تازا ترين
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*

پ پ جي ضلعي صدارت لاءِ نئين ڊوڙ شروع

ان ڏينھن پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جو اڳوڻو صدر ۽ جھونو اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ اوچتو سجاول پھتو ۽ ھن تعلقي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري غني راھمون سان سندس گھر وڃي ملاقات ڪئي ۽ جتي ڪجھه سياسي ڪچھريون پڻ ٿيون ٺيڪ ساڳئي دوري دوران ارباب پ پ جي اڳوڻي تعلقي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي ويجھو سمجھيو ويندڙ موسيٰ لغاري سان پڻ ملاقات ڪئي، ارباب جي اھڙي دوري جون تصويرون اڃان سوشل ميڊيا جي اسڪرين تي ترندي منھنجي نظر مان گذري رھيون ھيون تيسين پ پ جي ھڪ سرگرم اڳواڻ فون ڪري چيو ته ارباب ھن وقت طبيعت ڪجھه بھتر نه ھجڻ باوجود اوچتو دوري تي نڪري پيو آھي ۽ مختلف ھنڌن تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي ان مان لڳي ٿو ته پ پ سجاول جي تنظيمي جوڙ جڪ ۾ وري ڪا تبديلي اچڻ واري آھي. ڳالھه دل سان لڳي ڪجھه سوچڻ بعد پ پ جي ھڪ ٻئي اڳواڻ سان رابطو ڪيم جنھن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي ضلعي صدارت لاءِ وري نئين ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي. اھا سڄي ضلعي جي ماڻھن کي ڄاڻ آھي ته ارباب وزير ان وقت به ضلعي صدر رھيو ھو جڏھن اڃان سجاول کي ضلعي جو درجو نه مليو ھو ۽ سجاول ٺٽي ۾ شامل ھو، ان بعد جڏھن سجاول کي ضلعو بنايو ويو ته ارباب وٽ ٻنھي ضلعن ٺٽي ۽ سجاول جي صدارتي واڳ ھئي، گھڻو عرصو ضلعي صدارت تي رھڻ دوران ھڪ وقت اھڙو به آيو جو سمورا تعلقي صدر ارباب جي برخلاف ٿي بيٺا ھئا ۽ ھنن قيادت آڏو احتجاج ڪري مطالبو ڪيو ھو ته ارباب کي ضلعي صدارت تان ھٽائي نئون ضلعي صدر آندو وڃي پر سندن مطالبي کي مڃتا نه ملي ھئي ۽ اربارب صدارتي مسند تي ويٺو رھيو. آخرڪار ڪجھه سال اڳ پ پ قيادت نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جو چئي نئون ضلعي صدر مقرر ڪرڻ لاءِ نثار کھڙو جي سربراھي ۾ وفد موڪلي ڪارڪنن کان راءِ ورتي تڏھن به ضلعي جي جيالن جي اڪثريت وري ارباب جي حق ۾ راءِ ڏني ھئي ته ضلعي صدارت لاءِ ارباب وزير ئي وڌيڪ موزون آھي. بحرحال قيادت ڪارڪنن جي راءِ کي پاسيرو رکي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ محمد علي ملڪاڻي کي ضلعي صدارت جي واڳ ڏني وئي ،جنھن بابت پ پ ذريعن جو چوڻ ھو ته ملڪاڻي کي ضلعي صدر بنائي ٽاسڪ ڏنو ويو ھو ته ھو ضلعي ۾ پارٽي اندر پيدا ٿيل ڌڙابندي ختم ڪرائي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ميڙي مٺ ڪري ھڪ ھنڌ گڏ ڪري پر ملڪاڻي کي صدارت ملڻ کان وٺي ھيستائين ڌڙابندي ختم نه ٿي سگھي آھي پر گذريل عام چونڊن دوران جڏھن پ پ قيادت قومي تڪ تي اياز شاھ شيرازي ۽ سجاول واري صوبائي تڪ تي شاھه حسين شيرازي کي ٽڪيٽون ڏنيون ۽ ھو چونڊ کٽي آيا ته ويتر پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا.
  ھن وقت سجاول ضلعي ۾ جيڪي سگھاريون سياسي ڌريون سرگرم آھن انھن مان دڙي جا ارباب پاڻ ۾ نٿا ٺھن، ڪارڪنن جو چوڻ آھي ته ارباب رميز ميمڻ ۽ ارباب وزير ميمڻ ھڪٻئي جا مخالف آھن ته ساڳي وقت ايم پي اي ھير سوھو، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري ۽ ملڪاڻي سئوٽ محمد علي ملڪاڻي ۽ غلام قادر ملڪاڻي ۽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين عثمان خان ملڪاڻي وري شيرازين سان اختلاف رکن ٿا، پ پ جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته ھڪ طرف لغاري، ملڪاڻي، سوھو ۽ ارباب رميز پاڻ ۾ متحد ٿي پارٽي قيادت کي ڪيترائي ڀيرا شيرازين جون شڪايتون ڪري چڪا آھن ته ٻئي طرف صرف شيرازين واري ڌر کي ايتري سرسي حاصل آھي جو سجاول ضلعي جا مک ضلعي آفيسر به شيرازين جي مرضي موجب ئي مقرر ۽ بدلي ڪيا وڃن ٿا، سياسي پنڊتن جو چوڻ آھي ته ظاھر آھي ته عام ووٽر جا ڪم ضلعي آفيسرن ۾ ئي ھوندا آھن سو جيڪڏھن ضلعي آفيسر شيرازين جي مرضي جا ھوندا ته عام ماڻھن جو لاڙو به شيرازين طرف ئي وڌيڪ ھوندو ۽ اھم ڳالھه اھا ته شيرازين واري ڌر به ملڪاڻين، سوھو ۽ لغارين ۽ ارباب رميز جي ڀيٽ ۾ ارباب وزير کي بھتر سمجھي ٿي جنھن جو اظھار شيرازي ايم اين اي به ڪري چڪو آھي، ھاڻي جڏھن مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿي رھيو آھي ۽ نئين بلدياتي چونڊ جا سانباھا ٿين پيا تڏھن سجاول جي پ پ اڳواڻن ۾ وڏي گڙٻڙ ۽ مخالفت پيدا ٿيڻ جو انديشو آھي، اھڙي صورتحال ۾ پ پ قيادت اھوئي چاھيندي ته اھڙو فيصلو ڪجي جو چونڊن ۾ پ پ کي فائدو حاصل ٿي سگھي ان ڪري اندازو آھي ته پ پ جو ضلعي صدر تبديل ڪري اھڙو نئون ضلعي صدر آندو ويندو جيڪو سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ جي صلاحيت رکندو ھجي ۽ چونڊن ۾ ڪنھن پريشاني کي منھن نه ڏيڻو پوي.   پ پ ذريعن جو چوڻ آھي ته ضلعي صدارت حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالستار لوھار، ريحانا لغاري، ملڪاڻي ۽ ارباب رميز پڻ ڪوششون ڪري رھيا آھن پر سياسي مبصرن جو چوڻ آھي ته ضلعي صدارت لاءِ ارباب وزير ميمڻ جا وڌيڪ امڪان ان ڪري آھن جو ارباب وزير جو نالو اچڻ سان ڪو به مقامي اڳواڻ ان تي اعتراض نه ڪندو ۽ سياسي مبصرن موجب ارباب وزير ۾ اھا صلاحيت آھي جو ھو سياسي جوڙ توڙ جو ماھر سمجھيو وڃي ٿو ۽ ھو شيرازين سميت سمورن اڳواڻن کي گڏ کڻي ھلڻ جو فن ڄاڻي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *