇا اها سياسي مجبورين ۽ دٻاءُ ۾ اچي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آھي ان سان ڇا جن سنڌ جي ماڻهن کيس مينڊيٽ ڏنو آھي ڇا ان سان انهن جي ته دل آزاري نه ٿي رهي آھي ان سوال تي سوچڻ سنڌ حڪومت جو فرض آھي ڇو ته سنڌ جي تقسيم يا سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ نظام سنڌ ۾ انتهائي حساس مامرو آھي.
سنڌ حڪومت وفاقي نمائيندن تي ٻڌل ڪورآرڊينيشن ڪاميٽي تي اتفاق ڪيو آھي ڇا پوري سنڌ ڪابينا، سنڌ ۾ هزارين آفيسرن تي ٻڌل سرڪاري مشينري جي ڍانچي کان اها ڪجهه رڪني ڪاميٽي بالاتر ۽ طاقتور آھي اهڙو ڪهڙو جادو وفاقي سرڪار ان ڪميٽي ذريعي ڪري ڏيکارڻ گهري ٿي ۽ سنڌ سرڪار سنڌ جي صوبائي اختيارن تي سمجهوتو ڇو ڪيو ان کي ڪهڙي مجبوري لاحق آھي.ان ڪميٽي تي اتفاق اسلام آباد ۾ ٺيڪ ان وقت ڪيو ويو جڏهن پ پ اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان ڪراچي تي قبضي خلاف احتجاج ڪري رهي هئي. سوال هي آھي ته ڇا واقعي پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم ، وفاقي سرڪار ۾ بي چيني ڪراچي جي مسئلن ڪري پيدا ٿيل آھي ؟ اگر مڃي به وٺجي ته مسئلو اهو ئي آھي تڏهن به سوال اهو آھي ته ان مامري کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ڇا انهن کي حل رڳو ان طرح ئي ڪري سگهجي ٿو ؟
سوال اهو به آھي ته جيئن ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڇا ڪراچي کان به هزارين ڀيرا وڌيڪ مسئلن جو شڪار سرائيڪي بيلٽ جي ضلعن يا ڪي پي جي قبائلي ضلعن ۾ ايئن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ٿي سگهن ٿيون ؟ منهنجي نظر ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي مسئلن جو فڪر نه پر پنهنجي ٻڏندڙ سياست جو اونو آھي اگر ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي ڪراچي واسين جي مسئلن جو درد هجي ها ته ايم ڪيو ايم جيڪا 80 جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي قيام کان اڄ تائين يا ته وفاقي يا ته صوبائي حڪومت جو حصو رهي آهي ايتري حڪومتي عرصي ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪرائي ڇڏي ها. ايم ڪيو ايم جو مسئلو اصل ۾ لساني سياست جي بنياد تي ڪراچي تي سياسي تسلط آھي سنڌ صوبو اهو صوبو آھي جيڪو ملڪ جي ڪل آمدني ۾ 80 سيڪڙو تائين آمدني ٽيڪسن جي صورت ۾ وفاق کي ڏئي ٿو ،گيس پيداوار ۾ 70 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو پر دلچسپ ڳالهه اها آھي ته ايم ڪيو ايم جيڪا پاڻ کي ڪراچي جي نمائينده جماعت چوي ٿي اها سنڌ حڪومت سان ته زيادتيون ڪرڻ تي مسلسل ڳالهائي رهي آھي پر ان ڪڏهن به ڪراچي پورٽ ڪري ملڪ جي سو سيڪڙو ايڪسپورٽ جو ذريعو بڻيل سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي مان هزارين ارب جي ٽيڪس وصولين مان رڳو ڪجهه سو اربن جو حصو ملڻ تي وفاق خلاف نه ڪڏهن ڳالهايو آھي نه ئي وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ تي وفاق پاران جوڳو حصو نه ملڻ تي وفاق خلاف ڪو احتجاج به ڪيو آھي. سوال هي آھي ته سڄي ملڪ جي شين کي ڪراچي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ آڻڻ جي بنياد تي ڇا وفاق کان سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر استعمال ٿيڻ جي مد ۾ ڪا رقم وٺي نٿي سگهجي ڇا جنهن وفاقي حڪومت کي ڪراچي جا مسئلا تمام گهڻو پريشان ڪري رهيا آھن ان وفاقي حڪومت کان وڌ ۾ وڌ ٽيڪس ڏيندڙ ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ ٽيڪس وصولين کي اين ايف سي تحت وسيلن جي ورڇ جو بنياد بنائڻ جو مطالبو نٿو ڪري سگهجي.
سوال هي به آھي سنڌ جي جائز حقن لاءِ ايم ڪيو ايم سميت سنڌ ۾ سياست ڪندڙ پارٽين جو موقف هڪ هجي ته ان کي ڪنهن لاءِ به نظر انداز ڪرڻ آسان نه هوندو پر اگر سنڌ جي جائز حقن بابت سنڌ جي سياسي پارٽين جو موقف هڪ ٻئي کان بلڪل به تضاد ۾ هوندو ته حقن جي حاصلات واري منزل تمام پري ٿيندي ويندي سو ڳالهه ٿي رهي هئي ڪراچي جي مسئلن جي ڇا لکن جي تعداد ۾ آباد ٿيل بنگالي، افغاني ،روهينگيا واسين جي آباد ٿيڻ تي ڪڏهن ايم ڪيو ايم گوڙ ڪيو آھي اگر انهن جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ کان ڊوميسائيل ٺهرائن جي ڪوششن ۾ ايم ڪيو ايم وارا شامل ٿين ٿا ته پوءِ پنهنجي ئي صوبي جي گادي واري شهر ۾ اچي آباد ٿيندڙ سنڌي ئي ايم ڪيو ايم کي ڇو ککي رهيا آهن ڪراچي کي گهٽ پاڻي جي فراهمي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي نظر اچي ٿي پر سالن کان سنڌ سان پاڻي تقسيم ۾ جيڪا سينا زوري ٿي رهي آھي ان تي خاموش جو روزو ڇو آھي ڪراچي جي بلدياتي ادارن کي رقم نه ملي ته گهوڙاڙي گهوڙا ٿي ٿئي پر سنڌ جي اين ايف سي جي حصي مان ڪٽوتي ته ٻه اکر به نه ڳالهائڻ جو مطلب ڇا آھي ايم ڪيو ايم جو مطلب ۽ مقصد ته واضح آھي پر سنڌ حڪومت جي سمجهوتن بابت ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو آھي ۽ اهي سمجهوتا ايندڙ وقت ۾ سنڌ لاءِ مسئلن جو بنياد نه ٿي وڃن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *