تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پيپلزپارٽيءَ مان سنڌ دوستيءَ جي اميد نه رکو!

اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سميت معلومات جي ٻين جديد ۽ تيزترين ذريعن سموري دنيا کي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. دنياجي ڪهڙي به ڏورانهين ملڪ ۾ ٿيندڙ معمولي تبديلي کان وٺي ڪنهن وڏي انقلابي تبديلي تائين جيڪا به چرپر يا اٿل پٿل ٿئي ٿي ته اها ڪجھه سيڪنڊن ۽ منٽن اندر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ٿي. تنهنڪري اڄ جو ماڻهو گذريل زماني جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ باخبر، باشعور ۽ سمجھدار آهي. اهڙي طرح دنيا اندر ٿيندڙ تبديلين جا اثر لازمي طور تي سنڌ جي ماڻهن تي پون ٿا . هن وقت سنڌي ماڻهو به وڌندڙ تعليم، علم، عقل ۽ شعور جي بنياد تي اهو چڱي طرح سان ڄاڻي چڪا آهن ته جاگيرداري پس منظر رکندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ ڪڏهن به عملي طور تي سنڌ دوست ناهي رهي. پيپلزپارٽي پنهنجي جوهر ۾ سدائين موقعي پرست ۽ اقتدار پرست رهي آهي. سندن اها پراڻي روايت رهي آهي ته پيپلزپارٽي جڏهن به اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي يا مٿس اسلام آباد يا اسٽيبلشمينٽ ناراض هوندي اٿس ته سندس ڳالھه ٻولھه ۽ تقريرن ذريعي پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سنڌ دوست ۽ وڏي قومپرست پارٽي ثابت ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي. اهڙن موقعن تي قومپرست پارٽين سان اتحاد ڪرڻ ۾ به دير ناهي ڪندي. ماضي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي اوٻاوڙو ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ لڳل ڍرڻو يا مشرف جي آمريتي دور ۾ اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي سميت مختلف وقتن تي مختلف اتحادن ۽ عوام جي بي لوث محبتن ۽ قربانين کي انتهائي بيرحماڻا انداز ۾ ڏاڪڻ طور استعمال ڪندي پنهنجي لاءِ سهولتون ۽ مراعتون حاصل ڪندي اقتدار اعليٰ جي ايوانن تائين پهچندي رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي موجوده وفاقي حڪومتي دور جي پهرين ڏينهن کان وٺي پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت پاران صوبائي اختيارن ۾ مداخلت، ادارن جي مالڪي ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت مختلف مسئلن تي اختلاف رهندا اچن پيا. ان معاملي تي سنڌ حڪومت آل پارٽيزڪانفرنس ڪوٺائڻ سميت اخباري بيانن جي حد تائين احتجاج جا مختلف طريقا به استعمال ڪندي رهي آهي. پر، تازين برساتن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال واري مسئلي کي بنياد بڻائي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي هئي، ان تي نه صرف وفاقي حڪومت، پي ٽي آءِ سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم تمام وڏي هاءِ گھوڙا ڪئي، پر هن ملڪ جي سڀ کان وڏي اداري سپريم ڪورٽ به سنڌ حڪومت جي نالائقي تي کليل ۽ واضع رمارڪس ڏنا. جڏهن ته ان سموري صورتحال کي پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت وفاق ۽ ٻين مختلف ادارن جي سنڌ جي انتظامي معاملن ۽ آئيني اختيارن ۾ مداخلت جو نالو ڏئي سنڌي ماڻهن جي نظرن ۾ پاڻ کي سنڌ جي مجموعي مفادن جو نگهبان ۽ رکوال ثابت ڪري سندن همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوششن ڪندي رهي آهي. جيئن تازو ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ واري سازش تي پيپلزپارٽي توڙي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران سخت موقف اختيار ڪندي وفاق جي خلاف سخت ۽ دونهيندار بيان بازي ڪئي پئي وڃي. پر، اهڙن بيانن جو دونهون اڃان ختم ئي ڪو نه ٿيو آهي، جو ڪراچيءَ جي مسئلن کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ لاءِ رات پيٽ ۾ پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ اختيارن جي ورهاست جي بنياد تي اتحاد به جڙي ويو ته ٽنهي جماعتن تي مشتمل ڪميٽي به ٺهي وئي. جڏهن ته هڪڙي وزير موصوف جو کل جوڳو اهو بيان به پڙهڻ لاءِ ملي ويو ته “هن اتحاد مان ڪراچي جا دشمن خوش نه ٿيندا ۽ اهي ضرور مخالفت ڪندا”.!ٽنهي جماعتن جي موجوده اتحاد کان پوءِ هاڻي ان ڳالھه ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ يا گمان جي ضرورت ئي ناهي رهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي ماضيءَ جي سنڌ دشمن روايت کي برقرار رکندي سنڌي ماڻهن جي ووٽن، محبتن ۽ اعتماد جو سدائين جيان مراعتن جي عيوض سودو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽيءَ ۾ ويٺل موقعي پرست جاگيردار طبقي کي هر حال ۾ اقتدار، اختيار ۽ طاقت کپي، ان لاءِ هو ڪجھه به ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته اقتدار ۽ طاقت ان طبقي جي سدائين ڪمزوري رهي آهي. جيئن پاڻيءَ کانسواءِ مڇي گھڻي وقت تائين زنده ناهي رهي سگھندي، اهڙيءَ طرح جاگيردار طبقو به ڊگھي مدي تائين ٽڪراءَ يا اقتدار کان ٻاهر رهي ناهي سگھندو. هونئن به سنڌ جي سموري تاريخ ۾ جاگيردار طبقو سياسي بازار ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي وکر طور تي سدائين وڪامجندو رهيو آهي. ايوب کهڙو جيڪو سنڌ کان ڪراچي جي علحيدگي ۽ وفاق حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي پنهنجي وڏ وارت وڃائي ويٺو هو، پر ڊگھي مدي تائين ٽڪراءَ ۾ رهي پاڻ کي اقتدار کان ٻاهر رکي نه سگھيو. جنهنڪري سنڌ جي قومي تشخص خلاف ٺهندڙ ون يونٽ جي حمايت ڪندي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر نه هجڻ باوجود وزارت اعليٰ حاصل ڪري هميشه لاءِ سنڌ جو غدار بڻجي ويو. سندس ڪابينا ۾ پيرعلي محمد راشدي صوبائي وزير طور تي شامل هو. اهڙي ريت اڄوڪي پيپلزپارٽيءَ ۾ ويٺل جاگيردار طبقو به سنڌ حڪومت وڃائڻ، ڪرپشن جا ڪيس يا اقتدار ذريعي حاصل ڪيل آسائشون، مراعتون ۽ دٻدٻو ختم ٿيڻ جي خوف سبب، ڊگھي مدي تائين وفاق سان ٽڪراءَ ۾ رهڻ نٿو چاهي. ان ڪري وقتي طور تي سنڌ جي حقن، وسيلن، پاڻي ۽ ناڻي سميت ٻين اهم مسئلن تي هاءِ گھوڙا ڪري سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري ڪجھه وڌيڪ مراعتون ملڻ عيوض ڪنهن به قسم جي سوديبازي ڪرڻ ۾ گھڻي دير نٿو ڪري.
جڏهن ته طاقتور ڌرين جي گهڻي وقت کان اها ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن به طريقي سان سنڌ جي ناڻي، پاڻي، بندرگاھه ۽ ٻين وسيلن تي قبضو ڪجي. جڏهن ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين سازشين پويان به ساڳي ٿيوري ڪم ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم ۽ ٻين نسل پرست ٽولن کي ڪراچيءَ تي پنهنجي حاڪميت ۽ ڪنٽرول به قائم رکڻو آهي. هاڻي ان قبضي ۽ ڦرلٽ ۾ پي ٽي آءِ به پنهنجي حصيداري حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. انڪري ٽنهي قوتن جو مقصد ۽ گڏيل مفاد سنڌ جي وسيلن ۽ دولت تي قبضو ڪرڻ آهي. پر تعجب جي ڳالھه اها آهي ته ان سموري معاملي کان سنڌي عوام کي بيخبر رکي کين تمام وڏو دوکو ۽ تاريخي ويساھه گھاتي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سنڌ جي قومپرست جماعتن جو سگھارو نيٽ ورڪ ۽ درست رٿابندي نه هئڻ ڪري اهي اثرائتو ۽ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري سگھڻ کان لاچار آهن. اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو والي ۽ وارث سمجھندي وڏي ديده دليريءَ سان تاريخي ويساهه گھاتيون ۽ قومي جرم ڪندي رهي ٿي ۽ جيسيتائين ان جي رستا روڪ نه ڪبي تيسيتائين اهو سڀ ڪجھه ٿيندو رهندو. قومپرست پارلياماني پارٽين کي پ پ جي متبادل طور پاڻ کي اڳيان آڻڻ کپي. ان لاءِ کين منظم تنظيم ڪاري ۽ گھربل سنجيدگيءَ جي تمام گھڻي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته جيسيتائين هيٺين سطح تائين سگھارو تنظيمي نيٽ ورڪ نه هوندو يا عوام جي وڏي تعداد جي کين حمايت حاصل نه ٿيندي تيسيتائين گھربل نتيجا حاصل ڪرڻ ناممڪن آهن. باقي وفاق جي ٽيهتر ورهين جي ڊگھي تجربي ۽ پيپلزپارٽيءَ ۾ ويٺل موقعي پرست جاگيردار طبقي جي مسلسل ويساهه گھاتين کانپوءِ هاڻي اها ڳالھه صاف ۽ چٽي ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي سمورين غلامين ۽ ذلتن کان نجات جو واحد حل وفاق پرست سياست نه پر قومپرست سياست ۾ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *