تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

“پڳ” تان ورهائجي ويل گهوٽڪي جا سرداري گھراڻا…!!

عام چونڊن جيان بلدياتي اليڪشن دوران ته گھوٽڪي ۾ “سياسي اتحاد” ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن، گھوٽڪي جي سياسي صورتحال به رڳو ان ڪري ئي صوبي جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ دلچسپ هوندي آهي ته اتان جي سردارن ۽ سياسي بنگلن ۾ “ ڏار” پوندي نظر ايندا آهن، ان ڪري برادريون توڙي اتان جا مقامي ماڻهو توڙي راڄ ڀاڳ امتحانن ۾ ئي هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڀاءُ جي سامهون ڀاءُ ۽ پيءُ جي سامهون پُٽ اليڪشن ۾ سندرا ٻڌي اچن ٿا..! برادري توڙي علائقائي ماڻهن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ته هو ڪنهن جي ڀر وٺي بيهن؟ عام چونڊون هجن يا بلدياتي اليڪشن هجي توڙي جو اها ڪجهه ئي مهينن جي سياسي راند هوندي آهي ۽ ان جا اثر ڊگھي عرصي تائين نه ٿا رهن پر “ سرداري پڳ” تي جيڪا گھوٽڪي ۾ هاڻوڪي صورتحال پيدا ٿي آهي اها صورتحال جيڪڏهن ويجھي کان ڏسجي ته غيرمعمولي ضرورآهي. هر گھر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، “قبيلائي پڳ” وارو معاملو وفاقي ۽ صوبائي سرڪار تائين ته وڃي پهتو آهي پر اتي مقامي سطح تي جيڪا صورتحال پيدا ٿيل آهي اها ويجھڙ جي ڏينهن ۾کڻي ڪو نقصان نه به کڻي اچي پر ان خدشي کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ڌرين ۾ “پڳ تڪرار” ڊگھي عرصي تائين هلي سگھي ٿو، جيڪو اصل ڇڪتاڻ وارين ڌرين کي نه ئي صحيح پر برادري جي ماڻهن کي وڏو نقصان رسائي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته گھوٽڪي ضلعي سميت اتر سنڌ واري ضلعن ۾ سرداري سسٽم وڏو طاقتور آهي. اتان جا ماڻهو سردارن جي اثر ۾ آهن ۽ سردارن جي چوڻ تي هڪ ٻئي خلاف تمام گھڻي حدتائين استعمال به ٿي سگھن ٿا، جنهن سان هڪ ٻئي جي مخالفن کي ٿيندڙ امڪاني نقصانن سان سردارن جي روح کي ته جھٽ پل لاءِ تسڪين ملندي پر ماڻهو سڌي ريت اهي سردار هر نقصان کان آجا ئي رهندا جن ۾ پڳ جو تڪرار شروع ٿيو آهي!گھوٽڪي ۾ مهر سردارن جو سياسي گھراڻو ويجھي ماضي ۾ ئي ٻين قبيلائي سردارن کان وڌيڪ منظم ان ڪري ئي ليکيو ويندو هو ته مهرن جو موجوده چيف سردار محمد بحمد بخش مهر ۽ سندس سوٽ علي گوهر مهر، مرحوم علي محمد مهر ۽ علي نواز مهر هڪ ئي صف ۾ بيٺل هوندا هئا. هڪ ٻئي جي ڪنهن به فيصلي ۾ پٺي نه ڏيندا هئا. برادري جي فيصلن سميت هر سياسي قدم به گڏيل صلاح مشوري سان ئي کڻندا هئا. سندن ٻڌي جي مقابلي ۾ ٻيا قبيلائي سردار اندروني طور تي هڪ ٻئي سان گڏ نه هوندا ان ڪري مهر خاندان سياسي ميدان تي فائدا حاصل ڪندو رهيو. پر هاڻي محمد بخش مهر پاران پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ڀرچونڊي جي گادي نشين ميان عبدالخالق جي پٽ ميان مجن کي ڏيڻ کان پوءِ محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر وچ ۾ هلندڙ سياسي اختلاف وڃي “پڳ” تائين پهتا آهن. گھوٽڪي ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال پيدا ٿيل آهي، اڄ علي گوهر مهر کي برادري جي چڱن مڙسن پاران پڳ ٻڌرائي ويندي، تياريون به آخري مرحلي ۾ آهن، پر ان پڳ واري تڪرار نه رڳو مهرن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو آهي پر گھوٽڪي جا سمورا سياسي۽ قبيلا گھراڻا ٻن ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. جيتوڻيڪ گادي واري پير ميان عبدالخالق سان اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو به باضابطه طور تي ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي پر هن علي گوهر مهر سان گڏ هجڻ جو اعلان ڪيو آهي، بوزدارقبيلي جو چيف سردار رحيم بخش بوزدار به ڪيئي ڏهاڪن تائين علي گوهر مهر جو ويجھو ساٿي ليکيو ويندو هو پر هاڻوڪي صورتحال ۾ رحيم بخش بوزدار پنهنجي ويجھي دوست سان گڏ بيهڻ بجاءِ محمد بخش مهر جي ڪئمپ ۾ويٺل نظر اچي پيو، جڏهن ته رحيم بخش بوزدار جو ڀاءُ مير چاڪر بوزدار وري پنهنجي ڀاءُ جي مخالف ڪئمپ يعني علي گوهر مهر سان گڏ آهي! پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير عبدالباري پتافي محمد بخش مهر جي پاسي ته وري سندس ڀاءُ هالار پتافي وري علي گوهر مهر سان گڏ آهي، مرحوم علي محمد مهر جو پٽ احمد علي مهر توڙي شڪارپور جي مهرن جي اڪثريت محمد بخش مهر جي ڪئمپ ۾ آهي ته وري روهڙي جا مهر علي گوهر مهر جي پاسي تي ويٺل آهن!
سياست ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ جڏهن مهرن جو سياسي گھراڻو “ٻه اڌ ” ٿيو آهي ته ان عمل سموري ضلعي جي نه رڳو راڄ ڀاڳ پر مختلف برادرين جي چڱن مڙسن توڙي سردارن کي به حصن ۾ورهائي ڇڏيو آهي. خاص طورتي ٻهراڙين ۾رهندڙ ماڻهو هن جديد دور ۾سرداري چنبي مان ٻاهر ناهن نڪري سگھيا، ان ڪري “مفادن” واري جنگ ۾ اهي ٻهراڙي جا ماڻهو به پاڻ کي جھيڙي جو حصو سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي ڪو ايترو فائدو به ناهي پر ان باوجود هو “پڳ تڪرار” ۾ پهرين صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. اڄ پڳ تبديلي لاءِ گھوٽڪي جي گوهر پئلس ۾ وڏي تقريب رٿيل آهي، قانون به حرڪت ۾ آيل آهي، ڏسون ته اها پڳ ڪهڙي انداز ۾ تبديل ٿيندي جيڪا هاڻوڪي پير پاڳاري پنهنجي هٿن سان محمد بخش مهر جي مٿي تي رکي هئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *