تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ جا پيرا

سڀ کان اول ٽي ڏينهن اڳ (27هين تاريخ) جي ٻن خبرن کي پڙهي وٺو. پهرين “بدين جي مختلف شاخن ۽ واهن کي گهارا، پنج ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ” ۽ ساڳي اخبار جي ٻين خبر “ بدين ۾ واهن ۽ شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف احتجاجي ريلي”. انهن ٻن خبرن مان ٻه سادا پر بظاهر هڪ ٻئي جي ابتڙ ۽ ضد وارا مطلب نڪرن ٿا. هڪ ته آبي نظام (درياهه) منجهه پاڻي گهڻو آهي جو ڳوٺ ۽ فصل ٻڏن ٿا، ٻيو اهو ته نظام ۾ پاڻي ڪونهي ۽ پڇڙي تائين نه ٿو پهچي. ڪهڙو مطلب درست ڪهڙو غلط؟ تضاد صرف سمجهه، فهم جو نه پر سادگي، اڻڄاڻائي يا ڀورائي جي ڀل جو به نتيجو هوندا آهن. هونئن نه ته ڳالهه هڪ هوندي آهي. شعور جي سادي صورت (حواس) اسانکي قدرت جي ڪثرت سمجهائيندي آهي ۽ شعور جي اسريل سطح (عقل) قدرت جي وحدت. “هيا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻيا ٿيا”. سو ٿورو غور ڪبو ته مٿين ٻنهي خبرن جا مطلب درست آهن. يعني نظام ۾ پاڻي گهڻو به آهي ۽ ڪونهي به. يعني پڇڙ جي ڀيٽ ۾ مهڙ وٽ پاڻي گهڻو آهي. ڇو ته مهڙ وٽ ، پڇڙ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقت آهي پاڻي روڪڻ ۽ چوري ڪرڻ جي. چين هندستان جو پاڻي روڪيندو ۽ هندستان پاڪستان جو، پاڪستان ۾ پنجاب سنڌ جو ۽ سنڌ ۾ مهڙ جي طاقت (جنهن کي هن مضمون جي آخري حصي ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي) ، پڇڙ جو پاڻي روڪيندي ۽ چوري ڪندي. جيئن ته سنڌ درياهه جي پڇڙ آهي تنهنڪري سنڌ جي پڇڙي جو آبادگار ۽ عوام ، پڇڙ جي به اها پڇڙي آهي جنهن کي ان سموري آبي نظام جي پاڻي روڪ ۽ چوريءَ جو آخري بار ايئن کڻڻو پئي ٿو. جيئن سماج جي سموري تشدد جو بار عورتن ۽ ٻارن تي پوندو آهي، جيئن هن ڌن واري دنيا جو ٻيو سمورو وهنوار آهي جنهن ۾ سماج جي سموري هوند ۽ سکن کي خلقي پوءِ ، پورهيت طبقو پاڻ وٽ صرف اڻهوند ۽ ڏکن کي پاليندو آهي. سنڌ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ جا پيرا کڻڻ کان اڳ ٿورو اڳ، حال جي حالت تي نظر وجهڻ ضروري آهي.
ان بابت سڪرنڊ ۽ بينظيرآباد ۾ پاڻي کوٽ خلاف جهيڙيندڙ هڪ سرگرم ساٿي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جو هاري سيڪريٽري ڪامريڊ فيض ڪيريو ٻڌائي ٿو ته “ سنڌ جي شاخن ۾ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب ڪيترائي علائقا خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. درياهه جي کاٻي پاسي روهڙي ڪينال ۽ نارا ڪينال جي شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب ٽنڊوالهيار، مٽياري، بينظيرآباد، سانگهڙ، ميرپور خاص، ۽ نوشهروفيروز ۾ آبادگار سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. درياهه جي ساڄي پاسي جي صورتحال پڻ ساڳي آهي. دادو ڪينال، ڌامراهه واهه ، رائيس ڪينال جي شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه آهي. جوهي، ميهڙ، فريدآباد ۽ نصيرآباد ۾ آبادگار ۽ هاري سراپا احتجاج آهن. جڏهن ته درياهه جي پڇڙ جا ضلعا بدين ٺٽو ۽سجاول پِڻ سالن تائين پاڻي کوٽ خلاف دانهيندا رهن ٿا. نه وسارجي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي پڻ سنڌ کي ملندڙ ڪل پاڻيءَ جو 3 سيڪڙو ملي ٿو ۽ ايئن ملڪ جو وڏو شهر به پاڻي کوٽ ۽ ٽينڪر مافيا جي ور چڙهيل آهي. پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ جا اثر اسان ڊيلٽا جي تباهي جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيون. هاڻ مٿي ڄاڻايل ضلعن ۽ علائقن جي زرعي معيشت سان لاڳاپيل سمورا ڌنڌا، ڪاروبار، آبي جيوت ۽ ماحول پڻ انتهائي خطري هيٺ آهن. درياهه جو پاڻي نه ملڻ سبب جر جو پاڻي کارو ٿي رهيو آهي گڏوگڏ زرخيز زمين ڪلراٺي ٿيندي وڃي ٿي. جر جي غير معياري پاڻي تي ٻي ٽي ايڪڙ پوکيندڙ ، وڌيڪ نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن سال غير معياري وونئڻ جي ٻج ۽ ماڪڙ اڳي ئي سخت نقصان رسايو آهي. بجلي جي بحران ۽ ڊيزل مهانگي ٿيڻ سبب حالت اهڙي آهي جو فصل جو خرچ به ناهي لهندو. بجلي ۽ ڊيزل سان گڏ ڪيميائي ڀاڻ جي ٻوري تي ڳاٽي ٽوڙ وياج غير معياري دوائن جا مسئلا، سڌي ريت گهڻي کان گهڻو پڇڙي جي ڪمزور آبادگار تي اثر ڇڏين ٿا. نتيجي طور ڪجهه علائقا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته وٽن فصل پوک کانسواءِ ٻيو روزگار ناهي.
سنڌ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ جا پيرا:
مضمون جي شروعات ۾ ڄاڻايل ٻن خبرن منجهان هڪ سادو تاثر اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿي گهارا ته ڪٿي پاڻي کوٽ جا مسئلا، مقامي يا علائقائي ۽ انتظامي نوعيت جا آهن پر ٿورو غور ڪري ڏسبو ته ان جا عمومي ۽ تاريخي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي سبب پڻ نظر ايندا. هڪ ته سنڌ کي پنهنجي حصي مان جهڙوڪ اڌو اڌ پاڻي گهٽ ٿو ملي. پوئين سال اها کوٽ 40 سيڪڙو هئي. هن سال اپريل مهيني ۾ وفاقي ادارن چيو ته خريف جي مند ۾ پاڻي کوٽ نه ٿيندي ۽ برساتن سبب صورتحال بهتر ٿيندي. پر نتيجو اهو آهي ته برساتن باوجود سموري سنڌ احتجاجن ۾ آهي. مٿان جيڪو پاڻي اچي ٿو تنهن منجهان منڍ جا وڏا زميندار سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي غير قانوني طور پاڻي کڻن ٿا. منڍ تي پاڻي جي غيرقانوني کڻت، غير قانوني پوک لاءِ آهي. ڪيلي ۽ سارين جو فصل گهڻي کان گهڻو پاڻي کڻن ٿا. هنن فصلن تي ڪجهه علائقن ۾ پابندي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جي ذميواري آهي ته اهڙن عملن کي روڪي پر ڪاغذي ڪارروائي کان سواءِ ڪجهه نه ٿو ٿئي. منڍ جي وڏن سياسي جاگيردارن ۽ زميندارن جي پير تي پير رکندي بنا ڪنهن سياسي پٺ ۽ اثر وارا ننڍا آبادگار به ماپ جا ماڊول ٽوڙين ٿا. لفٽ مشين زرعي پاڻي چوري، غير قانوني ماڊول، نولين ۽ ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ ذريعي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران آبپاشي کاتو هر هڪ واٽر تان لکين روپين جي رشوت وٺي ٿو. هي سلسلو سالن کان هلندي مضبوط صورت اختيار ڪري چڪو آهي. پڇڙي جي پاڻي جي ڌاڙي مان ڪروڙين روپين جي آمدني مختلف غالب طبقن، ادارن، گروهن ۽ فردن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. ايئن ساٿي فيض جي بقول ته “ آبپاشي عملي، زمينداري، سياسي سگهه ۽ ٻين رياستي ادارن جي ڌر بڻجڻ سبب شاخن جي منڍ تي هڪ خاص طاقت پيدا ٿي آهي.” جيڪڏهن پاڻ هاڻ ان طاقت (رياست ۽ سياسي جاگيرداريءَ جي اتحاد) جا پيرا کڻون ته اهي اسان کي بيٺڪي دور جي غلام سنڌ ڏانهن ويندي نظر ايندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌ جي قبضي يا پڇڙ ي ۾ پاڻي جي کوٽ جي سببن کي سمجهڻو آهي ته کيس بيٺڪي دور کان درياهه جي قبضي سان گڏ، ان عمل ۾ پيدا ڪري سگهاري بڻايل جاگيرداري کي سمجهڻو پوندو. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم ڪم طور، هڪ فرانسيسي محقق جو ڪتاب “جاگيردارن جي طاقت ۽ بيٺڪيتي سنڌ جي ٻهراڙي جو قرض. ليکڪ ڊيوڊ چيزمين” (Land lord power and rural indebtedness in Colonial Sindh 1865-1901 by David Cheesmen ) پڙهڻ جهڙو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ٻڌائي ته انگريز سامراج، سنڌ جي سياسي ، معاشي ۽ انتظامي قبضي لاءِ ڪهڙي ريت هڪ اڻ سڌي حڪمراني واري نظام (وڏي زمينداري ، وڏيراشاهي۽ جاگيرداري) کي لاڳو ڪيو هو ۽ جنهن جي ڪلهن تي چڙهي هو پاڻ بيهي سگهيا. جيئن تنهن وقت جي قاهره ۾ مقرر هڪ برطانوي سفير لارڊ ڪرومر چيو هو ته “اسان مصر تي حڪمراني نه پيا ڪريون اسان ته صرف مصر جي حڪمرانن تي حڪمراني پيا ڪريون”. مٿي ڄاڻايل ڪتاب جي آخري باب ۾ ليکڪ لکي ٿو ته “وڏيرا سنڌ جا حڪمران (گورنر) هيا، جن ذريعي برطانيا حڪمراني ڪئي ٿي. مطلب اهو مڃڻ آهي ته انهن حڪمرانن (جاگيردارن) کانسواءِ، وٽن (انگريزن وٽ) حڪمراني لاءِ ڪجهه ڪونه هو. جيڪڏهن وڏيرا (يا جاگيردار) گم ٿي ٿيا ته پوءِ ان سان گڏ سنڌ جي هاڻوڪي سياسي ۽ سماجي ڍانچي مٿان مڙهيل انتظامي ڍانچو پڻ گم ٿي ٿيو.” ورهاڱي کان اڳ ئي سرمائيداري ۽ هندو واپارين جي وڌندڙ معاشي طاقت سامهون اهو مردار طبقو مرڻ ڪنڌي تي پهچي چڪو هو پر ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ ۽ نئين رياست طرفان سياسي طاقت ملڻ سبب ان طبقي ۽ مرندڙ بيٺڪي رشتن کي جهڙوڪ نئون ساهه ملي ويو. اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ هاڻوڪي پاڻي کوٽ ۽ بدانتظامي جي پهرين ذميواري آبپاشي کاتي ۽ پي پي جي سنڌ حڪومت تي اچي ٿي پر پردي پٺيان اصل طاقت، حڪمران طبقي جي سمورين سياسي جماعتن، سول ۽ فوجي ڪاموراشاهي، ملڪ رياض ۽ تر جي جاگيردار جي سنگت ۾ ڪٿي لڪل آهي. سنڌ جي قومي ۽ عوامي سياست کي ان ڳٺ جوڙ تائين رسڻو پوندو. پڇڙي جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي ڇڙوڇڙ احتجاجن ۽ تحريڪن کي هڪ ڪرڻو پوندو (جنهن جا ڪنهن قدر امڪان هاڻي پيدا ٿي رهيا آهن) ڇاڪاڻ ته وڏا آبادگار ، آبي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ منجهان مستفيد ٿيندڙ ۽ ساڳي وقت درياهه تي وڌيڪ بندن ۽ وڏن ڊيمن جا حامي آهن. تنهن ڪري چونڊيل نمائيدن، جاگيردارن ۽ وڏن آبادگارن جي تنظيمن جي پوئيواري کي ڇڏي، لطيف جي ڳالهه وانگي ته “اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون” اسانجي ماڻهن کي پاڻ جهڙي پيڙهيلن ۽ پاڻي کوٽ جي عام متاثرن کي منظم ڪري انهن جي سرواڻي ۾ هلڻو پوندو. اهو جيڪڏهن ٿئي ٿو ته پوءِ ڪو سبب ڪونهي جو اسانجي تر ۽ پڇڙي جي علائقي ۾ پاڻي نه پهچي. باقي پنڌ ڊگهو آهي. چوندا آهن ته چانهه اوتري مٺي ٿيندي آهي جيتري کنڊ پوندي آهي سو جيڪڏهن سڀاڻي يا پرين جون سماجي حالتون عوام جي ٻين مظلوم پرتن (مزدورن، شاگردن ۽ عورتن) ۽ تحريڪن کي به هڪ ڪري ٿيون وٺن ته پوءِ ڪو عجب ڪونهي جو اسان يا اسانجا پونئر سنڌ ۽ سنڌو درياهه تان به حرامخورن جو قبضو ڇڏائي وٺن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *