تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پيوٽن ۽ تاحيات حاڪميت جو حرص

روس جي 68 سالن جي صدر ولاديمير پيوٽن کي 6 ڏينهن جي ريفرينڊم جي شروعاتي نتيجن ۾ 75 سيڪڙو ووٽرن 2036ع تائين ملڪ جو صدر رهڻ لاءِ ووٽ ڏنوآهي. 20 سالن کان روس تي وزيراعظم ۽ صدر طور حڪمراني ڪندڙ پيوٽن هاڻي تڏهن رٽائر ٿيندو جڏهن سندس عمر 84 سال ٿيندي. ان سان سوويت يونين جي صدر برزنيف جو رڪارڊ به ٽٽي ويندو جيڪو 76 سالن جي عمر ۾ مرڻ تائين اقتدار ۾ رهيو هو. 21هين صدي جي جديد زماني ۾ نئين آمريت جو هي هڪ انوکو مثال آهي، جنهن جي ٻيا آمر به پوئلڳي ڪري سگهن ٿا.
جيتوڻيڪ ان ريفرينڊم ڪرائڻ جو مقصد آئيني سڌارا بيان ڪيو ويو هو پر انجو نعرو “اسانجو ملڪ، اسانجو آئين ۽ اسانجو فيصلو” هنيو ويو هو! پر اسانجي ملڪ، آئين ۽ فيصلي مان اهو مطلب ڪٿي ٿو نڪري ته هڪ شخص جيڪو ٻن ڏهاڪن کان اقتدار ۾ آهي سو وڌيڪ 16 سال سندن قيادت ڪري. اهو ايئن آهي جيئن 19 ڊسمبر 1984 تي جنرل ضياءَ پنهنجي آمراڻي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائي پڇيو هو ته “ڇا توهان صدر پاڪستان جنرل محمد ضياءُالحق پاران پاڪستان جي قانونن کي قرآن ۽ نبي سڳوري صلعم جي سنت موجب ڪرڻ ۽ نظرئي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جا حامي آهيو؟…جي ها ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو ته جنرل ضياءُ الحق وڌيڪ 5 سال ملڪ جو صدر رهندو.” MRD انجو بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ ٻه ڏينهن اڳ شناختي ڪارڊ جو شرط به ختم ڪيو ويو هو پر پوءِ به پولنگ اسٽيشنون سنسان هوندي پيتيون ڀريل نڪتيون. 1979ع ۾ گذاري ويل اسانجي مرحوم ڏاڏي جي نالي به ان ريفرينڊم ۾ ووٽ وڌل هو ڇو ته سندس نالو ووٽر لسٽ ۾ شامل هو.
سن 2018ع جي روسي صدارتي چونڊن ۾ به پيوٽن کي 75 سيڪڙو ووٽرن ٻيهر صدر چونڊيو هو. روس ۾ اڃان به سرڪاري سيڪٽر ۾ ڪافي ادارا آهن، انڪري سرڪاري ملازمن کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته هو پنهنجو ووٽ پيوٽن جي حق ۾ وجهڻ ضرور وڃن. ريفرينڊم کان هڪ ڏينهن اڳ 30 جون تي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ سوويت يونين جي فتح جي 75 هين سالگره ملهائيندي پيوٽن خطاب ڪندي چيو ته “اسان پنهنجي ملڪ کي تعليم ۽ صحت جو اهڙو جديد مرڪز ٺاهينداسون جتي سماجي تحفظ جو ڀروسي جوڳو نظام هجي ۽ سرڪارعوام ڏانهن جوابدار هجي.” پيوٽن تي ڪورونا سان بهتر نموني منهن نه ڏيڻ ڪري تنقيد ڪئي پئي وڃي ڇو ته عام مريضن سان گڏ ڪورونا کي دير سان تسليم ڪرڻ ڪري ڪافي ڊاڪٽر ۽ نرسون به موت جو شڪار ٿيا آهن.
روس جي مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني ريفرينڊم جي ابتدائي نتيجن کي رد ڪندي انکي جڙتو ريفرينڊم سڏيندي چيو آهي ته هر ماڻهون “نھ” تي ٺپو هنيو آهي پر حيرت آهي ته پوءِ به نتيجو “ها” ۾ آيو آهي، جيڪو وڏو ڪوڙ آهي. هن چيو ته پيوٽن ته ريفرينڊم کان پهريائين ئي هارائي چڪو هو ڇوته هن اهو قاعدن موجب ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو. آزاد مبصرن به ريفرينڊم ۾ پوندڙ ووٽن تي شڪ جو اظهار ڪيو آهي ۽ لينن جي مقبري جي سامهون سوين نوجوانن 18 صدي جي پٿرن تي ليٽي احتجاج طور پنهنجن جسمن سان 2036ع جو انگ ٺاهيو جن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ماسڪو جي مرڪز ۾ مشهور روسي شاعر جي نالي پويان ٺهيل پشڪن چوڪ تي سوين مظاهرين پلي ڪارڊ کڻي مظاهرو ڪيو جنهن تي لکيل هو ته “هميشه اسانجي قسمت ۾ پيوٽن؟”
پيوٽن، لينن گراڊ جنهنکي هاڻي اصل نالي پيٽرسبرگ سڏين ٿا، ۾ آڪٽوبر 1952 ع ۾ ڄائو. سندس ننڍپڻ ڏاڍو ڏکيو گذريو جو هو پاڙي جي وڏن ٻارن سان وڙهندي کانئن مار کائيندو رهندو هو، تنهنڪري کيس جوڊو ڪراٽي سکڻ جو شوق هو. لينن گراڊ جي گهٽين ۾ ان زماني جي ويڙهه کي ياد ڪندي پيوٽن چوندو رهندو آهي ته ان ويڙهه ۾ هن اهو سکيو ته کٽڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريون مڪو هڻي ڪڍجي! بعد ۾ هن جوڊو ڪراٽي ۾ بليڪ بيلٽ حاصل ڪيو. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ روسي جاسوسي فلمون شوق سان ڏسندو هو، انڪري لينن گراڊ جي ئي سرڪاري يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري وٺي 1975ع ۾ سوويت يونين جي جاسوسي کاتي KGB ۾ ڀرتي ٿيو جن پهريائين کيس يونيورسٽي ۾ ڊپٽي ڊين ڀرتي ڪرائي استادن ۽ شاگردن جي جاسوسي تي لڳايو ۽بعد ۾ پرڏيهي جاسوس طور کيس اوڀر جرمني موڪليو ويو ڇوته هو اسڪول جي وقت کان جرمن ٻولي ۾ مهارت رکندو هو. هو برلن وال ٽٽڻ کانپوءِ 1991ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي حيثيت ۾ واپس ماسڪو موٽي آيو ۽ رٽائر ٿي سياست ۾ داخل ٿيو . هو 1994ع ۾ سينٽ پيٽرسبرگ جو ڊپٽي ميئر ٿيو، 1998ع ۾ کيس ماسڪو گهرائي پهريان انتظاميا جو هيڊ ۽ بعد۾ تڏهوڪي روسي صدر ييلسن جي سرڪار ۾ سيڪيورٽي ڪائونسل جو چيف مقرر ڪيو ويو. ييلسن کيس ڊسمبر 1999ع ۾ عارضي وزيراعظم به مقرر ڪيو، بعد ۾ 2000 ع ۾ چونڊن ۾ هو پڪو وزيرعظم ٿي ويو ۽ تڏهن کان حڪومت جي واڳ سنڀاليندو آيو آهي. هن 9/11 بعد آمريڪي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي حمايت ڪئي پر عراق ۽ شام تي حمليُ جي خلاف هو. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته 2016ع جي صدارتي چونڊن ۾ هيلري ڪلنٽن کي هارائي ٽرمپ کي کٽائڻ ۾ سندس هٿ هو. هو هم جنس پرستي جي سخت خلاف آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته فقط عورت ۽ مرد ئي هڪٻئي سان شادي ڪري سگهن ٿا.ڪي مبصر چون ٿا ته انڪري به کيس ريفرينڊم ۾ ڪافي ووٽ مليا آهن جو روس ۾ اڃان تائين روايتي خانداني رشتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. 2014ع جي رشين اولمپڪس ۾ 51 ارب ڊالر خرچ ٿيڻ باوجود LGBT تي انساني حقن جي ادارن پاران تشويش سبب ڪافي ماڻهن انجي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو پر بعد ۾ پيوٽن وضاحت ڪندي اعلان ڪيو ته سوچي ۾ ٿيندڙ اولمپڪس ۾ هر هڪ کي پنهنجن خيالن موجب هر قسم جي آزادي هوندي. سندس شادي هڪ ايئرهوسٽس سان 1983ع ۾ ٿي پر 30 سالن جي شادي بعد ٻن ٻارن جي ماءَ پيءَ رضا خوشي سان هڪٻئي کي الودع ڪيو جو کيس سرڪاري مصروفيتن ڪري خاندان لاءِ وقت نه پئي مليو.
صدر پيوٽن جي شخصيت تي آمريڪا سميت دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين ۾ تحقيق هلي رهي آهي ته اسٽالن کان پوءِ هي ايڏو وڏو طاقتور ليڊر ڪيئن ٺهيو ۽ سندس نفسياتي جوڙجڪ ڇا آهي. سندس ملڪيتن بابت به ڪيئي انومان هلي رهيا آهن ته هن جون تيل جون ڪمپنيون ۽ ڪاري سمنڊ ڪناري محل ٺهيل آهي. آمريڪي سينيٽ ۾ شاهدي ڏيندي گذريل سال ٻڌايو ويو هو ته سندس ملڪيت 200 ارب ڊالرن تي مشتمل آهي. سندس نفسياتي تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پيوٽن حاوي ٿيندڙ، سخت محنتي ۽ پهنجي ڪم ۾ مهارت رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي جنهنکي ڊيڄاري نٿو سگهجي. هو خاموش طبع، اڪيلائي ۾ مزو ماڻيندڙ،حاضر دماغ، ٻين تي گهٽ اعتماد ڪندڙ پر ٻين جي ڳالھه ٻڌي کين راضي رکندڙ وڏن ارادن جو مالڪ آهي. کيس روسي، انگريزي، جرمن، سويڊش ۽ تاتاري ٻوليون اچن ٿيون.کيس آئس هاڪي، موٽر سائيڪل هلائڻ جو به شوق آهي.
جيتوڻيڪ پيوٽن جي حڪمراني ۾ اقتصادي سڌارا آڻڻ، آمدني توڙي نفعي تي ٽيڪس گهٽائڻ ۽ تيل گئس جي ذخيرن جي دريافت سبب معيشت بهتر، غربت گهٽي ۽ ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿيو آهي پر ڊگهي عرصي تائين هڪ حڪمران رھڻ ۽ پريس تي غير اعلانيل پابندين سبب شفافيت نه هئڻ سبب رشوت ۽ اقرباپروري پڻ وڌي آهي جنهنکي “پيوٽن ازم” جو نالو ڏنو پيو وڃي. بظاهر پارلياماني ووٽن سان چونڊيل جمهوري ڏيک ڏيندڙ حڪومت پويان اصل اقتدار تي “سلووڪي” قابض آهن جنهجي روسي زبان ۾ معنيٰ سول ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ آهي. اهڙين حڪومتن کي ميڊيڪل ۾ اسٽيرائڊ دوائن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪا مريض جي حالت ابتدا ۾ ته بهتر ڪندي آهي پر گهڻو وقت ڪتب آڻڻ سان جسم جي دفاعي نظام کي ناڪارا بڻائي ڇڏيندي آهي ڇوته مرض اندران ئي اندران وڌندو ويندوآهي، جنهنجي پروڙ دير سان پوندي آهي.
مينيجمينٽ جي دنيا ۾ هر ڪمپني جي سينئر فرد جنهن۾ CEO به شامل هوندو آهي، جي ذميدارين ۾ اها ڳالهه شامل هوندي آهي ته هو پنهنجو نعم البدل تيار ڪري۽ پاڻ ڪنهن نئين پوزيشن جي تياري وٺي. گهڻو عرصو ايئن نه ڪرڻ سبب کين بورڊس آف ڊائريڪٽرس پاران ڊسمس به ڪيوويندو آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ حڪومت، پارٽي، ڪمپني کي هلائڻ لاءِ تاحيات ليڊرشپ جي روايت آهي، جنهنڪري نعم البدل تيار نه ٿيڻ سبب ليڊر جي ابدي سفر ڏانهن روانگي جي صورت ۾ اهي ملڪ، پارٽيون ۽ ڪمپنيون بحران جي ور چڙهي وڃن ٿيون. هونئن
چارلس ڊيگال سان منسوب جڳ مشهور پهاڪو ته قبرستان انهن ماڻهن سان ڀريل آهي جيڪي سمجهندا هئا ته هنن کان سواءِ دنيا نٿي هلي سگهي. پر پوءِ به هر وڏي کي پنهنجي خاندان، ڪاروبار، پارٽي، ڪمپني ۽ ملڪ ۾ پنهنجو نعم البدل ٺاهڻ گهرجي.پيوٽن 2036ع تائين اقتدار ۾ رهي ٿو يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر پنوشي، شاهه ايران، مارڪوس، صدام ۽ ضياءَ جي تاحيات حڪمراني جا خواب سندن وفادارن ئي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. منجهند ٽاڪ جو نارنگي فون جي گهنٽي وڄڻ تي رسيور کيم ته پويان جنگ ۾ ان وقت ڪم ڪندڙ مشهور صحافي نذير لغاري جو آواز هو “ ضياءَ جو جهاز گم ٿي ويو آهي” ۽ هن رسيور رکي ڇڏيو. اهو 17 آگسٽ 1988ع جو ڏينهن هو ۽ تاحيات صدر رهندڙ جا خواب لنگڙي انبن سندس جسم سان ساڙي رک ڪري ڇڏيا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *