تازا ترين
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

پيٽرول جون قيمتون ،عوام کي رليف ملڻ گهرجي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اهو انتظاميا جو اختيار آهي ته انهي ڪري عدالت انهي ۾ مداخلت نه ڪندي.ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ئي اوچتو حڪومت پيٽرول جي شين کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قائم اداري اوگرا جي سفارش کانسواءِ پيٽرول جي قيمت 25 رپيا 58 پئسا وڌائي ڇڏي هئي جنهن تي حڪومت خلاف شديد ردعمل آيو ۽ مخالف ڌر جي وڏين پارٽين نواز ليگ ،پيپلز پارٽي ۽ ٻين ان جي شديد مذمت ڪندي پيٽرول جا وڌايل اگهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو،جنهن کي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌڻ جو جواز ڄاڻائي اگهه واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
پيٽرول اهو اسم آهي جنهن جون قيمتون وڌڻ سان عام واهپي جي شين جون قيمتون به وڌي وينديون آهن جنهن ڪري عام ماڻهو جي روزمرهه جي زندگي شديد متاثر ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي آهي.ڪورونا ۽ سياسي مسئلن جو شڪار هاڻوڪي حڪومت جي سياسي ساک کي به پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي شديد ڌڪ هنيو آهي جنهن ڪري هاڻي اهڙي خبرون پيون اچن ته وزيراعظم عوامي ردعمل کي نظر ۾ رکندي پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شايد انهن اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان پيدا ٿي پوي، جنهن جو اشارو ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڏنو هو .ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو هيو ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتو ن وڌيون ته حڪومت وٽ گنجائش آهي ته پيٽروليم تي جيڪا ليوي اوڳاڙي پئي وڃي ان کي گهٽ ڪري قيمتون مناسب رکي سگهجن ٿيون ته جيئن عوام تي اضافي بار نه پوي ۽ ڪجهه رليف ملي سگهي،پر انهي انٽرويو جي ابتڙ ڪجهه ڏينهن بعد ئي اوچتو اوچتو مهينو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ اوگرا جي سفارش کانسواءِ ئي حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائي ڇڏيون هيون.
هن وقت به جيڪڏهن ڏسجي ته سيلز ٽيڪس ۽ پيٽروليم ليوي کي گڏائي عوام کان في ليٽر تي تقريبن 55 رپيا اوڳاڙيا پيا وڃن.جنهن جو مطلب ٿيو ته جيڪڏهن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ته ان وٽ گنجائش موجود آهي ته اها ليوي کي 10 کان 15 رپين تائين گهٽ ڪري عوام تان بار گهٽائي سگهي ٿي ۽ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان کائڻ پيئڻ جي شين کانسواءِ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۽ ڪاروبار جي ٻين مدن ۾ به ڪنهن حد تائين سستائي ٿي سگهي ٿي. پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ سان مارڪيٽ ۽ منڊي تائين زرعي جنسون ۽ سبزيون پهچائڻ تي جڏهن ڪرايو گهٽ لڳندو ته انهن سبزين جون قيمتون به پاڻمرادو گهٽجي وينديون جيڪي هن ڪورونا جهڙي ڏکئي وقت ۾ عام عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هونديون. اسان جي اڪثر عوام جي ڪم ڪار لاءِ عام سواري موٽر سائيڪل آهي جيڪا وڏي اڪثريت ۾ استعمال ٿئي ٿي .جتي ڪنهن ڪم لاءِ هڪ ماڻهو کي موٽر سائيڪل تي 50 روپيا خرچ ڪرڻو پوندو هو ،قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ اتي انهي کي 100 رپيا خرچ ڪرڻو پوي ٿو جيڪو عوام جي کيسي تي اضافي بار آهي.
اسان سمجهون ٿا ته جڏهن ڪورونا جي ڪري سڄو ملڪ هڪڙي ڏکيائي مان گذري رهيو آهي ،ننڍن ننڍن ڪاروبار کان وٺي عام دڪاندار ۽ پرائيويٽ ڪمپنين ۾ ملازمت ڪندڙن کان وٺي عام پورهيت پنهنجي گذرسفر لاءِ پريشان آهي ته انهي وقت ۾ حڪومت جو سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ ڪردار اهم ۽ ضروري آهي.جڏهن ناڻي وارو صلاحڪار پاڻ به اڳ ۾ اهڙي ڳالهه ڪري چڪو آهي ته پوءِ حڪومت کي بنا دير پيٽروليم ليوي مان اها گنجائش ڪڍي قيمتن کي هر حال ۾ گهٽائڻ گهرجي. جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي ڏئي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *